سنڌ ۾ يقين رکندڙ طارق عالم ابڙي کي ڇا سنڌ بچائي سگهندي!؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ ۾ يقين رکندڙ طارق عالم ابڙي کي ڇا سنڌ بچائي سگهندي!؟

    تحرير : رخسانه ”پريت“

    [JUSTIFY]”مون کي يقين آهي ته مون کي حڪومت نه پر سنڌ بچائي وٺندي، ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته به آئون سنڌ جي مٽيءَ ۾ جيئندو رهندس، ڳالهه ساڳي آهي.“ اهي مٿيان لفظ سنڌ جي بيباڪ ۽ ارڏي ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر طارق عالم ابڙي جا آهن، جيڪو صحت جي حوالي سان ٻه واٽي تي بيٺل آهي. ”سنڌ جي نامياري اديب ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي علاج لاءِ 60 لک رپيا گهربل آهن، ٽيسٽون ڀارت اماڻيون وينديون.“ اخبارن ۾ آيل اهي خبرون ڪهڙي باشعور سنڌ واسيءَ جي نظر مان نه گذريون هونديون؟ ڪهڙي حڪومتي نمائندي اهي خبرون نه پڙهيون هونديون! پر اڃان تائين ڪنهن به طرف کان ڪا اڳڀرائي ٿيندي نظر ڪانه ٿي اچي. انفرادي طرح سوچڻ سان ٿي سگهي ٿو هيءَ رقم تمام وڏي لڳندي هجي، پر ادارن جي پهچ کان هيءَ رقم هرگز ٻاهر ناهي. جتي ايليٽ ڪلاس جا 62 ارب رپين جا قرض معاف ڪري سگهجن ٿا، اتي سنڌ جي نمائنده اديب کي بچائڻ ۾ حڪومتي ادارا ٿڌائپ جو مظاهرو ڇو ڪري رهيا آهن؟ هن معاملي کي اوليت جي بنياد تي ڇو نه پيو کنيو وڃي؟ اسان هن معاملي ۾ حڪومت کان ڀرپور مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ جي Trend Setter ناول نگار طارق عالم ابڙي جي صحت جي سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهيءَ جو مظاهرو نه ڪيو وڃي، سندس علاج مڪمل طور سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي. اسان طارق عالم کي ٻين به ڪيترن ئي نمائنده اديبن، شاعرن ۽ ڏاهن ماڻهن سان گڏ سنڌ سڏيون ٿا ۽ جيڪڏهن طارق کي، سنڌ کي ڪو نقصان ٿيو ته سنڌ واسي ڪڏهن به هن چونڊيل حڪومت کي معاف نه ڪري سگهندا. طارق عالم جي صحت جي حوالي سان وڌ کان وڌ ذميواري حڪومت تي وجهندي، گڏوگڏ آئون سنڌ جي انهن سڀني سرنديءَ وارن ادبي ذوق رکندڙ ۽ ايڪٽيوِسٽ ماڻهن کي به اڳتي اچڻ لاءِ چونديس ته جيئن هن معاملي کي Cause طور کڻي سگهجي، ڇاڪاڻ ته قومن جي نمائنده اديبن جو نقصان به هڪ قومي سانحي کان گهٽ ناهي هوندو. سول سوسائٽيءَ جا اهي سمورا مرد، جيڪي طارق عالم جي ادبي پورهئي کي سڃاڻن ٿا، انهن کي ان سلسلي ۾ وڌ کان وڌ مدد ڪرڻ گهرجي. هن خط ذريعي آئون طارق عالم جي ويجهن ساٿين، مائٽن ۽ دوستن کي به (معذرت سان) اهو چونديس ته ڏک، پريشانيءَ ۽ ڳڻتيءَ واريءَ ڪيفيت مان ٿورڙو ٻاهر نڪري پاڻ ۾ فيصلي ڪرڻ واري سگهه پيدا ڪن، اڳتي اچن ته جيئن علاج کي ممڪن ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون وٺي سگهجن. مڃيون ٿا ته اسان ٽئين دنيا جا غريب اديب آهيون پر پوءِ به مون کي پڪ آهي ته سنڌ واسي سنڌ جي بي باڪ ۽ Role Model ناول نگار طارق عالم ابڙي جي معاملي ۾ زندگيءَ کان موت کي سولو ٿيڻ نه ڏيندا. هو هن چونڊيل حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ سان گڏوگڏ، پاڻ به متحرڪ ٿيندا، سنڌ ڌرتيءَ جي هن نامياري ليکڪ کي واپس زندگيءَ ڏانهن موڙڻ ۾ ڪامياب ويندا.[/JUSTIFY]

    جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل،
    هي ڏينهن به گهاري وينداسين. (اياز)

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ ۾ يقين رکندڙ طارق عالم ابڙي کي ڇا سنڌ بچائي سگهندي!؟

    بهترين ونڊ آهي


    سدائين گڏ
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ۾ يقين رکندڙ طارق عالم ابڙي کي ڇا سنڌ بچائي سگهندي!؟

    اهڙو سڏ صرف اديبن لاءِ نه بلڪ هر انسان جي جان بچائڻ لاء ڏيڻ گهرجي
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ ۾ يقين رکندڙ طارق عالم ابڙي کي ڇا سنڌ بچائي سگهندي!؟

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ۾ يقين رکندڙ طارق عالم ابڙي کي ڇا سنڌ بچائي سگهندي!؟

    طارق عالم ۽ زندگيءَ جي بساط!

    همسفر گاڏهي

    [justify] ..... ۽ زندگيءَ جي وڇايل بساط تي انساني قسمت جو اُڇلايل ڇڪو ورلي ڪو پنهنجو جلوو ڏيکاريندو آهي، نه ته گهڻي ڀاڱي ڪڻي، چار، ٽي ئي پلئه پوندا آهن ۽ هر ڀيري اسان پارن فقيرن جي ئي ڳوٽ مارجي ويندي آهي. ”زندگيءَ مان اتساهه وٺندڙ ۽ لکڻين وسيلي لاتعداد پڙهندڙن کي اتساهه جا جهول آڇيندڙ ۽ درويش طبيعت رکندڙ هي آرٽسٽ، ڊراما نگار، ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار پنهنجي پڙهندڙن لاءِ ڀلي کڻي ڪا وڏي شئي هجي پر هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ دوستن ۽ گهر وارن لاءِ هڪ معصوم ڪردار آهي، جنهن وٽ سواءِ ٽهڪ ڏئي کلڻ، قرب ونڊڻ ۽ ڪوڙ کي منهن ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ٻيو ڪجهه به ڪونهي.

    طارق جو ناول ”رهجي ويل منظر“ نوجوان نسل توڙي اڌڙوٽ نسل کي ايترو اتساهيو جو اُهي اڄ به کانئس اهڙي ڪنهن ناول لکڻ جي اميد رکن ٿا.”سڃاڻپ جي ڳولا“، ”مورن اوچا ڳاٽ“، ”رات، سانت ۽ سوچون“، ۽ ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ جهڙا سفرناما سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ وجهندڙ ليکڪ اڄ گُڙدن ۽ جيري جي بيماريءَ سبب اسپتال داخل آهي. برک ڊاڪٽر اديب رضويءَ جو چوڻ آهي ته، طارق جو فقط ڀارت ۾ علاج ممڪن آهي، وٽس عضوا ڏيڻ لاءِ ڊونر ته موجود آهن پر 60 لک روپين جو ايندڙ خرچ ڪير ڀري؟ اهو سوال سندس علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن، دوستن ۽ ڪٽنب لاءِ نهايت پريشان ڪندڙ آهي پر هو فقير منش شخص ان تي کلي هيئن ٿو رد عمل ظاهر ڪري، ”پهريون ڀيرو زندگيءَ مون سان ڪنچي بازي شروع ڪري ڏني آهي پر آئون آڻ نه مڃيندس.“ هو منهنجو هٿ وٺي پنهنجي ان نوجوان پُٽ سان منهنجي سڃاڻپ ڪرائي ٿو، جيڪو کيس پنهنجو جيرو ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ”هي آهي منهنجو پُٽ هالار“ هو ٻڌائي ٿو.

    جيتوڻيڪ هن وقت جمهوريت جو بول بالا آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا جانشين ملڪ جا اختيار ڌڻي آهن ۽ طارق عالم جي بيماريءَ کي به ڳچ عرصو اچي ٿيو آهي پر اڃا ڪنهن بااختيار طرفان سندس ڪا سار نه لڌي وئي آهي. جڏهن هو 1984ع ڌاري سخت بيمار ٿيو هو ۽ سندس هڪ گڙدو ناڪاره ٿي ويو هو، تڏهن سنڌڙيءَ سان تعلق رکندڙ محمد خان جوڻيجو وزير اعظم هو ۽ هن سندس علاج ڪرائڻ ۾ ويرم ئي ڪانه ڪئي هئي. ٿيو ائين هو جو اديبن جو هڪ وفد، جنهن جي سرواڻي نورالهديٰ شاهه ڪري رهي هئي، عبدالقادر جوڻيجو، نصيرمرزا ۽ شوڪت شورو به ساڻس گڏ هئا، اهي طارق عالم جي علاج جي گهر کڻي وڃي سنڌڙيءَ پهتا. جوڻيجي صاحب ساڃاهه وندن جي مطالبي کي مان ڏيندي رڳو ايترو چيو ته، ڊونر جو بندوبست ڪريو، لنڊن ۾ علاج جو سمورو خرچ حڪومت ڀريندي. پوءِ ائين ئي ٿيو ۽ هن ملوڪ ليکڪ جي حياتي بچي وئي، ”ان دور ۾ منهنجي علاج تي ٻاويهه هزار پائونڊ خرچ آيو هو، جيڪو حڪومت ڀريو ۽ آئون صحتياب ٿي ڄامشوري واپس اچي ويس.“ طارق ٻڌائي ٿو.

    سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”سلو، انگورنئون ئي ڀلو“ سو طارق جي به لنڊن پهچندي ئي اهڙي هڪ شخص ڄام صادق علي سان ملاقات ٿي، جنهن کيس نه رڳو جيءَ ۾ جايون ڏنيون پر اچ وڃ ۽ رهائش جو مسئلو به حل ڪري ڏنو. هن چواڻي، ڄام صادق مرحوم سندس علاج، اچ وڃ ۽ رهائش جي مد ۾ ڪي ويهارو کن لک ٻيا به خرچ ڪيا.
    ڏک جي ڪيفيت ۾ مبتلا طارق عالم مونکي عمر خيام جي ان رُباعيءَ جو مظهر لڳو، جنهن ۾ خيام چوي ٿو:

    توڙي منهنجا غم ۽ گوندر اڻکٽ آهن
    تنهنجي عياشي ۽ خوشي سرفرازي رکي ٿي
    پر انهن ٻنهي تي ڀروسو نه ڪر، ڇو ته
    هي آسمان جي گردش
    ڳجهه ۾ هزارين کيل کيڏي ٿي


    طارق کي پنهنجي بيماريءَ جو غم ڪونهي پر هن کي هيڏي ساري جمهوريت جي ڪاروان ۾ڪو ان جهڙو دل جو ”درويش“ شخص نظر نٿو اچي، جيڪو ڪنهن پروٽوڪول جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي وڏ وزارت واري دور ۾ به جڏهن ادبي بورڊ جي هڪ گڏجاڻي ۾ آيو هو ته تمام گهڻن ڪامورن جي هوندي به ڪرسيءَ تي ويهي هٿ ڏيڻ بدران ”نوجوان ڪهڙا حال اٿئي؟“ چئي ڀاڪر پائي کيس کيڪاريو هئائين.

    طارق عالم ڀلي کڻي وقت جي حڪومت کان پاڻ علاج جو مطالبو نه ڪري پر ڇا اهو اسانجي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ورثو سنڀاليندڙ ادارن جي سربراهن ۽ اختيار ڌڻين جو فرض نٿو ٿئي ته اهي موتمار مرض ۾ مبتلا هڪ ڏات ڌڻيءَ کي جيئدان ڏيارڻ لاءِ ڪا راهه ڪڍن؟!! هيلتائين سرڪاري سطح تي رڳو مخدوم جميل الزمان ساڻس رابطو ڪري علاج جي سلسلي ۾ سهڪار جي پڪ ڏياري آهي، باقي ڪٿان به پهر نظر نه پئي اچي. هڏڙن مُٺ بڻجي ويل هن ناول نگار لاءِ نورالهديٰ شاهه، مهتاب اڪبر راشدي ۽ ڪجهه ٻيا ساڃاهه وند متحرڪ ضرور ٿيا آهن پر انهن ڪوششن جو به اڃا ڪو لاڀ نه مليو آهي. ان کان اڳ جو طارق زندگيءَ جي وڇايل بساط تي ڳوٽ مارائي، (خدا نه ڪري) زندگيءَ جي جنگ هارائي وڃي، ملڪ جي سمورن اختيار ڌڻين ۽ ساڃاهه وندن کي سندس جيئدان لاءِ بنا دير اُپاءُ وٺڻ گهرجن.[/justify]
     
  6. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ ۾ يقين رکندڙ طارق عالم ابڙي کي ڇا سنڌ بچائي سگهندي!؟

    بلڪل ڏک چاهڻ کان سوا ملندا آهن ۽ سک چاهڻ جي باوجون نه ملندا آهن۔۔۔
    اهو ئي معاشرو آهي ۽ قدرت واري جو قانون۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو