[JUSTIFY]جلڻ (Burning) جو سائنسي نالو ”ٻرڻ“ (Combustion) آهي. ”ٻرڻ“ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا پر اڪثر حالتن ۾ هڪ سادو عمل ظاهر ٿئي ٿو، جنهن دوران هوا واري آڪسيجن ڪنهن ٻري سگهندڙ شيءِ سان ملي وڃي ٿي. ”ٻرڻ“ جو اهو عمل گرمي پيد اڪري ٿو. ان عمل جي تڪڙي ٿيڻ جي صورت ۾ شعلا يا اُلا به نظر اچي سگهن ٿا؛ ڪن حالتن ۾ اهي اُلا انتهائي شدت سان به ظاهر ٿيندا آهن، جيئن ڪنهن ”ڌماڪي“ دوران ٿيندو آهي. جڏهن ڪو ڪاٺ جو ٽڪرو مخصوص گرمي پد تي آڪسيجن سان ملي ٿو تڏهن به اسين اڪثر اُلا ڏسندا آهيون. پر ”ٻرڻ“ (Combustion) جو ٻيو قسم به آهي، جيڪو گاڏين جي انجڻين اندر عمل ۾ اچي ٿو. ان قسم جي ”ٻرڻ“ ۾ ”ٻارڻ“ (Fuel) هوا مان آڪسيجن کڻي ٻرڻ شروع ڪندو آهي. موٽو گاڏين جي انجڻين ۾ ”ٻرڻ“(Combustion) جو عمل ايترو ته تيز ٿئي ٿو جو اسين ان کي ڌماڪي (Explsion) جو نالو ڏيون ٿا. ان جي ابتڙ ”ٻرڻ“ جو هڪ ٻيو قسم ايتري ته آهستگي سان ٿئي ٿو جو سالن تائين اسان جو ان پاسي ڌيان نه ٿو وڃي. اهڙي ”ٻرڻ“ جو مثال لوهه کي ڪٽ (Rust) لڳڻ آهي. لوهه کي ڪٽ دوران ٻرڻ جو عمل تمام ڍري نموني ٿئي ٿو. عام طور تي جڏهن ”ٻرڻ جو عمل ڍري نموني ٿئي ٿو ته گرمي هوا ۾ خارج ڪونه ٿي ٿئي. پر آهستي آهستي گرمي پد ان حد تائين پهچي سگهي ٿو جو باهه ٻرڻ شروع ٿئي. اهڙي قسم جي عمل کي ”پاڻ مرادو ٻرڻ“ (Spontaneous Combustion) چئبو آهي. ڪنهن تيل واري ڪپڙي ۾ ”پاڻ مرادو ٻرڻ“ واري عمل دوران ڍري نموني ٿيندڙ آڪسيجن (Oxidation) سبب پيدا ٿيندڙ گرمي خارج ٿيڻ بدران ان تيل واري ڪپڙي ۾ گڏ ٿيندي رهي ٿي. نيٺ اها گرمي ايتري مقدار ۾ گڏ ٿي وڃي ٿي جو ڪپڙو باهه جي اُلن ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو. ”ٻرڻ“ لاءِ آڪسيجن انتهائي لازمي آهي، اها وايومنڊل ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ ملي ٿي. اسان جي چوڌاري موجود هوا جو 21 سيڪرو آڪسيجن تي ٻڌل آهي. مقصد ته ”ٻرڻ“ لاءِ گهربل آڪسيجن هر وقت موجود آهي. ”ٻرڻ“(Combustion) لاءِ آڪسيجن سان گڏوگڏ ”ٻرڻ جوڳا مادا“ (Combustile Substances) به لازمي طور تي گهربل ٿين ٿا. اسين اهڙن مادن کي ”تڪڙا ٻرندڙ مادا“ سڏيون ٿا. ”ٻرڻ“ ((Combustion دوران ڪتب ايندڙ ”تڪڙو ٻرندڙ“ (Inflamable) مادن کي ”ٻارڻ“ (Fuel) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڪاٺ، ڪوئلو، ڪوڪ، تيل (پئٽرول، ڊيزل وغيره، گاسليٽ ۽ ڪجهه خاص گئسن کي عام ”ٻارڻ“(Fuel) طور سڃاتو وڃي ٿو. ”ٻرڻ“ (Combustion) دوران هوا مان ايندڙ آڪسيجن جا ٻه ائٽم ”ٻارڻ“ (Fuel) جي هڪ ڪاربان واري ائٽم سان ملي هڪ نئون مرڪب جوڙين ٿا جنهن کي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (Co2) سڏيو وڃي ٿو. ڇا توهان کي خبر آهي ته اسان جي جسم اندر ٻرڻ (Combustion) جي عمل دوران گرمي ۽ توانائي پيدا ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ پڻ پيدا ٿيندي آهي، جنهن کي اسين ساهه کڻڻ جي عمل دوران خارج ڪري ڇڏيون ٿا[/JUSTIFY] (عوامي آواز)
جواب: باهه ڇا آهي ادا عرس ڀريو،اسلام عليڪم۔سائين منهنجا توهان هڪ بهترين ۽ معلوماتي ليک ونڍ ڪيو آهي۔اسان سائنس جا اسٽوڊنٽ نه هوندي به توهان جو ليک ۾ ڏنل سائنسي اصطلاح سمجهي واياسين۔ڇاڪاڻ ته سٺي انداز ۾ ان جي تشريح ڪئي ويئي آهي۔