• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڃو ڪير آهي؟

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
حضرت ابو هريره رضي الله عنه کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: ڇا اوهان کي خبر آهي ته سڃو ڪير آهي؟ صحابن سڳورن رضوان الله عليهم عرض ڪيو: اسان سڃو ان کي چوندا آهيون جنهن وٽ نه درهم (پيسو ڏوڪڙ) هجي نه ڪو سامان، رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: منهنجي امت ۾ سڃو اهو شخص آهي جيڪو قيامت جي ڏينهن کوڙ نمازون، روزا ۽ زڪواتون ساڻ کڻي ايندو (پر) سندس حال هيءُ هوندو جو ڪنهن کي گار گند ڏني هوندائين ڪنهن کي (نا حق) قتل ڪيو هوندائين ۽ ڪنهن کي (نا حق) ماريو هوندائين ته هن جي نيڪين مان هڪ حقدار کي (سندس حق آهر) نيڪيون ڏنيون وينديون اهڙيءَ طرح ٻئي حقدار کي (سندس حق آهر) ان جي نيڪين مان ڏنيون وينديون پوءِ جيڪڏهن ٻين جي حق ڇڪائڻ سان هن جون سموريون نيڪيون ختم ٿي وينديون ته (حق آهر) انهن حقدارن ۽ مظلومن جا گناهه (جيڪي انهن دنيا ۾ ڪيا هوندا) کانئن وٺي هن شخص جي (کاتي) ۾ هنيا ويندا پوءِ هن کي دوزخ ۾ اڇلايو ويندو. مسلم​
 
Back
Top