• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موالي، ء، چور۔

عرس پريو

سينيئر رڪن

موالي

ٻه موالي ڇت تي ويٺا هئا،
پهريون موالي: يار ماچس ڪٿي آهي،
ٻيو موالي: يار تيلي ٻاري ڏس اتي ڪٿي هوندو.....!!

چور

چور هڪ گهر ۾ چوري ڪرڻ لاءِ گهڙيو ته الماري تي لکيل هو. الماري کي ٽوڙڻ جي ضرورت ناهي #415 ملائي سامهون واري ڳاڙهي بٽڻ کي دٻائيو الماري کلي ويندي، جيئن ئي بٽڻ کي دٻايائين ته گهنٽي وڳي ۽ پوليس پهچي ويئي ۽ پوليس چور کي پڪڙي ورتو. چور وڃڻ وقت گهر جي مالڪن کي چيو: ماءُ قسم اڄ انسانيت تان اعتبار ئي کڄي ويو.....!!

گانو

هڪ ماڻهو بازار ۾ گهمندي گانو ڳائي رهيو هو: عاشق مجبور آ ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هجي، بازار وارن مڇرجي کيس پادر هنيا، بازار مان ٻاهر نڪري وري ٻيو گانو ڳائڻ لڳو: الله سائين بچايو نه ته وڃان ها مري.....!!

نوڪريون

اسان وٽ تمام بهترين نوڪريون آهن پگهار 24 کان 40 هزار رپيا مهينو، وڌيڪ معلومات هيٺ پڙهندا.
1 ريل گاڏي جي لائيٽ سڙي وئي آهي ان جي اڳيان ميڻ بتي کڻي ڀڄڻو آهي.
2 ڪراچي ۾ سمنڊ جو پاڻي اڳتي وڌي رهيو آهي ان کي وائيپر سان پوئتي هٽائڻو آهي.
3 بئنڪ ۾ ڪيشئر کي نوٽ ڳڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي ان جي ڀرسان زبان ڪڍي ويهڻو آهي.
4 پاڪستان ۾ بجلي جون تارون ڪئي سالن جون پراڻيون ٿي ويون آهن انهن کي آلي ڪپڙي سان صاف ڪرڻو آهي.
5 هڪ موبائل نيٽ ورڪ جي ٿمبي تي چڙهي ٻين موبائيل نيٽ ورڪس جا سگنل روڪڻا آهن.....!!​
 
جواب: موالي، ء، چور۔

هڪ موبائل نيٽ ورڪ جي ٿمبي تي چڙهي ٻين موبائيل نيٽ ورڪس جا سگنل روڪڻا آهن.....!!

يار عرس واه جو ڪم ڪيو اٿئي۔۔۔۔۔۔۔

اصل کل بيهي ئي ڪونه ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بهترين مزاحيه ٽوٽڪا ونڊ ڪيا اٿئي
 
جواب: موالي، ء، چور۔

ههههههههههههههه۔۔۔۔ ادا اصل لاجواب ونڊ ڪيو اٿوَ،
اسان به بيروزگار آهيون نوڪري ڳوليون پيا پر اهڙيون نوڪريون مليون ته اسان نوڪري ڳولڻ‌کان توبهه ڪئي۔۔۔ ههههههههههه
 
جواب: موالي، ء، چور۔

ههههههههههههههه۔۔۔۔ ادا اصل لاجواب ونڊ ڪيو اٿوَ،
اسان به بيروزگار آهيون نوڪري ڳوليون پيا پر اهڙيون نوڪريون مليون ته اسان نوڪري ڳولڻ‌کان توبهه ڪئي۔۔۔ ههههههههههه

ادا مست اوهان جي نوڪري پڪي بابا اوهان اوهان جي نوڪري جو انتظام مون ڪري ڇڏيو آهي ۔۔ انشاء الله اوهان روزگار سان لڳي ويندا
 
جواب: موالي، ء، چور۔

هاهاهاهاهاها
عرس ڀلا استاد ختم ٿي ويو ڇا؟
هاڻ مٺو جو پاسو ورتو اٿئي!!
هاهاهاهاها۔
 
جواب: موالي، ء، چور۔

هاهاهاهاهاها
عرس ڀلا استاد ختم ٿي ويو ڇا؟
هاڻ مٺو جو پاسو ورتو اٿئي!!
هاهاهاهاها۔
 
جواب: موالي، ء، چور۔

ادا مست اوهان جي نوڪري پڪي بابا اوهان اوهان جي نوڪري جو انتظام مون ڪري ڇڏيو آهي ۔۔ انشاء الله اوهان روزگار سان لڳي ويندا

سائين الله اوهان کي جزاءِ خير عطا ڪندو۔
انسانن جي ڪم اچڻ ئي ته اصل انسانيت آهي۔
 
Back
Top