[justify]ڪجهه عرصي کان ڪجهه اصطلاحون اسان وٽ ميڊيا جي ڪري ڏاڍيون مقبول ٿيون آهن۔۔۔ جيئن دهشتگرد، جهادي ٽولا، شدت پسند، ڪٽرپڻو، وغيره وغيره۔۔۔ انهن جي مقبوليت جي شروعات مون کي ياد آهي ته انهيءَ وقت کان ٿي هئي جڏهن ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي تباهي ٿي هئي ۽ پوءِ انهيءَ سموري تباهيءَجي ذميواريءَ کي بنا ڪنهن دير جي مسلمانن جي مٿان ٿڦي انهن جي مٿان دنيا کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ويو۔۔۔ فلسطين ۽ ڪشمير وانگيان افغانستان، عراق، لبنان، پاڪستان ۽ ايران کي تشدد جي ور چاڙهيو ويو۔۔۔ شدت پسنديءَ جي اصطلاح مغربي ميڊيا انهن ماڻهن لاءِ استعمال شروع ڪئي، جيڪي چهري تي ڏاڙهي رکندا هجن، مسجدن ۾ پنج وقت حاضري ڀريندا هجن يا مدرسي جا پڙهندڙ هجن۔۔ هجي نه هجي انهن جو واسطو ڪنهن شدت پسند تنظيم (ٻئي لفظن ۾ اسلام) سان ضرور آهي۔۔۔ شدت پسندي آهي ڇا۔۔۔؟ منهنجي خيال ۾ ته شدت پسندي اها آهي ته پنهنجي عقيدي يا ذهنيت تي ماڻهو ايترو قائم هجي جو ڀلي دنيا هيڏانهن جو هوڏانهن ٿي وڃي پر عقيدي يا ذهنيت تي ڪو فرق نه پوي۔۔۔ ڇا شدت پسندي رڳو مسلمانن ۾ آهي۔۔۔ ڇا جن تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تباهه ڪرڻ جو الزام لڳو اهي شدت پسند هئا۔۔؟ڇا جن اسرائيلي اڳرائين کي جواب ڏيڻ ۾ دير نه ڪئي اهي شدت پسند هئا۔۔؟ڇا جن تي مدرسن ۽ مسجدن ۾ حملا ڪيا ويا اهي شدت پسند آهن۔۔؟يا اهي جيڪي پنهنجي لاءِ سڀ کان پياري هستي (رسول پاڪ صلعم) جي توهين آميز خاڪن جي خلاف احتجاجن ڪندي ماريا يا گرفتار ڪيا ويا اهي شدت پسند هئا۔۔؟ڇا پاڪستان جي اها اڪيلي نياڻي جنهن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي ڪئي سال اڳ خونخوار واڳونءَ جهڙي دشمن جي وات ۾ ڏنو ويو اها شدت پسند هئي۔۔؟شايد مان اڃان ڪجهه گهٽ شدت پسند ڳڻايا آهن۔۔۔؟پر دنيا جي نظر ۾ شايد اهي شدت پسند نه آهن۔۔۔۔۔۔ جيڪي ٻين جي عقيدن تي حملا ڪن ٿا۔۔۔ جيڪي نسلي، مذهبي منافرت کي دنيا ۾ عام ڪن ٿا۔۔۔جيڪي ڪنهن مذهب جي وڏي هستيءَ جي توهين آميز خاڪن ٺاهڻ وارن کي انعام اڪرام ڏين ٿا۔۔جيڪي ڪنهن شيطاني ليکڪ کي وڏي اعزاز سان گهرائي مسلمانن جي جذبات کي مجروح ڪرڻلاءِ "سر" جو خطاب ڏين ٿا۔۔۔شايد اهي سڀ انفرادي شدت پسند هئا۔۔۔۔ پر تازو جيڪو اجتماعي شدت پسنديءَ جو منظر اسان کي اسرائيل جي ٺاهيل ويب سائيٽ فيس بوڪ تي نظر آيو اهي ڪٿي به نه ٿو ملي۔۔۔ ڪنهن امن پسند مذهب جي ماڻهن جي خاموشيءَکي ڪمزوري سمجهندي انهن جي پياري هستيءَ جي خلاف ايتري منظم انداز سان مهم هلائڻ۔۔۔ ڇا اها شدت پسندي نه آهي۔۔۔ ڇا اها عالمي قانونن جي خلاف نه آهي۔۔جمهوريت ۽ سڀني ءَ جي نظريئن کي ٻڌڻ جي علمبردار سڏرائيندڙ آمريڪا ڇو انهيءَ اجتماعي شدت پسندن جي حمايت ڪئي۔۔۔ مفتي عبد الرحيم پٺاڻ ڪنڌڪوٽ[/justify]