خودڪش بمباري حرام آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [justify]هي واقعو ابن ڪثير جي ڪتاب البدايه النهايه جي باب رسول اڪرم جي معجزن تان ورتل آهي ... حوالا؛ صحيح بخاري ... ڪتاب الجهاد، باب لايقال فلان شهيد ... وکذا صحيح مسلم ... ڪتاب الايمان، رقم 179. ________________________________________ امام بخاري ۽ مسلم، سهل بن سعدي رضي الله عنه کان روايت ڪئي آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم ۽ مشرڪن جو هڪ لڙائيءَ ۾ مقابلو ٿي رهيو هو ... ( جنگ خيبر يا جنگ احد) جڏهن هڪ وقفي دوارن الله جو رسول پنهنجي لشڪر طرف موٽي توجهه ڏنو ته رسول اڪرم صلعم جي اصحاب مان هڪ شخص اهڙو هو جو مشرڪن جي جنهن به سپاهيءَ تي سندس نظر ٿي پئي ته انجو پيڇو ڪري کيس تلوار جا وار ڪري ماري ٿي وڌائين ... اصحاب سڳورا چوڻ لڳا ته ”اڄ هي شخص جيترو اسانجي ڪم آيو آهي ايترو ڪوئي به نه آيو آهي“ رسول اڪرم فرمايو ” سمجهي ڇڏيو ته اهو جهنمي آهي“ ...

    اسلامي لشڪر مان هڪ شخص (اڪثم بن الجون) دل ۾ سوچيو، مان ساڻس گڏ گڏ رهانٿو ڏسان ته هو جهنم ۾ وڃڻ جو ڪهڙو ڪم ڪري ٿو... خئير هي همراه به ان سان گڏ نڪتو، جتي اهو شخص بيهي ته هو به بيهي رهي ۽ جتي هو ڊڪ پائي ته هو به ڊڪ پائي، آخر ڇا ٿيو جو وڙهندي وڙهندي اهو شخص سخت زخمي ٿي پيو ... جلدي مرڻ خاطر هُن ڇا ڪيو جو تلوار جو هٿيو زمين تي رکي مٿان تيز نوڪ جي ڇاتي رکي زور ڏئي پنهنجو خاتمو ڪري ڇڏيائين ...

    اڪثم بن الجون، ڀڄندو رسول اڪرم وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو ... ”مان گواهي ٿو ڏيان ته اوهان الله جا رسول آهيو ...“

    الله جي رسول صلي الله عيله وسلم پڇيو ڇا ڳالهه آهي؟ ته جواب ڏنائين؛ ”يا رسول الله، اوهان جنهن ماڻهونءَ جي باري ۾ چيو هو ته هو جهنمي آهي ۽ ماڻهن کي ان تي تعجب ٿيو هو ته مون ان وقت اهو فيصلو ڪيو ته ساڻس گڏ رهان ۽ اوهانکي انجو حال ٻڌايان، خئير مان ان سان گڏ نڪتس، ۽ هو جڏهن وڙهندي زخمي ٿيو ته هن تلوار جو هٿيو زمين تي رکيو ۽ تيز نوڪ تي ڇاتي رکي پاڻکي ماري وڌو ... “

    رسول الله فرمايو؛ ”ماڻهن جي نظر ۾ ڪو ماڻهون ساري ڄمار جنتين وارا ڪم ڪندو رهندو آهي، جڏهن ته هو جهنمي هوندو آهي، (سندس خاتمو خراب ٿيندو آهي) ۽ ڪو شخص، ماڻهن جي نظر ۾ عمر سڄي جهنمين جهڙا عمل ڪندو آهي، جڏهن ته اهو جنتي هوندو آهي (سندس خاتمو خئير تي ٿيندو آهي) ...“ ________________________________________


    جيئن مون سمجهيو؛ ​


    1. خودڪشي ڪرڻ ايڏو وڏو گناه آهي جو ڀل انسان جهاد ۾ ڇونه هجي خودڪشي ڪري ته حرام ٿي مئو ۽ جهنمي آهي ... (خاص ڪري اڄڪلهه جو خودڪش بم ڦوڙو)

    2. ظاهري ماڻهون ڪيترو به پرهيزگار يا گنهگار هجي پر سندس آخرت ڪيئن ٿئي ٿي اصل نتيجو ان تي آهي، انڪري همشه پنهنجي آخرت جي دعا گهرجي ته موت حق تي ٿئي نه ڪي ناحق تي ...



    خودڪش جي جنازي نماز نه پڙهائي وئي ...

    حوالو؛ صحيح مسلم ؛ حديث 2262

    جابر بن سمرة رضي الله عنه، جن چيو ته نبي صلي الله عليه وسلم جن وٽ هڪ ماڻهونءَ جي ميت آندي وئي، جنهن پنهنجو پاڻکي تير هڻي ماري وڌو هو ... پاڻ صلي الله عليه وسلم جن سندس جنازي نماز نه پڙهائي ...

    مفتي عبد الرحيم پٺاڻ
    ڪنڌڪوٽ[/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو