• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجو شهر ٽنڊومحمد خان جي حوالي سان جشن ٽنڊومحمد خان ۾ مشاعرو

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ هتي منهنجو ٽنڊومحمدخان جي حوالي سان جشن ٽنڊومحمد خان جون ٽي روزه تقريبون ملهايون ويون، جنهن ۾ راندين جا مقابلا، اسڪولن ۾ شاگردن وچ ۾ تقريري مقابلا، مينا بازار، راڳ رنگ جون محفلون، اسٽيج شو، ايوارڊن ورهائڻ واري تقريب، ادبي ڪانفرنس ، سگهڙن سان ڪچهري ۽ اردو سنڌي مشاعري جو اهتمام پڻ ڪيو ويو آهي، دوستو انهن سڀني تقريبن ۾ انتظاميه پاران بحيثيت سنڌ سلامت جي نمائندي مونکي شريڪ ٿي ڪوريج ڪرڻ جي دعوت پڻ ملڻ هُئي ، پر تقدير جي ستم ظريفي سان ڪجهه ڏينهن پهرين هڪڙي جاڳرتا ريلي گهرشماري ۾ سنڌ سلامت واسطي فوٽو گرافي جي دوران هڪڙو موٽر سائيڪل وارو سنڌي دوستو شايد شراب جي نشي ۾ مدهوش ٿي مون مسڪين جي ساڄي پير مٿان موٽر سائيڪل چاڙهي منهنجي ساڄي پير جي ٻيڙي ٻوڙي ويو هليو سو پير ۾ شديد سُور سبب منهنجو انهن سارين تقريبن ۾ شريڪ ٿيڻ تقريبن ناممڪن بڻجي ويو آهي، ڪالهه رات سنڌي اردو مُشاعرو هو، منهنجي حلالي شاعر شاگردن کي انهي عظيم الشان مشاعري ۾ منهنجي ڪمي شديد نموني محسوس پئي ٿي، سو هڪڙو منهنجي شاعر شاگرد ڦٽ ڦٽي کڻي آيو ۽ چوڻ لڳو ته سائين توهان کي وٺڻ آيو آهيان هلو مشاعري ۾ شرڪت ڪريو، مون چيومانس ته توکي خبر آهي مونکي پير ۾ گهڻي تڪليف آهي مان منڊو ٿي هلان سُٺو ڪونه ٿو لڳي ، ان چيو سائين توهان کي موٽر سائيڪل تي وٺي هلان ٿو، توهان کي ڀڄ ڍُڪ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي فقط توهان اسان جي سٿ ۾ ويهندا ته به اسان کي خوشي ٿيندي، پر منهنجي سنڌ سلامت واسطي تصويري ڪوريج ڪير ڪندو چوڻ لڳو ته سائين اهي تصويرون اسان ڪڍنداسين پر دوست مون سان گڏ منهنجي ڪئميرا به شديد زخمي ٿي پئي آهي ان شاگرد چيو ته سائين ڪئميرا جو بندو بست به ٿيل آهي بس توهان هلو، مان دل نه چاهيندي هليو ويس ، ان مشاعري ۾ منهنجي شاگرد جي محبت کان علاوه سنڌ سلامت سان محبت جو به هڪڙو پهلو نمايان هو، ان کان علاوه هن مشاعري جي صدارت سنڌ ڌرتي جي نامياري شاعر محترم حليم باغي جي حوالي هُئي ، جيئن ته حليم باغي سان ملڻ جو اشتياق ڪافي ڏينهن کان هو، دل چاهيو ته انهي بهاني سان اڙي شهر جانان ڪي توکي سنڀارون ته ڪنهن شاعر جو گُذريون هتي پنج بهارون ، هائي هٺيلا پريتم ۽ انيڪ ساري قومي گيتن جي سرجڻهار حليم باغي سان ملاقات به ڪري وٺندس، سو چند سنڌ سلامت جا ڪيلنڊر کڻي ان شاگرد سان موٽر سائيڪل سوار ٿي هليو ويس، اتي پهتس ته سڀ ادبي دوست منهنجي چوداري ڦري ويا مونکي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا، مونکان حال احوال پُڇڻ لڳا، سامهون ڏٺم ته اسٽيج تي اسان جو کاهوڙي دوست محمد رفيق آس لغاري اسٽيج سيڪريٽري وارا فرض سرانجام ڏيئي رهيو هو، اُن هٿ کڻي مونکان منهنجي صحت جو پُڇيو، ۽ اشارن اشارن ۾ مونکي ڀليڪار چئي، ان کان علاوه اسٽيج تي حليم باغي، تاج جويو، پروانو ڀٽي، سانئڻ زيب نظاماڻي، سانئڻ مهرالنسا لاڙڪ، ڊاڪٽر اڪرام غوري، ساز ڪاظمي ۽ ڪافي اردو ٻولي سان تعلق رکندڙ شاعر جن جا نالا مونکي نٿا اچن اسٽيج تي موجود هُئا، ٿوري دير کانپو رفيق آس لغاري جو نياپو مليو ته سائين توهان شاعري پڙهندا، اڙي مان ته ڪا شاعري کڻي ئي ڪونه آهيان ، ان ڪري ان نياپي کڻي ايندڙ کي جواب ڏنم ته نه مان ڪونه کڻي آيو آهيان ڪونه پڙهندس ، ٿوري دير کان پو هڪڙي چٺي رفيق آس لغاري لکي موڪلي ته حرام پائي ڇڏ، اسان کي خبر آهي ته توکي پنهنجي شاعري تقريبن سموري ياد هوندي آهي ان ڪري تنهنجي نمبر اچڻ تي توکي ضرور شاعري پڙهڻ لا گهرائيندس، هُن تقريبن رات جو ٻارهين وڳي مونکي شاعري پڙهڻ لا گهرايو، مان منڊڪائيندو منڊڪائيندو اسٽيج تي پهتس ته دوستن وڌي اچي سهارو ڏنو ۽ مونکي ڊائس تي اچي بيهاريو، اتي ٿورو ذهن تي زور ڏنم ته جيڪو تازو غزل ”هٿان ماري هتي هنج کي وڏو خنجر کُپيل آهي، رڳو ڪانگن جي ڪان ڪان جي وڏي ٻيگهي متل آهي واري شاعري پڙهڻ شروع ڪيم دوستو مون مسڪين کي الله طرفان اها هڪڙي وڏي نعمت مليل آهي ته مان پنهنجي شاعري جلدي ياد ڪري وٺندو آهيان مونکي ڪنهن به ڊائري يا ڪاغذ جي ٽُڪري جي ضرورت ڪانه پوندي آهي سو جڏهن پنهنجو اهو غزل پڙهيم ته دوستن دل کولي منهنجي شاعري کي تاڙيون وڄائي ۽ واهه واهه چئي داد ڏنو، دوستو شاعر جي خوشي جو اندازو واهه واهه جي همت افزائي سان لڳائي سگهجي ٿو سو مونکي ايتري ته خوشي ملي جو پل ڀر پير ۾ شديد سور ڀُلجي ويس، جڏهن پنهنجي شاعري پڙهي پوري ڪيم ته اسٽيج تي ويٺل سڀني دوستن کي پنهنجو سنڌي سلام هٿ جوڙي ڪيم، سانئڻ زيب نظاماڻي اُٿي هلي آئي چوڻ لڳي سائين نثار هاڻي توهان جي طبيعت ڪيئن آهي مون الله جا شڪر ادا ڪيا، ايتري ۾ سانئڻ مهرالنسا لاڙڪ پنهنجو ڪتاب اکين جا اوجاڳا جي اعزازي ڪاپي اچي مونکي ڏني مان سندن ٿورا ادا ڪندي اسٽيج تان لهي آيس رفيق آس لغاري کي پيغام موڪليم ته جنهن مهل مشاعرو ختم ٿئي ته اسٽيج تان اعلان ڪجان ته سنڌ سلامت جا سال 2011 ع جا ڪيلينڊر معزز مهمانن کي ڏنا ويندا۔ جڏهن مشاعرو ختم ٿيو ته مونکي اسٽيج تي گهرايو ويو، تمام شاندار نموني اهو اعلان ڪيو ويو ته انٽرنيٽ تي دنيا جي وڏي ۾ وڏي سنڌي فورم سنڌ جو سرپرست اعلا سائين نثاراحمد ناز سڀني مهمانن کي سنڌ سلامت ڪيلينڊر جا تُحفا ڏيندو ، مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي جو قومي شاعر حليم باغي سان ملڻ جو موقعو ملي رهيو هو۔مون ڪيلينڊر ورهائڻ وارو پنهنجي قومي فرض ادا ڪيو۔ ان کان پو راڳ رنگ جي محفل شروع ٿي ته مونکي اسٽيج تي گهرايو ويو ڪافي گيت اسان سُنگهه جي صورت ۾ اسٽيج تي گڏجي ڳاتا اهڙي ريت هي مشاعري واري تقريب تقريبن رات جو ٽين وڳي اختتام پذير ٿي۔​
دوستو هن ساري تقريب جون تصويرون اسان جي دوست اعظم ڀٽي ڪڍيون توهان کي ياد هُجي ته 12 جنوري تي مون کان ٽنڊو محمد خان ايف ايم تان انٽرويو وٺندڙ محترم اعظم ڀٽي ئي هو۔ هن کي مشاعري واري تقريب دوران گُذارش ڪئي هُئم ته مونکي اهي تصويرون سنڌ سلامت واسطي ڏنيون وڃن هُن وڏي خوشي سان چيو ته اهو هُن لا وڏو اعزاز هوندو ته منهنجون تصويرون سنڌ سلامت تي لڳنديون هو يو ايس بي ۾ سموريون تصويرون مونکي ڏئي ويو ۔ جيڪي هڪ ڪلاڪ کان پو توهان دوستن سان شيئر ڪندس ڇو جو صُبح جو ساڍي اٺين وڳي بجلي هلي ويندي ڪلاڪ انتظار ڪندا۔ مهرباني​
 
جواب: منهنجو شهر ٽنڊومحمد خان جي حوالي سان جشن ٽنڊومحمد خان ۾ مشاعرو

جاڳرتا ريلي گهرشماري ۾ سنڌ سلامت واسطي فوٽو گرافي جي دوران هڪڙو موٽر سائيڪل وارو سنڌي دوستو شايد شراب جي نشي ۾ مدهوش ٿي مون مسڪين جي ساڄي پير مٿان موٽر سائيڪل چاڙهي منهنجي ساڄي پير جي ٻيڙي ٻوڙي ويو هليو

سائين سڀ کان پهريان ته اوهانجي پير جي تڪليف جو ٻڌي ڏک سان گڏ فڪر ٿيو، هاڻ تڪليف ڪئين اهي؟ دعائون اسانجي وس، ڦڪيون کائڻ اوهانجو ڪم، شفا مٿي واري جي حڪم سان ٿيندي ۔۔۔انشاء الله

سنڌ جي رش ۾ هلڻ وقت چار اکيون ڪري هلڻو پوندو آهي جو پاڻ ته ماڻهون ٻين کي بچائي ٿو پر ٻيا بچائن يا نه انهن جي وس آهي ۔۔۔ قانون جنگل ڪا ۔۔۔

ٽنڊي محمد خان وارن کي اهڙين سهڻين سرگرمين ڪرڻ تي واڌايون ۽ اوهانکي به واڌايون جو اوهان ٽنڊي محمد خان جي قومي، ثقافتي ۽ ادبي پروگرامن جي سرهاڻ ۾ اضافو ڪندا رهو ٿا ۽ گڏو گڏ سنڌ سلامت جو نالو به روشن ڪندا رهو ٿا ۔۔۔

سلام اوهانکي ۔۔۔۔ تصويرن جو اتنظار رهندو

پنهنجو خيال ڪجو

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: منهنجو شهر ٽنڊومحمد خان جي حوالي سان جشن ٽنڊومحمد خان ۾ مشاعرو

پيش آهن ڪجهه تصويرون انهي مشاعري جون

215704_10150166541348216_794048215_6691764_3178784_n.jpg

منهنجو ٽنڊو محمد خان فيسٽول ۾ ادبي بينر آويزان آهي ان بينر جي هيٺان سنڌ ڏاهو تاج جويو صاحب ۽ سنڌ جو قومي شاعر حليم باغي نمايان آهن

207529_10150167016908216_794048215_6695857_8374379_n.jpg

اڙي شهر جانان کي توکي سنڀارون ته شاعر جون گُذريون هت پنج بهارون جهڙي گيت جو تخليقار سائين حليم باغي پنهنجي شاعري ٻُڌائي رهيو آهي

207588_10150166636718216_794048215_6692614_4254434_n.jpg

سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه پنهنجي شاعري سڀني سان شيئر پئي ڪري۔

216755_10150166637298216_794048215_6692619_2851800_n.jpg

تاج جويو صاحب پنهنجا دوها ٻُڌائي رهيو آهي۔

217123_10150166632538216_794048215_6692586_1220095_n.jpg

سانئڻ مهرالنسا لاڙڪ پنهنجي خوبصورت ترين شاعري ٻُڌائي رهي آهي

205200_10150166633943216_794048215_6692594_2769616_n.jpg

سنڌي شاعره رضيه لغاري پنهنجي ڪويتا سان سڀني کي سرفراز فرمائي رهي آهي

217143_10150166634738216_794048215_6692599_1246119_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر شاعري ٻُڌائي رهيو آهي

