ڪامل

'ڪهاڻيون' فورم ۾ اياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2011۔

  1. اياز علي رند

    اياز علي رند
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 اپريل 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    شاهپورچاڪر
    ”اڄ توهان ڪجهه پڇو ؟“ پروفيسر چيو ”سوالات جيڪي توهان جي ذهنن ۾ هجن.. ڪجهه به !!!؟“
    ”سر الله ڏور به آهي ۽ ويجهو به... هو ظاهر به آهي ۽ لڪل به.!!! اهو ڪيئن آهي ٻه مختلف ۽ متضاد صورتون هڪ ئي هستي جون ڪيئن ممڪن ٿي سگهن ٿيون.؟“ جميل پڇيو
    ”اهو ايئن آهي ته منهنجي اکين ۾ لڙڪ آهن ۽ تو سمجهيو مان ڏکي آهيان... تڪليف ۾ آهيان... هالانڪه اهو به ممڪن آهي ته مان خوش هجان. اهي ڳوڙها جيڪي تو ڏٺا خوشي جا هجن...! پر مان تڪليف ۾ آهيان اهو تنهنجي سوچ جو انداز آهي. لڙڪ ته لڙڪ ئي هوندا آهن پر ان ۾ خوشي به ٿي سگهي ٿي ۽ ڏک به! حالانڪه ٻئي متضاد ڪيفيتون آهن.
    يا وري هڪ ٻيو مثال آهي ڌرتي تي بيٺل شخص جي نظر ۾ چنڊ چمڪي ٿو روشن آهي پر ساڳي وقت چنڊ تي بيٺل انسان چوندو ته نه ايئن ناهي.. هو ان جو انڪاري آهي ... هالانڪه ٻئي متضاد ڳالهيون آهن پر آهن ان هڪ ئي چنڊ جي باري ۾“
    ”ته پوءِ سر! اسان کي جيڪو خدا فقط ڏور ۽ لڪل محسوس ٿيندو آهي ڇا ممڪن آهي ته اسان به کيس ويجهو ۽ ظاهر ڏسون!!؟؟؟“ شڪيل پڇيو
    ”يقيناً ! دراصل اسان پاڻ ئي خدا کي پاڻ کان پري رکيو آهي جڏهن ته هن پاڻ ته اهو چيو آهي ته.... مان توهان کي توهان جي شه رڳ کان به وڌيڪ ويجهو آهيان..
    ڏسو!!! الله جا جيڪي ولي هوندا آهن اهي ڪير آهن!!؟؟؟ ولي ڪنهن کي چوندا آهن !؟ ولي جي معنى آهي دوست... ۽ دوست ته بي تڪلف هوندا آهن..! ڇا خيال آهي؟؟؟؟

    رومي جو چوڻ آهي ته
    خاصان خدا، خدا نه هوندا آهن مگر ان کان جدا به نه هوندا آهن...“
    ”مگر سر ! اولياء الله ته تمام وڏيون هستيون هونديون آهن!!! اسان ته پنهنجي ڳالهه ٿا ڪريون...اسان ته وڏا گهنگار آهيون..!!!“ اسحاق چيو
    ”ها پر الله تبارڪ و تعالى اهو به ته چيو آهي ته جيڪر توهان ايترا گناه ڪريو جو زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ موجود خلا ڀرجي به وڃي تڏهن به رڳو هڪ دفعو سچي دل سان توبنهه ڪريو ته سڀ گناه معاف...!!! ۽ هڪ وڏي عالم جو چوڻ آهي ته جيڪر حضرت آدم کان وٺي دنيا جي آخري انسان تائين سڀني کي هڪ ئي وقت ۾ گڏ ڪيو وڃي ۽ سڀني کي دنيا جي تخليق ٿيڻ کان وٺي قيامت تائين جو وقت ڏنو وڃي ۽ اهي سڀئي ماڻهو مسلسل گناه ڪندا رهن تڏهن به ايترا گناه نه ٿي سگهندا جو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ موجود خلا ڀرجي سگهي. ... هو ايترو رحيم آهي ....!!!
    ۽ هونئن به ولي الله ڇا ڪا ٻي مخلوق هوندا آهن!!؟
    اهي به ته اسان وانگر انسان ئي هوندا آهن...
    ها باقي ..... ائين ضرور آهي ته.....“ پروفيسر سوچيندي چيو
    ”جيئن ڪجهه شاگرد پيدائشي جينيس هوندا آهن، ڪي ٿورڙي محنت سان امتحانن ۾ پوزيشن حاصل ڪري وٺندا آهن ۽ ڪن کي پوزيشن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي محنت..وڏا جتن ڪرڻا پوندا آهن...
    ڏسو !! ڪنهن به منزل جي حصول لاءِ بنيادي طور تي ٻن شين جي ضرورت هوندي آهي ..
    هڪ مقصد ۽ ٻيو ان کي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت...
    مقصد هجي ۽ صلاحيت نه هجي يا وري صلاحيت ته هجي پر مقصد نه هجي ٻنهي صورتن ۾ منزل تي پهچڻ ممڪن ڪونهي...
    پر اهو به ياد رکو ته مقصد هجي ته صلاحيتن کي وڌائي به سگهجي ٿو
    مثال طور اوهان ڊاڪٽر ٿيڻ چاهيو ٿا اوهان هڪ مقصد متعين ڪيو پر ان لاءِ توهان کي پاڻ ۾ اهي صلاحيتون پيدا ڪرڻيون پونديون جو اوهان هڪ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي سگهو ... ان لاءِ اوهان کي سالن تائين هر روز اسڪول ۽ ڪاليجن جا چڪر ڪاٽڻا پوندا انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪرڻي پوندي پوءِ ان لاءِ ڪڏهن رڳو گهر کان پري ته ڪڏهن شهر کان به پري رهڻو پوندو....
    رومي هڪ هنڌ چيو آهي ته سئو ساله بي ريا عبادت کان وڌيڪ بهتر ڪنهن ولي الله سان هڪ گهڙي گذارڻ آهي...
    بلڪه اوهان ته ان کي اڃا بهتر نموني سمجهي سگهو ٿا ته اوهان جيڪي ڪتاب اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهو ٿا اهي گهر ۾ ويهي به ته پڙهي سگهو ٿا...پر پوءِ به توهان کي سالن تائين اسڪولن ۽ ڪاليجن جا چڪر ٿا ڪاٽڻا پون...
    ڇو ته صلاحيتن کي وڌائڻو آهي.....۽ ان ڊگهي پروسس مان گذري اوهان اهو ئي ته ڪريو ٿا،
    ٺيڪ اهڙي ئي طريقي سان الله کي حاصل ڪرڻ لاءِ الله وارن جو ساٿ ضروري آهي، الله جي دوستن سان دوستي رکندئو ته الله به توهان جو دوست ٿي ويندو... دوست جو دوست به ته دوست ئي هوندو آهي يا نه!!؟؟؟
    ڪوئي ڪامل ئي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ اسان جي مدد ڪري سگهي ٿو... ڪوئي ڪامل ئي اسان کي به ڪامل بڻائي سگهي ٿو...“
    ”سر! ڪامل ڪير هوندو آهي!!؟؟ ۽ ڪامل ٿيڻ کان پوءِ اسان جو ڪهڙو ڪم هوندو !!؟“ اسحاق پڇيو.
    ”ڪامل درياء جي پاڻي جيان هوندو آهي جيڪو پهاڙن جي وچان سمٽجي گذرندو آهي ۽ ميدانن ۾ پکڙجي آس پاس جي اڃايل زمينن جي اڃ اجهائي کين سر سبز ۽ شاداب بڻائيندو وڃي لامحدود سمنڊ سان ملندو آهي ۽ هميشه لاءِ هن سان هڪ ٿي پوندو آهي.“
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪامل

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪامل

    تمام گهري ڳالهه ڪيل آهي ۔۔۔ جيئن ته هن مختصر آکاڻي ۾ ديني سمجهاڻي سان گڏ آخري نتيجي ۾ ڪامل جي تشريحً ٿيل آهي ۔۔۔

    بهترين ۽ ڳوڙهو مثال ۔۔۔ واه رند صاحب واه
     
  4. اياز علي رند

    اياز علي رند
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 اپريل 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    شاهپورچاڪر
    جواب: ڪامل

    مهرباني دوستو! اوهان جا سڀ رايا ۽ صلاحون اکين تي۔ ۔ ۔ مون لکڻ ڪڏهن ڇڏيو ته ناهي پر شاه صاحب جي چواڻي ته
    ،، جيئڻ ڪاڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا،،،
    جيان ڪمن ڪارن ۾ مصروفيت سبب مسلسل لکي ناهيان سگهيو۔اوهان جي همٿ افزائي مون کي وڌيڪ لکڻ لا اتساه ڏنو آهي۔
     
  5. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: ڪامل

    تمام بهترين ادا ساراهڻ جوڳي ڪهاڻي
     
  6. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪامل

    بهترين ونڊ۔۔۔۔
    مهربانيون۔۔۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪامل

    ادا اياز پاڻ وٽ نوٽ ڪري ڇڏي آهي پڙهي وڌيڪ احوال ڪبا ان شاءَ الله۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو