[justify]جڏهن انگريز اسان جا حڪمران هئا ته هنن اسان جي ٻيڙيءَ ٻوڙڻ لاءِ پنهنجن ڏاهن کان صلاحون ورتيون. کين صلاح ملي ته : ”جيڪڏهن ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻ گهرو ٿا ته ان جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي تباهه ڪيو.“ انگريز انهيءَ ڳالهه تي اڌوگابرو ڪم ڪري هليا ويا، پر اسان کي جهڙوڪ پنهنجي تباهي ڪرڻ جو ڏسُ ڏئي ويا. هاڻي اسان پاڻ پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي پٺيان اچي پيا آهيون. اهو سلسلو اڌ صديءَ کان جاري آهي. تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ بابت پنهنجن روين کي ڏسبو ته ايئن لڳندو جهڙوڪ اسان جي دشمنن اسان کي ستي پياري ڇڏي آهي. اسان هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي پاڻ خلاف سازش سمجهڻ لڳا آهيون، پر اهو محسوس نه ٿا ڪيون ته اسان پنهنجي منفي روين ۽ سوچن سان پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ سان ڪيتري نه دشمني ڪري رهيا آهيون. اسان جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو اهو سمجهندا بلڪ چوندا آهن ته ماضيءَ تي ڪم ڪرڻ، يعني تاريخ ۾ دلچسپي رکڻ قبرن کوٽڻ جهڙو اڪارتو ڪم آهي . ٻولي کي ڪاپاري ڌڪ ايوب شاهيءَ کان لڳڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ منظم نموني سان پنهنجن توڙي پراون اسان جي ٻوليءَ جي جهولي خالي ڪرڻ شروع ڪئي. ثقافت کي اسان جي ڪن دوستن نچڻ ٽپڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. حالتن وري اسان کي اهڙو ته سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي جو وڏن شهرن ۾ اسان جي ٻولي ۽ ثقافت پنهنجي سڃاڻپ ۽ سماجي ڪارج وارو حق وڃائي ويٺي آهي. ماڻهن کي اها خوشفهمي آهي ته ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت جي ترقيءَ توڙي تحفظ لاءِ جيڪي ادارا جوڙيا ويا آهن، اهي ئي ٻوٽو ٻاريندا ۽ انهن جي موجودگي ۾ ماڻهن کي ڪک ڀڃي ٻيڻو به ڪرڻو ڪونهي. پر اهڙي آس رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. ڇو ته ڪيترائي سبب آهن، جن اسان جي انهن ادارن کي غير فعال بڻائي ڇڏيو آهي. انهن مان پهريون سبب هي آهي ته ڪي مخصوص لابيون انهن ادارن تي قابض آهن. انهن ادارن ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهليت پٽاندڙ مقرر نه ڪيوويندوآهي.پر ڪونه ڪو پنهنجو ماڻهو ٿاڦيو ويندو، پوءِ اهو ڇو نه اهڙو ۽ ايڏو جهور پوڙهو هجي جو روزانو پاڻ کڻائي اچي. ادران کي تباهه ڪرڻ جو ٻيو مثال ڪهڙو ملندو جو سرڪاري ملازمت ۽ عمر ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ به ڪن ماڻهن کي اهڙن ادارن ۾ رکيو وڃي ٿو . سولن لفظن ۾ هينئن چئجي ته اهي ماڻهو جيڪي عمر ۽ سگهه جي حوالي سان سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جهڙا نه رهندا آهن، انهن کي قومي ادارن مٿان نازل ڪيو ويندو آهي.ڪي ادارا ڪن ماڻهن لاءِ اهڙا ته مخصوص ٿي وڃن ٿا، جو انهن ماڻهن کي ور ور ڏئي انهن ادارن ۾ رکيو وڃي ٿو. ادارن جي غير فعاليءَ جو مکيه ڪارڻ هي به آهي ته اهڙن ادارن جا ملازم ادارن ۾ فقط نوڪري ڪن ٿا. اهو نه ٿا محسوس ڪن ته انهن ادارن ۾ سندن مقرري ڪنهن وڏي اعزاز کان گهٽ ڪانهي. هو انهن ادارن ۾ ملازمت نه بلڪ قوم جي خدمت جهڙي عبادت ڪن ٿا. عام ڪارڪن جي انهيءَ رويي ادارن کي وڏو ڇهيو رسايو آهي. منهنجي خيال ۾ صدر يا وزير اعظم پنهنجي عهدي جو حلف نه کڻي پر اهڙن ادارن جي معمولي کان معمولي ڪارڪن کي پاڻ سان وچن ڪرڻ گهرجي ته هن کي نڌڻڪي سنڌجي شاندار تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻي آهي. مون ”نڌڻڪي سنڌ“ جا لفظ انهيءَ ڪري ڪم آندا آهن جو ڪنهن سرڪار ، سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ تي جوڳو ڌيان ڪونه ڏنو آهي. بدقسمتيءَ سان اسان جي سڄي ساري هڪ نسل مارشل لا جي بدبودار ڇانو ۾ جنم ورتو ۽ پلجي جوان ٿيو آهي. اونداهي رات جهڙي اهڙي دور ۾ ڏسي وائسي اسان جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي نظر انداز ڪيو ويو. پر جيڪڏهن ڪا جمهوري حڪومت اقتدار ۾ اچي ٿي، ته اڳ واٽ منظم منصوبه بندي نه هئڻ ڪري تجربيڪار ۽ ڄاڻو ماڻهن جي ڪميءَ ۽ حريفن جي دشمنيءَ کي منهن ڏيڻ ۾ ايترو ته مصروف ٿي وڃي ٿي جو خاص طور تي اسان جي ٻوليءَ، ثقافت ۽ تاريخ تي ايترو ڌيان ڏئي نه ٿي سگهي . اهڙي حڪومت اڳ قائم ڪيل ادارن کي فعال بنائڻ يا انهن جي نئين سر انتظامي ترتيب ڏيڻ لاءِ وقت ڪڍي نه ٿي سگهي. اهڙي صورت حال ۾ جيڪڏهن ڪنهن حڪوممت هڪ ادارو قائم ڪيو ته پوءِ اهو ڪهڙي ڪم جو؟ ڇو ته ادارن ٺاهڻ سان نه پر ادارن کي فعال بنائڻ سان مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ تي انهيءَ ڪري ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي جو اڳ ۾ ڪم ٿيو ئي ڪونهي. اسان وٽ ڪم ايئن ٿيو آهي جو اسان جي تاريخ جي سڃاڻپ مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. مثال طور”مهين جو دڙو“ جي نالي کي وٺو. اهو دڙو هندن جو ڪونهي جو انهن کي ”موهن جو دڙو “ چئجي. اهڙيءَ ريت ان کي مسلمان ڪو نالو ”موئن جو دڙو“ به ڏئي نه ٿو سگهجي.جيڪڏهن اهو مري ويلن جو دڙو آهي ته پوءِ جهڪر جي دڙي، ڪاهوءَ جي دڙي ۽ ٻين دڙن کي موئن جو دڙو ڇو نه چئجي؟ اهڙيءَ ريت اسان جي تاريخ کي بگاڙيو پيو وڃي. ۽ ڪنهن به اقتدار ڌڻي يا عوامي نمائندي طرفان احتجاج نه ٿئي ته پوءِ ان کي سرد مهري ۽ بيحسي نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي؟اڌ صديءَ جو عرصو گذري ويو آهي. انهيءَ عرصي دوران ٻيو نه ته سنڌ ۾ ” تاريخ جي ترتيب ۽ تحفظ“ جو ادارو قائم ٿيڻ گهربو هو. پر اڃا وقت ويو ڪونهي. ڇو ته قومن ۾ جڏهن وقت جي زيان جو احساس پيدا ٿيندو آهي، تڏهن اهي مثبت قدم کڻڻ سان ان جو ازالو ڪري سگهنديون آهن. جيڪڏهن حڪومت وارا سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ڪري سگهن ٿا ۽ سنڌ آرڪائيوز قائم ڪري سگهن ٿا ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو خاڪو چٽي سگهن ٿا ته ” سنڌ جي تاريخ جي ترتيب ۽ تحفظ جو ادارو“ به قائم ڪري سگهجي ٿو . اهڙيءَ ريت اڳ ۾ قائم ڪيل ادارن کي پڻ فعال بنائڻ لاءِ اپاءَ وٺي سگهجن ٿا . نڌڻڪي سنڌ جي شاندار تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت تي ان وقت تائين بهتر ڪم ٿي نٿو سگهي، جيستائين علمي ۽ قلمي دنيا سان لاڳاپيل اسان جي افرادي قوت ان ڏس ۾ پنهنجي ذميوارين کي محسوس نه ٿي ڪري. ڇو ته عوام جي روين بدلائڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته علم ڌڻي پنهنجي روين کي بدلائين.اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن تاريخ ۽ تحقيق کي به اسان جي علمي ۽ قلمي ماحول ۾ معتبر ۽ با مقصد قلمي پورهيو ڄاتو وڃي. (ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، مفتي عبد الرحيم پٺاڻ صاحب جن جي فيس بوڪ نوٽس مان ورتل[/justify]
جواب: آهي ڪو نڌڻڪي سنڌ جي شاندار تاريخ کي بچائڻ وارو؟ ڪافي پراڻو ليک آهي ۽ اڳ ئي هي موضوع ادي ساره ونڊي چڪي آهي پر جيئن ته هاڻي سنڌ سلامت جي ڊيٽا بيس جو هجم ڪافي وڌي ويو آهي ان ڪري اهڙن موضوعن کي جانچڻ مشڪل آهي۔۔ ان هوندي به دوستن کي گذارش آهي ته ڪو پراڻو ليک ونڊڻ کان اڳ هڪ دفعو عنوان کي مٿي لوگو جي هيٺان ڏنل گوگل ڳولا مان يا وري گوگل سرچ انجڻ مان گذارين ته جيئن اڳ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيل موضوع جو پتو لڳائي سگهجي۔۔۔ ان کان سواءِ دوستن کي اها به گذارش آهي ته ڪو به موضوع سنڌ سئون لڳائيڻ سان گڏ ان موضوع تي پنهنجا رايا به موڪلين جنهن ۾ موضوع مان ڄاڻ ڏيندڙ لفظن کي واضح ڪري سگهجي۔۔۔ مهرباني ادا طاهر