سنڌ سلامت جا ساٿيو اسلام عليڪم منهنجي ڪمپيوٽر سان هڪ مسئلو آهي ته وي وائرليس جي ذريعي جڏهن مان انٽرنيٽ ڪنيڪٽ ڪريان ٿو ته 5 يا 10 منٽن کان پوءِ هڪ ايرر ظاهر ٿئي ٿو جنهن کان پو نيٽ ڊس ڪنيڪٽ ٿيو وڃي ۽ ٻيهر جڏهن ڪمپيوٽر ري سٽارٽ ڪجي ٿو ته پو ئي ڪنيڪٽ ٿي سگهجي ٿو نه ته موڊيم بزي هجڻ جو پيغام اچي ٿو ادا ڪو حل ٻڌايو
السلام عليڪم ادا گل ادا اهن مسئلي جو سادو حل اهو آهي ته توهان ونڊوز ٻيهر ڪريو ڪنهن به اينٽي وائرس کان سسٽم کي اسڪين ڪرايو پو۽ وري جيڪو به توهان سافٽ ويئرس استعمال ڪندا آهيو اهي انسٽال ڪريو انشاءُالله توهان جو مسئلو حل ٿئي ويندو.shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
اسلام عليڪم ادا ادا اِهو مسئلو ڪجؓھ ڏينهن پهريان مونسان به ٿيو هو، مان پنهنجي ونڊوز به مٽائي پر ڪجھ به حاصل نه ٿيو، آخر مون اِن مسئلي جو حل ڪڍي ورتم، توهان پنهنجو وي وائرليس جو سيٽ مٽايو، ان کان پوءِ انشاالله توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو، يا اِن جو ٻيو به حل آهي ته توهان پنهنجي سيٽ تان هيلپ لائين وارن سان اِهو مسئلو شيئر ڪريو، ڇو جو اِهو مسئلو انهن جي سرور کان پيو اچي، مهرباني ادا
منهنجوجواب ادا گل لڳي ٿو توهان ادا عامر ۽ ڦلپوٽو فقير جي جواب مان مطمئن نه ٿيا آهيو.... جيڪر واقعي ائين آهي ته پوءِ منهنجي جواب کي هڪ دفعو آزمايو ۽ جواب ضرور موڪلجو... جيئن ته اسان مائڪروسافٽ ڪمپني جي جڳاڙي ونڊوز استعمال ڪندا آهيون ان ڪري اهڙا ايرر اڪثر سامهون اچن لڳي ٿو توهان وٽ ڪو طاقتور اينٽي وائرس پروگرام به انسٽال ٿيل نه آهي... بحرحال توهان ونڊوز واري ڊرائيو کي FAT32 جي بجاءِ NTFS تي فارميٽ ڪندا ڪريو.. جنهن سان اهو مسئلو ختم ٿي ويندو ... جي پوءِ به اها ساڳي صورتحال هجي ته هيٺ ڏنل مائڪرو سافٽ ونڊوز جي اپڊيٽ ڏيندڙ سائيٽ جي لنڪ تي وڃي لڳ ڀڳ 2 ميگا بائيٽ جو سافٽويئر ڪنهن طرح ڊائونلوڊ ڪريو ۽ انسٽال ڪري وٺو.... توهان جو مسئلو ختم ٿي ويندو.... سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو....