اڄوڪي سنڌ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [justify] اسان جيڪڏهن ڪالهوڪي سنڌ ۽ اڄوڪي سنڌ ۾ ڀيٽ ڪرڻ لاءِ ويهون ته جيڪا تبديلي آئي آهي، ان کي ڏسي هانءُ ڇڄي ٿو پوي. ويجهڙائي واري صورتحال سڀني وطن دوست ۽ دردمند ماڻهن لاءِ ڏکائيندڙ آهي. اسان جون روايتون ۽ عادتون جيئن تبديل ٿيون آهن، انهن کي ڏسي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو. ڪالهه تائين اسان جون نياڻيون گهٽين مان گذرنديون هيون ته، اسان منهن ڀت ڏانهن ڪري يا اکيون ڌرتيءَ ۾ کوڙي بيهندا هئاسين ته جيڪا به نياڻي گذري ٿي سا منهنجي نياڻي آهي ۽ حفظ و امان ۾ گذري وڃي. اڄ اسان آهيون جو ڪا عورت يا نياڻي اسان جي اکين جي تير کان بچي نه ٿي سگهي. اسان جي هوس اُن جو پيڇو نٿي ڇڏي. ذهن ۾ درندگي ڊوڙون پائيندي رهي ٿي. وجهه ڳوليون ٿا ۽ جڏهن پراين نياڻين مان اهڙو وحشياڻو وجهه وٺڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿيون ته پوءِ پنهنجي واسطي وارين نياڻين جو به خير ڪونهي! هوس پرست جو ٿياسين ته پوءِ جتي هٿ کپيو اتي ڦٻيو. (1)
    وري پنهنجي تعليم کي ڏسون ته علم، فڪر ۽ فضل جو گهوارو سنڌ جو خطو، جتي ڪالهه تائين ٺٽي جي اڪيلي شهر ۾ 300 يونيورسٽي سطح جا مڪتب علم و فضل ۽ فڪر جي آبياري ڪندا هئا، اڄ ساڳي سنڌ اندر دنيا ۾ هيڏي ساري علمي ترقيءَ جي باوجود اسان ڪنهن به شعبي ۾ مقابلي جا ماڻهو تيار ڪرڻ جا اهل نه رهيا آهيون. مثالي ماڻهو پيدا ٿيڻ رڪجي ويا آهن. جيڪڏهن تعليمي ادارن جي ڪا پيداوار آهي ته اها هيءَ آهي جو دولت ۽ هوس پرستيءَ جا روبوٽ تيار ٿي ٻاهر نڪري رهيا آهن، جن ۾ احساس، رحم، ٻاجهه، مهرباني، ايثار، فياضي ۽ قربانيءَ جي ڪا هڪ ڪل به ڪونهي. هر ڪل مان هٻڇ، ذاتي مفاد، ڪدورت، لوڀ ۽ هوس جا گرڙاٽ ٿا نڪرن. جيڪو استاد شاگردن جي اخلاقي تربيت ڪندو هو، سندن شخصيت تعمير ڪندو هو، کين بشر مان انسان بنائڻ جي صلاحيت رکندو هو، اهو استاد ڳوليو نٿو لڀي.
    وري اخلاقي قدرن کي ڌسون ٿا ته هر پاسي ڏانهن ڀيل ئي ڀيل ٿي نظر اچي! ننڍي وڏي جو لحاظ، پاڙي جي خبرچار، ضرورتمند جي مدد، ڏکويل جو ساٿ، اجتماعي سوچ، اهڙيون سڀ ڳالهيون اسان جي موجوده نسل کي ماضيءَ جي وساريل ورثي طور به معلوم ڪونهن. اهي ڳالهيون ڄڻ ته ڪنهن ٻي سياري ته وسندڙ مخلوق جو وڙ پيون لڳن.
    معيشت جي حالت هيءَ آهي جو زرعي نظام مان صنعتي نظام ۾ داخل ٿيڻ کان ڪوهين پري آهيون. تجارت ۾ اسان جو نالو ڪونهي، مارڪيٽ اڪانامي اسان لاءِ اوپري آهي ۽ دنيا کان صفا ڪٽيل سٽيل! زرعي نظام جي لاءِ پاڻيءَ جي حاصلات جا گهٽ جيئن پوءِ تيئن بند ٿيندا پيا وڃن. سنڌ جي اڌ آبادي پنهنجي پگهر ۽ پورهئي سان اپايل ان ۽ سارين سان ٻارهن مهينن جو اناج تيار ڪري قناعت کي قوت بڻائي رکندي هئي، ليڪن هينئر اهو آسرو به ختم ٿيندو پيو وڃي. ڀٽائي لڳي ٿو اڄوڪي سنڌ لاءِ چئي ويو هو ته:
    نه سي ووڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون
    پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي!
    انساني تمدن اسان جي حال تي روئي ٿو. وڏا شهر اسان جا رهيا ناهِن، ننڍا شهر ۽ ڳوٺ کنڊر بڻبا پيا وڃن. انهن جي حالت جتي پهتي آهي ان کي ڏسي يقين ئي نٿو اچي ته موهن جي دڙي جهڙي مهذب تهذيب جو بنياد وجهندڙن جا واقعي اسان ئي وارث آهيون!
    حيوانيت اسان جي ماڻهپي تي غالب ايندي پئي وڃي. اسان جون نياڻيون مار ۽ پٽڪي ۾ آهن ۽ اسان ”غيرتي مڙس“ آهيون! اسان جو اولاد مختلف رخن کان ٽارچر ۾ آهي ۽ اسان معتبر بڻيل آهيون. اسان جا پوڙها ابا امان فڪرمندي ۽ پريشانيءَ ۾ وڪوڙيل آهن ۽ اسان ڪلف لڳل ڪپڙن تي سيٽيل آهيون!
    هيڏانهن صورتحال جي ايڏي سنگيني ۽ هوڏانهن حالتن کان ايڏي بيگانگي! آسمان ڌرتيءَ تي اهڙي اياڻائي ڪڏهن ڪانه ڏٺي هوندي! زيان ٿيندو آهي ۽ دنيا جي ٻين قومن جو به ٿيندو آهي ليڪن زيان جو احساس به ختم ٿي وڃي، سڌاري ۽ واپسيءَ جي ڪا فڪرمندي به نه ٿئي ته اها سخت خطري جي گهنٽي آهي.
    هيءَ صورتحال جيئن پوءِ تيئن بگڙندي پئي وڃي. سماج جا وچٿرا ماڻهو تماشائي بڻيل آهن ۽ جيڪي ڳڻ ڳڻيا دردمند ماڻهو آهن، سي به ڪنهن مصلح جي انتظار ۾ آهن ته اهو اچي حالتون بدلائيندو. پنجاهه سالن کان مصلحتن جو انتظار ٿيندو پيو اچي. رياست اسان سان سچي ناهي، بلڪه دشمن بڻيل آهي. سنڌي ماڻهن جي تباهي ٿئي، دشمن کي ان کان وڌيڪ ڇا گهرجي! روزانو اسان جي تباهيءَ جون نيون رٿون رٿن ٿيون. روزانو نيون ڪوڙڪيون اڏجن ٿيون. اسان پنهنجي ڌرتيءَ تي غلام ۽ ڳيجهو اقليت بڻجي وڃون، ڌرتيءَ جي مالڪيءَ جي اهليت وڃائي ويهون، پهريان شهرن ۽ پوءِ ڏاڪي به ڏاڪي اسان جي خود اراديت، خودداري ۽ وقار سڀ ختم ٿي وڃن! پوءِ جيئون ته صرف غلامانه حيثيت ۾ پنهنجي آقائن جي سامهون هٿ جوڙ ڪرڻ لاءِ، اُنهن جي خوشامد ڪرڻ لاءِ، انهن سان وفاداريون نڀائڻ لاءِ ۽ انهن جي مفادن جي سرانجاميءَ لاءِ بي غيرتيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ واسطي!
    اهڙي صورتحال ۾ سوال هيءُ آهي ته اسان پاڻ پنهنجا سڄڻ ڪڏهن ٿينداسين؟ اسان پاڻ ڪڏهن بدلباسين؟ اسان پنهنجي حصي جو ڪم ڪڏهن شروع ڪنداسين؟ هينئر جيڪي حالتون آهن ۽ اسان جي مٿان غلامي جيئن جڪڙي وئي آهي، ان ۾ اسان جي نجات صرف ان ۾ آهي ته، اسان پنهنجي پنهنجي حصي جي فضيلت اختيار ڪيون ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم سرانجام ڏيون. خوداختيار قومي حيثيت جي وري حاصلات لاءِ جيتري جهد ۽ ويڙهه ڪرڻي آهي، تنهن لاءِ اسان کي تياري ڪرڻ گهرجي ۽ اها سڦلائتي تياري اسان تڏهن ڪري سگهنداسين، جڏهن سڀ کان پهريائين پاڻ ۾ ماڻهپو ۽ فضيلت پيدا ڪريون. اسان جي زندگيءَ جو هينئر هي معمول بڻبو پيو وڃي ته اسان مان هر هڪ آپي خان آهي ۽ جيڪو به اسان جي آپي خانيءَ کي نٿو مڃي، اهو اسان جو دشمن آهي. ان ڪري هيءُ ميدان، هيءَ گوءِ! هاڻي اسان کي دشمنيون پالڻيون آهن! اسان جون عداوتون به ان بنياد تي ۽ بغض، حسد ۽ ڪدورتون به ان بنياد تي! پوءِ ڪوبه ڪونه ٿا گسايون ۽ موقعا تلاش ڪريون ٿا ته، ڪيئن هڪٻئي کي نقصان رسايون. ان وقت ڪابه انسانيت، ڪابه مسلماني، ڪابه اخلاقيات اسان کي نيچ ٿي پوڻ کان روڪي نٿي سگهي. اهڙا نيچ ٿي پئون ٿا جو دشمنيون پڄائڻ ۾ انتهائي خسيس پڻي، ڪميڻپائي ۽ شيطان گيريءَ کان به نٿا ڪيٻايون. الله جي حڪمن جا ليڪا ته لتاڙي ٿا وڃون، پر هتي پنهنجي ڌرتيءَ سان غداريون به ٿي وڃن ٿيون ۽ اسان کي ڪو هوش نٿو رهي. پنهنجن سان بي مروتيون ۽ زيادتيون اِن حد تائين ڇڪي وڃون ٿا جو ناانصافيءَ جا مجسما بڻجي ٿا پئون!
    ٻيلي، ڪجهه سوچيون ته اسان جون هي دشمنيون ڪنهن سان آهن؟ اسان هي بغض ۽ حسد ڪنهن سان ٿا رکون!؟ اسان پنهنجي ڊيوٽين سان سچائي نٿا ڪريون ته نقصان ڪنهن جو ٿا ڪريون!؟ اسان پنهنجي ماستريءَ جي حق حلالي نٿا ڪريون ته هي نقصان ڪنهن جي ٻارن کي ٿا پهچايون! ماڻهو الله جا ڀاتي آهن. جيڪڏهن نقصان الله جي ڀاتين کي پهتو ته سڪون سان اسان جا ڀاتي به ڪونه ويهندا. هي حادثا، هي ٽوٽ ڦوٽ، اهي سڀ اسان جي عملن جو نتيجو ۽ مڪافات ئي ته آهن. جيڪڏهن دڪاندار جي حيثيت ۾ ملاوٽ ڪيل مال الله جي ڀاتين کي کارايون ٿا ته، هيءَ ڪنهن سان دشمني ٿا ڪريون!؟ هي اصليءَ جي بجاءِ نقلي دوا الله جي مخلوق ۽ الله جي ڀاتين کي مٿي ۾ هڻون ٿا ته، ان جو نزلو به اسان جي گهر تي ئي ڪري ٿو، ڇو ته الله پنهنجو قانون ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ، ”لها ما کسبت و عليها ما کتسبت“ يعني، ”جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي!“ الله سائين سڄي مخلوق کي پنهنجو ڀاتي سڏيو آهي. سو، جي الله جي ڀاتيءَ ۾ هٿ وجهندو، ان سان کوسندو، ان کي تڪليف ۾ وجهندو، ان ۾ بدنظر وجهندو ته نه اوهان بچندو، نه اوهان جا ڀاتي بچندا.
    اوهان جا ڀاتي ان ڪري نه بچندا جو اوهان جي شرافت ۽ نيڪيءَ جي ڪري انهن جي مٿان الله جي حفاظت جو هٿ آهي. اوهان جيئن ئي شرافت ۽ نيڪي ڇڏي ته الله جي حفاظت جو هٿ به کڄي ويندو ۽ جڏهن الله جي حفاظت جو هٿ کڄي ويندو ته پوءِ ماڻهو بي واهو آهي. هاڻي وڻي ته بيماريون کيس وڪوڙي وڃن، وڻي ته درندا ان تي حمله آور ٿين، وڻي ته طرح طرح جون مصيبتون ان تي اچي ڪڙڪن.
    ٻيلي! ٿورو هيءُ به سوچيون ته آخر پاڻ به ڏاڍو ڀوڳيو آهي، وڏيون چٽيون ڀريون آهن، گهڻا ئي ڏنڊ ڀريا آهن، ڏاڍا ڌڪ کاڌا آهن. ڪيڏي ڦٽڪار پلئه پئي اٿئون، سڪون وڃايو اٿئون، بي چيني پچر نٿي ڇڏي، ڌڪا ٿاٻا کاڌا اٿئون، ضمير جي ملامت سٺي اٿئون، الله کان پري ٿيا آهيون. نه دنيا جو سک ورتوسين نه آخرت جي ڪا تياري ڪئي سين! نه خدا هي ملا نه وصال صنم.
    هاڻي به موقعو ويو ڪونهي. موٽ کائون. مولا مهربان آهي. هُن وٽ بخشش جو سيلاب آهي. ان جي مخلوق کي، ان جي عيال کي نه ستايون. انهن سان ڀال ڪيون ته ڪي اسان سان ڀال ٿين. انهن کي پيار ڪيون ته آسمان وارو اسان کي پنهنجي پيار جي ٻانهن ۾ آڻي. روح کي ڪا راحت ملي. ڏوهن جو ٻوجهه لهي. الله ۾ آسرو پيدا ٿئي. هت به چڱائي ٿئي ۽ آخرت جي عذاب کان به ڇٽي پئون.
    ڪم ڏکيو ڪونهي، رڳو تڪڙا مفاد ڇڏڻا آهن ۽ فضيلت ڌارڻي آهي، حيوانيت ترڪ ڪرڻي آهي ۽ ماڻهوءَ مان انسان بنجڻو آهي. لوڀ ڇڏي ۽ قناعت اختيار ڪرڻي آهي. جهڳڙا ڇڏي سهپ پيدا ڪرڻي آهي. ڏاڍائي ڇڏي ۽ نماڻائي وٺڻي آهي. تڪڙ ڇڏي ۽ علم جي واٽ وٺڻي آهي، وسوسا ڇڏي قرآن جي واٽ وٺڻي آهي. شيطان کي ڇڏي رحمان جي دامن ۾ لڙڪڻو آهي.
    ڏسو ڇڏڻو ڇاٿو پوي ۽ حاصل ڇاٿو ڪرڻو پوي. سودو مهانگو ته ڪونهي، پر ڳالهه آهي مڙس بڻجي پنهنجي پٽڙي بدلائڻ جي. ڀاڙيائپ آهي ته پوءِ ماڻهو قرباني ڪونه ڏيندو ۽ سوڀ ڪونه ماڻيندو، ڇو ته سوڀون سر گهرنديون آهن. سوڀ ماڻڻ لاءِ اسان کي مضبوط سهارو ۽ مضبوط پناهه ٿي گهرجي. هن ڪائنات جي خلقيندڙ کان وڌيڪ ڪو سهارو ڪونهي. اهڙي پناهه ٻي ڪٿي ڪانهي. نه ڪنهن پير وٽ، نه ڪنهن مير وٽ. جنهن جو رب تنهن جو سڀ، جي اهو راضي ٿي ويو ته سڄو جهان راضي. ان ڪري اچو ته ڀٽڪڻ ڇڏي ڏيون ۽ پنهنجي الله سان پرچي پئون.
    جي تون ٿئين الله جو ته عالم سڀ سندوءِ
    ڪپر ڪين ڪندوءِ، وانءُ لهرن گڏئو.
    (شاهه)
    نور ميمڻ[/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو