محمدجوادعسڪري
سينيئر رڪن
رتيديري مان اغوا ٿيل 2 معصوم ٻارڙا گهوٽڪي مان بازياب، جنسي ۽ جسماني تشدد ٿيل، گهر ۾ جشن
گهوٽڪي/رتوديرو (نمائندن وٽان) رتيديري شهر مان 10 ڏينهن پهرين اغواٿيل 2 معصوم ٻارڙا گهوٽڪي مان بازياب ٿي ويا، مٿن جسماني ۽ جنسي تشدد ٿيل هو، ٻارن کي گهر آڻڻ تي جشن جهڙو ماحول ٿي ويو، ڏهه ڏينهن اڳ رتوديرو مان اغوا ڪيل ٻن ٻارڙن نثار ۽ عدنان جلباڻي کي سرحد پوليس سرحد ويجهو ڳوٺ جند وڏو ۾ چڙهائي ڪري بازياب ڪرايو ۽ کين اغوا ڪندڙ ٻن جوابدارن اختيار جوڳي ۽ روشن جوڳي کي گرفتار ڪري ورتو، بازياب ڪرايل ٻارڙن سان گڏ ايس پي او گهوٽڪي منظور احمد چانڊيو ۽ ايس ايڇ او سرحد صبغت الله جتوئي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته جوابدارن ٻنهي ٻارڙن کي رتوديرو مان ڪراٽي سيکارڻ جي بهاني اغوا ڪيو ۽ کين مسلسل ڪشمور اوٻاوڙو ۽ ٻين هنڌن تي رکي جسماني ۽ جنسي تشدد جو نشانو بڻايو، ڳجهو اطلاع ملڻ تي کين ڳوٺ جند وڏو وٽان ڇاپو هڻي بازياب ڪرايو ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جوابدارن وٽان ٻه پستول به هٿ ڪيا، ايس پي او ٻڌايو ته جوابدار ٻين به ڪيترن ئي ٻارڙن کي مختلف بهانن سان اغوا ڪري مٿن تشدد ڪندا رهيا آهن، ان موقعي تي بازياب ٿيل ٻارڙن صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار مسلسل تشدد ۽ جنسي ڏاڍائي ڪندا رهيا، اسان جي انڪار ڪرڻ تي سخت مارڪٽ ڪندا هئا، ٻارڙن ٻڌايو ته اسان گهرڀاتين کي ياد ڪري روئندا هئاسين ته پيٽ ۾ چاقو هڻي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي جوابدار ماٺ ڪرائيندا هئا، جنهن ڪري اسان خوف مان چپ ٿي ويندا هئاسين، هوڏانهن گرفتار جوابدارن اعتراف ڪيو ته اسان ٻارڙن کي ڪراٽي سيکارڻ بهاني دوستي ڪرڻ جو چئي وٺي آياسين، اسان ميرپور ڀٽو جا رهواسي آهيون ۽ صندوقون ٺاهڻ جو ڪم ڪندا آهيون، بعد ۾ گهوٽڪي پوليس ٻارڙا ۽ جوابدار رتوديرو جي ايس پي او جي اڳواڻي ۾ پهتل وارثن حوالي ڪيا، جيڪي ٻارڙن جي حالت ڏسي روئي ويٺا، بازياب ٿيل ٻارڙن جي جسم تي تشدد جا نشان هئا سندن اکيون سڄيل هيون، سندن ڳٽن تي زخم هئا جن بابت ٻارڙن ٻڌايو ته جوابدار زبردستي چڪ پائيندا رهندا هئا، ٻئي طرف ڊي پي او لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ صحافين سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته اسان کي ڳجهو اطلاع مليو ته ٻارن کي جوابدار ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪري رهيا آهن، گهوٽڪي پوليس ۽ لاڙڪاڻو پوليس مقابلي بعد اغوا ڪيل ٻنهي ٻارن کي بازياب ڪرائي جوابدار روشن ۽ اختيار جوڳي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، هن چيو ته گرفتار جوابدار ٻارن کي اغوا ڪري ڀارت ۾ اٺن جي ڊوڙ لاءِ وڪرو ڪن ها، هوڏانهن ٻارن جي پهچڻ تي گهرن ۾ خوشي ٿي وئي ۽ وارثن خوشيءَ وچان هوائي فائرنگ پڻ ڪئي، ٻئي طرف پڪڙيل ٻن جوابدارن کان جاچ ڪرڻ لاءِ آر پي او سکر ڊي پي او لاڙڪاڻو ۽ ڊي پي او گهوٽڪي تي مشتمل گڏيل جاچ ٽيم جوڙي حڪم ڏنو آهي ته پڪڙيل جوابدارن کان جاچ ڪئي وڃي ته هنن هن مهل تائين ڪيترا ٻار اغوا ڪيا آهن ۽ کين ڪٿي وڪرو ڪندا رهيا آهن، اهڙي ليٽر جي تصديق ڊي پي او لاڙڪاڻو ڪئي آهي.
The Kawish Group of Publication