[JUSTIFY] اسان جو سياسي، سماجي، تعليمي ۽ اخلاقي نظام ڏينهون ڏينهن تباهه ٿيندو پيو وڃي، انهيءَ ڳالهه سان هاڻي ڪنهن کي به اختلاف ڪونهي. ان موضوع تي ڪافي ڪجهه لکيو به ويو آهي. روايتي طور تي ان جا ڪارڻ به ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ ان جي حل لاءِ به اوندهه واريون هٿوراڙيون هنيون ويون آهن. نوي جو سڄو ڏهاڪو انهيءَ گهوڙا گهوڙا ۾ گذريو آهي پر اصلاح احوال جي بجاءِ ان آڙاهه جا الا اڃا تيزيءَ سان ڀڙڪندا پيا وڃن، جنهن جي ڪناري تي اسان جي قوم جو هڪ حصو سرڪشيءَ سان بيٺو آهي ۽ هڪڙو حصو وائڙن وانگر. سنڌي سماج جو سياسي نظام ڊانوانڊول ٿيل آهي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ هن قوم جي ٻي ڪهڙي بدقسمتي ٿي سگهي ٿي جو هن کي ڪابه پنهنجي مضبوط پارٽي ڪانهي، جيڪا ان جي ڪيس کي مختلف فورمن تي وڙهي سگهي. اخلاقي نظام جي ابتريءَ جا روزانو ويهه پنجويهه واقعا اخبارن ۾ ڇهن ستن سالن جي معصوم ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کان وٺي گهر ۾ ويٺل پرديدار خواتين جي عصمت درين ۽ بي حرمتين جي خبرن جي صورت ۾ اسان جي اکين آڏو گذرن ٿا. اهي اخبارن ۾ آيل واقعا هڪ اولڙو آهن. اصل واقعن جو روزانو تعداد ڏهوڻ کان به وڌيڪ آهي، جيڪو شريف والدين ۽ سرپرست ناموس بچائڻ خاطر ڍَڪ جو ڍَڪ ۾ رهڻ ڏين ٿا. اهڙي طرح اسان جي تعليمي نظام جي ابتري ۽ بڇڙي حالت هينئر راز بنيل ڪونهي. يونيورسٽين تي قابض بدعنوان انتظاميه ۽ چند لوفر شاگردن جي ڪري تعليمي نظام ۾ خلل ۽ تعليم جو ڪريل معيار ته عالم آشڪار آهي ليڪن اتي اڪثر اکيون بگهڙ بنجڻ ۽ اڪثر ذهن شيطان جو مريد ٿيڻ لاءِ ڪيئن آتا آهن، ان جو هڪڙو سادو نظارو هڪ خط جي مضمون ۾ ڏسي سگهون ٿا، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ شاگردياڻي سنڌ جي هڪ اديب استادياڻيءَ کي لکيو آهي. ان خط پڙهڻ کان پوءِ اسان صورتحال جي سنگيني ۽ ان جي اصل ڪارڻ ۽ حل لاءِ ڪي گذارشون ڪنداسون. خط ۾ لکيل آهي: محترمه امر سنڌو صاحبه! ”مان، توهان کي ڪجهه لکڻ ٿي چاهيان، پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪٿان شروع ڪريان. مان دراصل ٻهراڙيءَ جي هڪ ڳوٺ سان تعلق رکان ٿي. ڳوٺ، جيڪي اڪثر توهان ٽي وي ڊرامن ۾ ڏٺا هوندا. منهنجو پيءُ ماستر آهي ۽ مان ان جي ٽيون نمبر ڌيءَ آهيان، اسان پنج ڀينرون آهيون ۽ اسان کي ڪوئي ڀاءُ ناهي. بابا جيتوڻيڪ ماستر هو پر انهن روايتي ماسترن کان گهڻو مختلف جيڪي رڳو پهرين تاريخ جي پگهار سان دلچسپي رکندا آهن. بابا اعلى تعليم يافته نه هئڻ باوجود ايترو شعور ضرور رکندو هو ته پنهنجي نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري. منهنجون مون کان ٻه وڏيون ڀينرون اٺين کان پوءِ وڌيڪ پڙهي نه سگهيون جو بابا جي ماستريءَ مان گهر هلائڻ ئي ڏکيو هو، تعليم جا خرچ ڪٿان اچن. پر منهنجي اٺين پاس ڪرڻ کان پوءِ بابا مون کي شهر جي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو جو هاڻ منهنجون ٻئي وڏيون ڀينرون به ڀرت ۽ ٽوپي جو پورهيو ڪنديون هيون. بابا، ڀينرن ۽ امان جي خواهش موجب مون کي ڊاڪٽر ٿيڻو هو پر ان وقت صرف ۽ صرف ليڪچرارن ۽ پروفيسرن جا ٻار ۽ ويجها مائٽ ئي ميڊيڪل لاءِ چونڊيا هئا. ميرٽ سندن ذهني قابليت نه پر اعلى سماجي رُتبو هو، هو مارڪن خريد ڪرڻ جي سگهه رکندا هئا. پروفيسرن ۽ ليڪچرارن جي انهن ٻارن کي به اسان ميڊيڪل ويندي ڏٺو، جن کي ميڊيڪل لفظ جي اسپيلنگ به نٿي آئي. امان، بابا ۽ ڀينرن جي خواهش جي بلڪل اُبتڙ مونکي ميڊيڪل ۾ داخلا ڪانه ملي. ان وچ ۾ بابا منهنجي ماستريءَ لاءِ ڪوشش ڪئي پر اُها به ڪانه ملي ۽ پوءِ مونکي بابا يونيورسٽيءَ موڪليو ۽ ائين مان ڄامشوري پهتيس. مون اخبارن ۾، رسالن ۾ پڙهيو هو ته ”ڄامشورو خوابن جي سرزمين، رومانس جي ڌرتي، ڇڙواڳ هوائون، آزاد فضا ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا؟ شروع شروع ۾ ته مون به ٻين گهڻن جيان ان تي يقين ڪري ورتو، پر جيئن ئي اسان جا ڪلاس ريگيولر ٿيا ته اسانجو سڄو ڏينهن ئي پڙهائي ۾ ويندو هو. سائنس فيڪلٽي جا شاگرد هئاسين سو سڄو ڏينهن Major ۽ Minor ڪلاسن پويان ڊوڙندي لنگهي ويندو هو. پهريون سيمسٽر مس گذريو ته پتو پيو ته ڄامشوري جا اصل رنگ ڪهڙا آهن، هتي ته ڄڻ وک وک تي ڪوڙڪي هئي، وک وک تي شڪاري هئا. وک وک تي مومل هئي، وک وک تي ڪاڪ هئي. سڀن سان پڄي ٿي پياسين. شاگردن جون بداخلاقيون، تڪيندڙ نگاهون، هوٽنگ جي نالي تي غير اخلاقي ريمارڪس ڏٺا اڻ ڏٺا، ٻُڌا اڻ ٻُڌا ڪري لنگهي ٿي وياسين. پر ڏڪڻي تڏهن وٺندي هئي، جڏهن ڪجهه اُستادن جي نالي ۾ ويٺل شڪارين سان ٿي واسطو پيو. عمر ۾ ڪي ڀائرن تي ڪي بابي جيڏا. پهرين مارڪون پروفيسرن ۽ ليڪچرارن جي ٻارن کي ۽ پئسن تي ٿي مليون ۽ هاڻي فقط ”سهڻين“ ۽ ”ٺهي ويندڙ“ شڪلين کي. هتي اڪثر ڪري گهٽ مارڪون ڏيڻ، فيل ڪرڻ، اُستادن جي ذاتي آفيسن ۾ نه وڃڻ، دير تائين اڪيلاپ ۾ ڪچهريون نه ڪرڻ جي ئي سزا هئي. اخلاق جا معيار پڙهيل ۽ سمجهايل معيارن کان گهڻا مختلف هئا. اسان، جن وٽ ايئر هوسٽس واري پروفيشنل مسڪراهٽ نه هئي سي سڀ سيڪنڊ ڪلاس ۾ ٿي پاس ٿياسين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ايترا به تنگ ڪيا وياسين جو انهن اُستادن کي مطلوبه ڪمپني نه ڏيئي سگهڻ ڪري پريڪٽيڪلن ۾ فيل ڪيا وياسين. اُستاد صاحبان شڪل و صورت کان ويندي پاتل ڪپڙن ۾ ميچنگ تي به کلي عام ڪلاس ۾ ئي ريمارڪس پيا ڏيندا هئا. پڙهائڻ ۾ Nil ۽ ڦاسائڻ ۾ ڀڙ! ڪيترائي استاد رکندڙ هي ڄامشورو، اسان لاءِ ڪڏهن آزاد هوا رکندڙ سرزمين ته نه بڻيو پر هڪ مسلسل جيئرو عذاب گهر بڻجي ويو. انهن ڪمپنين کان پاڻ بچايوسين ته امتحانن ۾ ماريا وياسين، شڪاري نگاهن کان بچايوسين ته پويان ڏنل ٽهڪن ۽ ريمارڪن سان ضربيا وياسين رڳو اُستادن تي ئي بس ڪونه، يونيورسٽيءَ ۾ ته ڄڻ رڳو شڪار ۽ شڪاري ٿي رهيا. جيڪو به بچي ٿي نڪتو ان کي سيڪنڊ ۽ ٿرڊ ڪلاس ۾ تعليمي ڊگريون، ڊپريشن، فرسٽريشن ۽ ٻيا ڪيترائي نفسياتي مسئلا واڌوءَ ۾ ٿي مليا. جيتوڻيڪ سڄي يونيورسٽيءَ ۾ ۽ اسانجي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ به ڪي سٺا، لائق ۽ بااخلاق استاد موجود هئا پر ان سڄي نظام ۾ انهن جو تعداد رتي برابر به نه هو. ساڳيو ئي حال تقريباً اسان جي هم ڪلاسي شاگردن جو هئو پر اتي ان قسم جي ذهني اذيت ان ڪري به محسوس ڪونه ٿيندي هئي جو سندن اسان جي مرضي کي پنهنجي ڪنهن به اختيار سان چيلينج ڪرڻ جو حق ڪونه هو. ان سڄي صورتحال ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي گهر وارن سان به ڄڻ نفرت ٿيڻ لڳندي هئي ته انهن اسان کي ڪهڙي آڙاهه ۾ اُڇليو آهي، جتي ان قسم جي استادن کي چئلينج ڪرڻ واري نه ڪا اٿارٽي آهي۽ نه ڪو اختيار. منهنجو هينئر فائنل سيمسٽر آهي، جيتوڻيڪ مان هاڻ جلد ئي Pass out ڪري هن اذيت گاهه کي خيرآباد ڪرڻ واري آهيان پر اُستادن جي انهيءَ رويي جي نتيجي ۾ مون کي سيڪنڊ ڪلاس ڊگري، نفسياتي مرض ۽ فرسٽريشن کانسواءِ ڪجهه به پلئه نه پوڻو آهي، جڏهن ته سماج جي بدلجندڙ اخلاقي روين ۾ اهو سڀڪجهه عام آهي. ڪنهن حد تائين ٻي ڌُر به ان سڄي ماحول جي پيداوار ۾ برابر جي شريڪ رهي آهي پر مان هتي صرف انهن ڇوڪرين جي ڳالهه ڪنديس جن جو اهو رستو ناهي، کين مارڪن ۽ سٺي رزلٽ جي پرڪشش آڇ جي پرواهه ناهي، پوءِ اُهي ان رستي تي نه هلي سگهڻ ڪري مختلف طريقن ۽ سازشن سان تنگ ڪيون ٿيون وڃن. ڇا، توهان جيڪي پنهنجو پاڻ کي وڏيون دانشور سڏرايو ٿيون، تن وٽ اسان جهڙن ضربيل روحن ۽ پريشان وجودن جي انهن مسئلن جو ڪو حل آهي؟؟“ خط جي اقتباس مان سنڌ جي هڪ نياڻيءَ جو درد ۽ ڪرب جنهن پيڙا سان اڀري سامهون اچي ٿو اهو اسان جي موجوده سوسائٽيءَ جو هڪ عڪس آهي. هڪ نياڻي جيترو ان صورتحال سان مهاڏو اٽڪائي سگهي ٿي، ان جي پنهنجي ويڙهه ۽ حوصلو آهي، ليڪن جيڪي نياڻيون اهڙو مهاڏو اٽڪائڻ جو حوصلو يا حالتون نٿيون رکي سگهن انهن سان اتي درد ۽ ڪرب جي حالت ڇا هوندي. اهڙين ڳالهين جو ٿورڙو تصور ڪري به انسانيت جون اکيون شرم کان جهڪي ٿيون وڃن. هي ڪرب ۽ هي درد اڳ ۾ سماج اندر آڱرين تي ڳڻجندڙ ماڻهن لاءِ هو ۽ هينئر آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ان کان بچيل آهن. ماڻهن جي زندگي هونئن ئي جهنم بڻيل آهي. روزگار جي مسئلي کان وٺي امن امان جي مسئلن تائين ۽ انصاف جي مسئلن کان وٺي عصمت جي مسئلن تائين، زندگي عذابن جو ڀنڊار بڻيل آهي. هينئر اسان جي ماڻهن لاءِ روزانو عذابن سان جيئڻ ۽ روزانو عذابن سان مري وڃڻ معمول جي ڳالهه آهي. هيءَ صورتحال آفريڪا يا آسٽريليا جي جهنگن ۾ نئين دريافت ٿيل ڪنهن قبيلي جي ناهي بلڪه اڄوڪي دنيا جي ”گلوبل وليج“ تي جاگرافيائي اهميت جي حامل اهڙي قوم جي آهي جنهن لاءِ وڏي فخر سان چيو ويندو آهي ته هن قوم جو سياسي شعور سموري ننڍي کنڊ جي قومن کان مٿاهون ۽ اتم آهي. اها قوم جنهن جي ادب لاءِ چيو ويندو آهي ته سڄي ننڍي کنڊ جي ادب جو ماسٽر پيس آهي. جنهن قوم جي اديب لاءِ چيو ويندو آهي ته مزاحمت جي خوبيءَ جو سج ان تي ئي لهندو آهي ۽ ان تي ئي چڙهندو آهي ۽ ٻيون به برتر ۽ اتم هئڻ جون ڪيتريون خوبيون سنڌي قوم جي کاتي ۾ ڳڻايون وينديون آهن. انهن مان ڪيتريون خوبيون بجا طور تي اسان جو شاندار ماضي آهن ليڪن اسان جو شرمناڪ حال اسان جي جنهن فڪري ويڳاڻپ جو نتيجوآهي، ان ۾ سنڌ جون نياڻيون هينئر اسان جي دانشورن کي جنجهوڙي کانئن پڇن ٿيون ته اوهان وٽ اسان جهڙين ضربيل روحن ۽ پريشان وجودن جي انهن مسئلن جو ڪو حل آهي؟ ساڳيو سوال اسان جي انهن خاموش نوجوانن جو به آهي جيڪي يونيورسٽين ۾ چند لوفرن جي لچاين ڪري پنهنجي سڄي تعليمي ڪيريئر کي يرغمال ٿيل سمجهن ٿا. اسان جي خيال ۾ اسان جي دانشور وٽ سنڌ ڄَايَن ۽ سنڌ ڄاوَن جي انهيءَ سوال جو ڪوبه مفيد جواب ڪونهي. انهيءَ ڪري جو هو ويجهڙائيءَ واري پوئين عرصي ۾ اميراڻي ۽ جعلي مڊل ڪلاس جي ماڻهن سان گڏ گهاريل زندگيءَ جي باري ۾ پنهنجا تصورات انهن سان سلهاڙي ويٺو آهي. هينئر سنڌ جي دانشور کي ڪنهن به اهڙي سوال جي حقيقي جواب ڏيڻ جي لاءِ هڪ ته پاڻ کي حاصل گهڻين مراعتن تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ انهيءَ جي لاءِ هو ذهني طور تي تيار ڪانهي، ٻيو هُن ۾ جرئت ڪونهي، ٽيون هن ۾ ايمانداري ڪونهي. انهن ٽنهي بدعتن پيدا ٿيڻ جو اصل ڪارڻ هي آهي ته اسانجو دانشور علم، حڪمت ۽ ڏاهپ جي بنيادي يعني خدا جي معرفت سان پنهنجو تعلق ڪٽي ويٺو آهي. اسان جي سموري تاريخ ۾ اسان جو عالم، اسان جو صوفي دانشور ۽ ڏاهو اسان جو سماجي مسيحا بڻيل رهيو آهي، ان ڪري جو هو خدا سان پڪي نسبت رکندو هو ۽ هينئر اسان جي بدقسمتي هيءَ آهي جو اسان جا ٽي چار نسل گذريل ٽيهن چاليهن سالن ۾ ڪن نالي چڙهيل دانشورن ۽ قلمڪارن جي تحريرن جي اثر ۾ خدا کان ويڳاڻا بنجي چڪا آهن. بدقسمتيءَ سان اسان جو اڻ پڙهيل طبقو جاهل ملن، پيرن ۽ ڀوتارن جي ور چڙهيل آهي ۽ پڙهيل طبقي جو سماج تي اثر انداز ٿيندڙ اهو وڏو حصو خدا کي ملان جو مسئلو سمجهي ٿو. خدا کان اسان جي اها بيگانگي يا ويڳاڻپ اسان کي ٻوڙي رهي آهي ۽ ان سان اسان جي ڪرب، تڪليفن ۽ عذابن ۾ روز بروز اضافو ٿيندو پيو وڃي. خدا جيڪو پيار ئي پيار آهي، جيڪو ڌرتيءَ تي انسانذات جي ڀلائيءَ جو هر وقت اونو رکي ٿو، جيڪو انسان جي ويڳاڻپ تي ميار ڏئي ٿو ته ”اي انسان! ڪهڙي شيءِ توکي پنهنجي مهربان پالڻهار کان وسيلو بڻائي ڇڏيو آهي.“ خدا، جنهن جو ڌرتيءَ جي مٿان قومن سان واعدو آهي ته انساني ذميدارين کڻڻ جي اهليت پيدا ڪرڻ تي ضرور ضرور آءٌ اوهان کي ڌرتيءَ تي وقار سان جياپي ۽ حڪمرانيءَ جو حق ڏيندس. هن مرحلي تي جڏهن اسان اسباب جي دنيا ۾ سڀ فڪري تجربا ڪري نيست ٿي سياست کان وٺي اخلاقيات جي شعبن تائين بي واٽا ۽ اسونهان ٿي چڪا آهيون. ان وقت اسان هيڪر وري خدا کان پنهنجي ويسلائي ختم ڪري پنهنجي صوفي بزرگن جي نقش قدم تي خدا سان تعلق جوڙي وٺون ته اسان جي ٻيهر اُڀار جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ هن سموري فڪري بحران جو اهو ئي اڪيلو حل آهي. اسان جي سياست ۾ دوکيبازين، اسان جي سماجيات ۾ بي مقصديت، اسان جي معاشرت ۾ ابتري، اسان جي تعليمي نظام ۾ خرابين ۽ اسانجي اخلاقي نظام جي ڏيوالپڻي جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته اسين خدا سان تعلق جي معاملي ۾ به پرمتڙيا رهيا آهيون. ايڏي خطرناڪ ڀُل جي ازالي لاءِ ضروري آهي ته اسان هڪ ذات جا وفادار ٿي ان جي مخلوق سان ڀلاين جا ذميدار بڻجون ۽ پوءِ انهن فرضن ۾ ڪوتاهين تي پنهنجي پوري شعور ۽ عقيدي سان ان جي سامهون پاڻ کي جوابدار سمجهندي انهن ڪوتاهين جو ازالو ڪريون. اهڙي طرح جيڪڏهن اسان جي سڄي فڪر جو محرڪ خدا، انسان ۽ ڌرتي بڻجي پوي ته پوءِ اسان جا پڪ سان ٻيڙا پار آهن. ڌرتيءَ جي مٿان انسانن جي ڀلي جو ڪوبه فڪر خدا جي معرفت جي شعور کانسواءِ ڪڏهن به پائيدار نٿو بڻجي سگهي. اهو هڪ اهڙو ٽڪنڊو آهي، جنهن مان جيڪڏهن هڪ ڪنڊي نڪري وڃي ته صرف ليڪ وڃي بيهندي. انهيءَ ڪري جڏهن ڪنهن به فڪر جي تشڪيل لاءِ انهن ٽنهي جي ميلاپ کانسواءِ ڪو چارو ڪونهي، ته پوءِ اسان کي پنهنجي ڪوتاهين جو ازالو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي فڪري بنيادن ۾ خدا جي تعلق کي ائين بنيادي اهميت ڏيڻي پوندي جيئن اسان جي هڪ هزار سالن جي ماضيءَ ۾ اسان جي عالمن ۽ صوفين ان کي اهميت ڏني آهي. هي اسان جي خوشبختي آهي جو اسان وٽ روشن خيال عالمن ۽ صوفين جون علمي ۽ تحريڪي ڪوششون موجود آهن، جن جي روشنيءَ ۾ اسان ڪنهن به قدامت پرستيءَ جو شڪار ٿيڻ کانسواءِ جديد دور جي تقاضائن پٽاندر اهڙي فڪري تشڪيل ڪري سگهون ٿا، جنهن ۾ دنيا جي چڱاين ۽ خوبصورتين جو فلاح ڀريو نظام به ماڻي وٺون ۽ پنهنجي آخرت سجائي ڪرڻ جو سامان به جوڙي وٺون. (”سنڌ فورم“ جون 1999ع) [/JUSTIFY]