[justify]هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ ملڪ ۾ هڪ بزرگ ۽ الله جو پيارو شخص رهندو هو، سندس عبادتن کان ۽ رفاحي ڪمن کان خوش ٿي الله تعالا فرشتي کي حڪم ڪيو ته وڃي کائنس ڪا خاص خواهش من ۾ هجي ته معلوم ڪري پوري ڪئي وڃي ... فرشتو بزرگ وٽ ويو ۽ کائنس خواهش معلوم ڪئي ته بزرگ موٽ ۾ جنت ۽ دوزخ جي ڏسڻ جي فرمائش ڪئي ... فرشتو کيس جنت ۽ دوزخ جي سير ڪرائڻ لاءِ ساڻ وٺي هليو ...آخر ۾ هڪ دروازو کوليو ۽ کيس اندر ڏسڻ لاءِ چيو ...بزرگ اندر نهاريو ته ڪمري ۾ وڏي ٽيبل پئي هئي ان تي ٻوڙ سان ڀريل هڪ وڏو پيالو پيو هو، جنهن جي خوشبو سان سڄو ڪمرو ٻهڪي رهيو هو ... ان ٽيبل جي چوڌاري ويٺل ماڻهن جي هٿن ۾ وڏا وڏا چمچا هيا جن سان هو ان ٻوڙ کي کائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ... هو ان ٻوڙ کي چمچن سان کڻي ته سگهن پيا پر جيئن ته چمچا ايترا ڊگها هئا جو هو موٽائي اهي چمچا پنهنجي وات تائين آڻي نه پئي سگهيا ۽ ٻوڙ ٻاهر هارجي پئي ويو ...اهي ماڻهون جيئن ته ڪجه کائي نه پيا سگهن انڪري پريشان نظر اچي رهيا هئا ۽ ايترا ته ڏٻرا ۽ ڪمزور هئا جو لڳو ٿي ته بک وگهي ڄاڻ مئا .... فرشتي اهو دروازو بند ڪيو ۽ ٻي ڪمري جو دروازو کولي بزرگ کي چيو ته اندر نهاري ... بزرگ ڏٺو ته ساڳيءَ طرح سان ڪمري جي وچ ۾ ٽيبل پئي آهي ۽ ٽيبل تي ٻوڙ پيو آهي، جنهنجي لذيذ خوشبوءَ سان سڄو ڪمرو ٻهڪي رهيو آهي ... ان ٽيبل جي چوڌاري پڻ ڪجه ماڻهون ويٺا هئا ۽ سندن هٿن ۾ ساڳيءَ طرح جا ڊگها چمچا هئا ... اهي ماڻهون خوشيءَ ۾ ٽهڪ ڏئي رهيا هئا ... سندن صحت انتهائي بهتر ۽ ماحول انتهائي خوشگورار لڳو پيو هو ... ان ماجري کانپوءِ بزرگ فرشتي ڏانهن سواليه انداز ۾ نهاريندي چيو ته ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ... فرشتي کيس جواب ڏنو ته پهريون ڪمرو دوزخ جو هو جنهن ۾ اهي ماڻهون آهن جي هن دنيا ۾ خودغرض آهن جي الله جو فضل صرف پنهنجي لاءِ استعمال ڪندا آهن ... اهي ماڻهون هن ڪمري ۾ به صرف پنهنجو ئي خيال رکنٿا ۽ پاڻ ئي پاڻ کائڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهن، جنهن سبب بيمار ۽ ڪمزور لڳي رهيا هئا ... ٻيو ڪمرو جنت جو آهي جنهن ۾ اهي ماڻهون آهن جي الله جو فضل ونڊي وراهي کائيندا آهن، هي ماڻهون هن ڪمري ۾ به انهن چمچن سان اهو ٻوڙ پنهنجي وات جي بجاءِ ٻين جي وات ۾ وجهي هڪ ٻئي کي خوش ۽ صحتمند رکي ويٺا آهن ... دوستو؛ قرآن شريف جي سورت الماعون ۾ الله تعالا فرمايو آهي ته ؛ ڇا اوهان اهي ماڻهون ڏٺا آهن جي حساب واري ڏينهن جا انڪاري آهن، هي اهي ئي ماڻهون آهن جي يتيمن کي ڌڪا ڏيندا آهن ۽ مسڪينن کي کاڌي کارائڻ کان ڪيٻائيندا آهن ... مفتي عبد الرحيم ڪنڌڪوٽ[/justify]