[JUSTIFY]دوستو هي سانئڻ اندرا شبنم صاحبه جو هڪڙو تمام پيارو گيت پنهنجي ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي چترڪاري جي روپ ۾ آندو اٿم ، دوستو جيئن ته اسان جو کوڙ ساريون سنڌي شاعرائون تمام سُٺو لکن ٿيون هتي انهن شاعرائن جي ڪويتائن جي چترڪاري ڪري توهان سان ونڊ ڪرڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته انهن جو حوصلو اڃان وڌي ۽ انٽرنيٽ تي ساري دنيا جي سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي خبر پوي ته اسان جي هند ۽ سنڌ جون سنڌي شاعرائون تمام سُٺيون سرجڻهارائون آهن توهان جا لک ٿورا [/JUSTIFY] چُوڙيون
جواب: چُوڙيون (گيت) اندرا شبنم محترمه جي سٺي ڪوشش آهي، جاري رکجو۔ محترم سائين ناز صاحب جن جي ونڊڻ جا ٿورا۔
جواب: چُوڙيون (گيت) اندرا شبنم سائين نثار ناز سلام اڀري پوندا گلاب جا گل، مونسان شرط لڳاء، اڄ چوڙين کي پاء ........ تمام بهترين شاعري، خوشيء جا لمحا ۽ خوشيء جا احساس.. .. محترمه اندرا جي خوبصورت شاعري ۽ سائين نثار جا ڏنل لاجواب رنگ۔ چوڙين جي رنگيني ۽ انهن جي ڇن ڇن ڇمڪار جو به هڪ پنهنجو سُر ۽ ساز هوندو آهي۔
جواب: چُوڙيون (گيت) اندرا شبنم 1990 ۾ جڏهن آ اسڪاٽلينڊ جي رنگين پهاڙن ۾ سندس گادي واري شهر ايڊنبرگ ۾ هيس ته هڪ هندي فلم جو گانو مشهور ٿيو هو ۔۔۔ “ گوري هين ڪلايان، تو مجهي لادي هري هري چوڙيان، اپنا بنا لي ساجنا” ان گاني ۾ محبوب جي چوڙين واري فرمائش اصل دل تي اهڙو اثر ڪندي هئي جو اندر جا سڀ عضوا ڍلا ٿي پوندا هئا ۽ من موج ۾ اچي ويندو هو ۔۔۔ اڄ نثار ناز جو هي گيت پڙهي چوڙين جي ڇڻ ڇڻ جي آواز ٻڌڻ لا من ماندو ٿي پيو آهي ۔۔۔ اتساهيندڙ ۽ عاشقن جي دلين جي رفتار وڌائڻ لا سهڻو گيت لکڻ تي شاعر کي واڌايون ۽ نثار ناز جي پيشڪش ۽ چترڪاري جي ڇا ڳالهه ڪجي ۔۔۔؟ پر يار ناز ، چوڙيون پون مهانگيون ٿيون، پنهنجي قيمت ته گهٽ اٿن پر زندگي سموري کسيو وٺن ۔۔۔ ڪنهن اها قيمت ڏني هجي ته احساس ٿئي نه ۔۔۔ بابلا ۔۔۔ الامان ۔۔۔ چوڙين جا کڙڪا، محبوب جا ناز، وڄن ٿا ساز۔ عاشقن جي دلين جا۔