[justify]سنڌ جي ويجهڙائيءَ واري صورتحال سڀني وطن دوست ۽ دردمند ماڻهن جي لاءِ ڏکائندڙ آهي. سنڌ جي معيشت، سنڌ جي تعليم، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ اخلاقي قدرن جي لتاڙ، اهي سڀ ڳالهيون صورتحال جي سنگينيءَ جو گهنڊ وڄائينديون رهن ٿيون ۽ اسين آهيون جو ڪنن کي آڱريون ڏيئي پاڻ کي مطمئن رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ٿا. پاڻ کي مطمئن رکڻ جي لاءِ به اسان جا عجيب اڍنگا طريقا آهن. هڪ طريقو هيءَ آهي ته پاڻ ڪجهه نه ڪريون ۽ ٻين جي ڪمن تي ڀرپور تنقيد ڪريون. انهن جي گلاخوري ڪريون، انهن جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهون ۽ تيستائين آرام سان نه ويهون جيستائين ٻئي جي ڪم ۾ ڀنڊڻي نه پوي. انهيءَ ڪري جو ٻئي جو ڪم اسان جون پنهنجون بي عمليون وائکيون ٿو ڪري. اهو ٻين جو ڪم ڳائجي ٿو، ڳڻجي ٿو ته اسان جي لاءِ روح جو عذاب بڻجي ٿو پوي. ننڊ ڦٽي ٿي پوي ۽ سيني تي مڱ ٿا ڏرجن. پوءِ بجاءِ انهيءَ جي ته ڪوبه پنهنجي حصي جو، پنهنجي ڏانءَ جو ۽ پنهنجي مهارت جو ڪم ڪري اسان به ان مڃتا جا مستحق بڻجون، ان مهانتا جا مهندار ليکجون؛ شروع ٿيون ٿا انهن ڪمن مان ڪيڙا ڪڍڻ، ڪمزوريون بيان ڪرڻ، گلا ڪرڻ، نيتن جا طرف مقرر ڪرڻ، ۽ پوءِ ڪم ڪندڙ ماڻهوءَ جي آباءَ ۽ اجداد کان شروع ٿي اچي انهيءَ جي ٻارن ٻچن تي توڙ ڪيون ٿا. حيرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته هي سڀ ڪم اڻ پڙهيا ۽ اڌ پڙهيا نٿا ڪن، بلڪه سماج جا اصلي معتبر ۽ وڏا اصلي اديب ۽ دانشور، اصلي پروفيسر ۽ مهان ماڻهو اها پريڪٽس وڏي فخر ۽ ڪرڦر سان سرانجام ڏين ٿا. جهڙا گلائون ڪندڙ تهڙا ٻڌندڙ! حلقي ۾ ڪوبه اهڙو ماڻهو ڪونه ٿو هجي جيڪو ان عمل جي حوصله شڪني ڪري، احتجاج ڪري ۽ ردعمل ظاهري ڪري. مروّت مريادا واري قوم جو آهيون! هينئر اسان جي سموري مروت ۽ مريادا هتي اچي ڇيهه ڪري بيٺي آهي ته مروت ۾ گلائون ٻڌون، بلڪه سُر سان سُرُ ملايون، ٽهڪ برچايون، ڳالهه ڪهڙي به هجي ان ۾ مرچ مصالحي جو پاڻ به اضافو ڪريون! هي سڀ ڪجهه اسان جي اوطاقن ۽ ڊرائنگ رومن جي ڪارگذاري ته آهي ئي آهي پر اسان جا ادارا به هن ريت کان بچيل ڪونهن. اتي ڪوبه فضيلت ڀريو مثالي ڪم ٿيڻ جي بجاءِ ساڳي ڀڳت ۽ ساڳي ڪرت جو وهنوار هلندڙ آهي. اهو عمل مدتن پڄاڻان هلندڙ آهي ۽ هاڻي اسان ان جا ايڏا هيراڪ بڻجي ويا آهيون جو اسين اهڙي ڪنهن به نشست کانسواءِ رات جو سڪون سان سمهي نٿا سگهون. هينئر اسان کي گلا گلا نٿي لڳي بلڪه اسان ان کي پنهنجو قومي فرض سمجهي ادا ٿا ڪريون. پاڻ کي اهو دلاسو ڏئي ڪري ته اسان چورن کي وائکو ٿا ڪريون، هوڏانهن اسان جي بزدليءَ جي حالت هيءَ آهي جو اسين سالن کان وٺي ڪنهن به چور کي چور چوڻ لاءِ ان جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهڻ لاءِ اڳتي نه وڌيا آهيون، انڪري جو اسان جو پنهنجو وجود ”چور“ جو روپ سروپ بڻيل آهي. جيڪڏهن اسان جو ڪنهن مادي چوريءَ تي وس نه پهتو آهي يا موقعو نه مليو آهي ته اسان ڊيوٽيءَ ۽ فرضن جي ادائگيءَ جي چوريءَ مان وسان نه گهٽايو آهي. نتيجي ۾ چوريءَ جو عمل اسان جي ڊائريءَ ۾ ”بڇڙائي“ جو عمل رهيو ئي ڪونهي. اهي ئي سبب آهي جو اسان وٽ چور وڏي بهاريءَ ۾ رهيا آهن. اهي چور هوندي به وڏين مهانتائن جا صاحب آهن. اهي مرندي گهڙيءَ تائين ادارن جا سربراهه، محفلن جا مور ۽ مهمان خصوصي بڻيا ويٺا هوندا آهن ۽ وري اسان ئي اهي آهيون جيڪي انهن کي اهو اعزاز بخشيون ٿا ۽ انهن جي آمد تي تاڙين جي وڄت ڪيون ٿا. گذريل چاليهه پنجاهه سالن کان ايئن ٿيندو پيو اچي ۽ مسلسل ٿيندو پيو اچي. هينئر اهو ايترو رواج ۾ اچي ويو آهي ته ڪنهن کي به ڪا محنت ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. ٻه چار ڪهاڻيون لکي، ٻه چار شعر ۽ ٻن چئن ڪتابن جا مهاڳ لکي هن قوم جو رهبر بڻجي سگهي ٿو. ڏسندي ئي ڏسندي مهانتائون هُن جا قدم چمنديون ۽ مجلسن جون صدارتون ان جي لاءِ بيتاب هونديون. نتيجو هي وڃي بيٺو آهي ته اسان وٽ نه علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو ڪو عڪس ٿو سامهون اچي، نه مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو اولڙو ٿو نمايان ٿئي، نه شهيد الله بخش جو نائب ٿو نروار ٿئي، نه مولانا دين محمد وفائي جو عملي وارث ٿو جاڳي. ڪوبه شعبو ڪونهي جتي اسان عالمي ليول جا مثالي ماڻهو پيش ڪري سگهون، مقامي ليول جا ڪي مثالي ماڻهو پنهنجي نئين نسل جي نقش قدم تي هلڻ لاءِ پيش ڪري سگهون. ههڙي سڃ ۽ ههڙي رڃ سنڌ اڳ ۾ ڪڏهن ڪانه ڏٺي هئي. هيءَ صورتحال بدلجي ۽ هتي هڪ نئون جهان اڏجي، ان لاءِ اچو ته فڪرمندي شروع ڪيون. ان لاءِ پهريون ڪم هي ٿئي جو پاڻ کي گلائن جي گَپ مان ٻاهر ڪڍي اچون. ڪي به وڏا تير مارڻ جي دعوائن بجاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ورهائي کڻون ۽ پوءِ ان کي پوري ايمانداريءَ سان سرانجام ڏيون. اسان جو علم، اسان جا عهدا، اسان جا مرتبا ۽ اسان جو مال اسان وٽ امانت آهي، اسين انهيءَ امانت جي پاسداري ڪريون. پنهنجي ذات ۽ پنهنجي اولاد جي چوڌاري ڦرڻ جي بجاءِ اسين پنهنجي سوچن جو محور ۽ مرڪز پنهنجي چوڌاري سڀني قوم وارن کي بڻايون ۽ سڄي انسانيت جو اونو رکون. ماڻهو الله جو عيال آهن، ان عيال سان گهر ڀاتي ٿي رهون جيڪڏهن واقعي الله تي ايمان ۾ پختا آهيون ۽ ان جو عيال آهيون ته پوءِ هيءَ ڄنڊاپٽ ۽ هيءَ گلاخوري ڇاجي ڪري آهي. ڪارڻ اهو آهي ته اسان کي نه ئي مڃڻ لاءِ پختو ايمان آهي ۽ نه ئي ڪرڻ لاءِ ڪم جي نيت آهي. ڪم ڪريون ته جيڪر گلائن جو وقت ئي نه ملي. ان ڪري پنهنجي ايمان جي تجديد ڪريون ۽ ان جو عملي مظاهرو پنهنجي حصي جي ڪم ۾ جنبي وڃڻ سان ڪريون. اسان جا تعليم سان واڳيل ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ جنبي وڃن ۽ پنهنجون سڀ صلاحيتون هن قوم جي نئين نسل جي تياريءَ ۾ ايمانداريءَ سان صرف ڪن ته هتي هڪ وڏو تعليمي انقلاب برپا ٿي پوي. اسان جا ادب سان واڳيل ماڻهو پاڻ ۾ علم ۽ ڄاڻ جي واقعي فضيلت پيدا ڪري هتان جي علمي ۽ ادبي ادارن جي نگرانيءَ جو فريضو سرانجام ڏين ته سڄي سنڌ علم ۽ فڪر جي سڳنڌ سان مهڪي پوي. اسان جا سماجي ڪارڪن ماڻهن جي سماجي، معاشرتي ۽ اقتصادي زندگيءَ جا حقيقي مددگار ۽ گائيڊ بڻجي پون ته صدين جا سور لهي پون. اسان جا سياسي ورڪر ماڻهن جي مسئلن جي واقعي مسيحائي ڪن ته اٻوجهه انسانن جي اڻ ڳڻين مسئلن مان جان آجي ٿي پوي. هينئر اسان وٽ بچيو ڇا آهي جنهن کي اڃا ڦٻائڻ جي لڇ باقي هجي!؟ جي اها لڇ باقي آهي ته ڪنهن جي لاءِ آهي، انهيءَ اولاد جي لاءِ جنهن کي اسان سنگين حالتن وڪوڙيل آئيندو عطا ڪري رهيا آهيون. اهڙو آئيندو جنهن ۾ اسان سندن پيٽ پوڄا جا ته سڀ بندوبست ڪري رهيا آهيون، پر سندن عزت ۽ عصمت جي تحفظ جي ڪا ضمانت ڪونهي. ان جي باعزت روزگار جو يقين حاصل ڪري رهيا آهيون پر ان جي جان جي تحفظ جي ڪا ضمانت ڪونهي. پوءِ هي ڪهڙو اطمينان آهي جنهن سان اسين پنهنجي نفسن کي مطمئن ڪري رهيا آهيون. انهيءَ ڪري اچو ته اسين خود فريبيءَ مان نڪري اچون ۽ سنڌ سنوارڻ جو جذبو کڻي جيئون. اسان ڪي به وڏا تير مارڻ جون دعوائون ڪرڻ بجاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداريءَ سان ڪرڻ جي ابتدا ڪريون ته هي ننڍا ننڍا ڪم گڏجي ڪنهن وڏي ٻارڻ ٻاري وڃڻ ۾ پڪ سان مددگار ٿيندا ۽ پڪ ڄاڻو ته جيستائين هتي ڪو ٻارڻ نه ٻرندو تيستائين نه اسان جي ايندڙ نسلن جي عزت ۽ عصمت جي تحفظ جي ضمانت آهي ۽ نه انهن جي جانين جي تحفظ جي. نور ميمڻ[/justify]
جواب: اسين پنهنجي حصي جو ڪم ڪڏهن شروع ڪندا سين؟ سلام نور احمد ميمڻ صاحب ۔۔۔ تمام سٺي صلاح ۽ سنڌ دوستيءَ واري نيت سان لکيل ليک ۔۔۔ ادا طاهر اصل قرب ڪري ڇڏيا اٿوَ ۔۔۔ يار منهنجي طرفان چميون قبول ڪندا ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
جواب: اسين پنهنجي حصي جو ڪم ڪڏهن شروع ڪندا سين؟ ادا طاهر مهرباني نور ميمڻ صاحب جون لکيل سڀ سچيون ڳالهيون آهن جن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ پوء ئي ڪا ڪاميابي ممڪن آهي۔ باقي اسان جو دعوائون ڪرڻ ۽ نعرا هڻڻ وارو ڪم ڇڏي ڏيڻ کپي۔ ڇو ته ڪم ڪندڙ هميشه خاموشيء سان پنهنجي حصي جو ڪم ڪندو آهي ۽ عمل کان ڀڄندڙ صرف نعرا هڻندو رهندو ۽ جهنڊن جي سياست ڪندو ۽ ٻين تي تنقيدون ڪندو وتندو آهي۔ مان چاهيندس ته علي علي کي هي ڪالم ضرور پڙهڻ گهرجي۔
جواب: اسين پنهنجي حصي جو ڪم ڪڏهن شروع ڪندا سين؟ سر حوصله افزائي لاءِ ٿورا، اوهان جي پيار ۽ خلوص لاءِ ڌڻي اوهان کي سلامت رکي۔