207360_10150166633593216_794048215_6692593_2861733_n.jpg

مشڪور ڦلڪارو پنهنجا بيت ٻُڌائي رهيو آهي

216811_10150166638273216_794048215_6692627_2834136_n.jpg

محترم پروانو ڀٽي صاحب پنهنجون رُباعيون ٻُڌائي رهيو آهي

217159_10150166631383216_794048215_6692575_4497523_n.jpg

هن ادبي مشاعري جو سيڪريٽري اسان جودوست رفيق آس لغاري پنهنجي شاعري سان سڀني کي نوان جذبا ارپي رهيو آهي۔​
 
جواب: منهنجو شهر ٽنڊومحمد خان جي حوالي سان جشن ٽنڊومحمد خان ۾ مشاعرو

تقدير جي ستم ظريفي سان ڪجهه ڏينهن پهرين هڪڙي جاڳرتا ريلي گهرشماري ۾ سنڌ سلامت واسطي فوٽو گرافي جي دوران هڪڙو موٽر سائيڪل وارو سنڌي دوستو شايد شراب جي نشي ۾ مدهوش ٿي مون مسڪين جي ساڄي پير مٿان موٽر سائيڪل چاڙهي منهنجي ساڄي پير جي ٻيڙي ٻوڙي ويو هليو سو پير ۾ شديد سُور سبب منهنجو انهن سارين تقريبن ۾ شريڪ ٿيڻ تقريبن ناممڪن بڻجي ويو آهي،

سائين اوهان جي پير جي تڪليف جي باري ۾ مون کي هينئر اڃان ادا عبدالغفور ٻڌايو، توهان ايتري ڏينهن کان فيسبوڪ يا سنڌ سلامت تي ان باري ۾ ڪا ڳالهه ئي نه ڪئي آهي، هاڻي اوهان جي طبيعت ڪيئن آهي، منهنجي ماما سائين جي طبيعت ٺيڪ نه آهي، ان ڪري ٿورو گهڻو خفن ۾ مان سنڌ سلامت تي گهٽ آن لائن پيو ٿيان، اميد ته اوهان کي مولا جلد صحتياب ڪندو ۽ اوهان پهرين کان به وڌيڪ چستيءَ‌سان سنڌ سلامت جي لاءِ پنهنجي رپورٽنگ جو عمل جاري رکندو۔۔۔ خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اوهان جو جذبو ڏسي اوهان جا شاگرد اوهان جا ٻانهن ٻيلي بڻجي ويا آهن۔۔۔۔ ان پروگرام جي بابت مون اخبار ۾‌پڙهيو هو، سوچيم ته سائين نثار ناز ضرور ان پروگرام ۾ شرڪت ڪندو ۽ ان جو احوال اسان سان ونڊ‌ڪندو۔۔۔ اسان جون نيڪ تمنائون اوهان سان گڏ آهن۔۔۔​
 
جواب: منهنجو شهر ٽنڊومحمد خان جي حوالي سان جشن ٽنڊومحمد خان ۾ مشاعرو

215991_10150166629483216_794048215_6692548_4502119_n.jpg

ڪتاب اکين جا اوجاڳا جي تخليق ڪار سانئڻ مهرالنسا لاڙڪ جي يادگار شرڪت سڀني سنڌي شاعرن ۽ شرڪت ڪندڙن جي دل ۾ اُتساهه ، ويساهه ۽ همت افزائي جو جذبو جاڳائي وئي۔

205496_10150166629638216_794048215_6692550_5341251_n.jpg

تمام پيارن ۽ سُندر جذبن جي سرجڻهارا شاعره محترما رضيه لغاري صاحبه

216897_10150166680563216_794048215_6692838_155156_n.jpg

سدائين پنهنجي مُک تي مُسڪراهٽون وکيريندڙ، ارپنا جون ڪويتائون سرجيندڙ ، سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جو نهايت ئي دلڪش انداز۔

206664_10150166631813216_794048215_6692580_4853969_n.jpg

دوستو اجرڪ اسان جي سنڌ جي اها خوبصورت ترين سوکڙي آهي جو ان جي اوڍڻ سان سموري سنڌ ڄڻ ته پنهنجي وجود ۾ واسجڻ لڳندي آهي سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه کي اجرڪ اوڍائي پئي وڃي

205648_10150166631958216_794048215_6692581_6742755_n.jpg

سانئڻ مهرالنسا لاڙڪ صاحبه کي اجرڪ جي سوکڙي اوڍائي پئي وڃي۔

208616_10150166631488216_794048215_6692576_5407331_n.jpg

مشڪور ڦلڪارو محترم تاج جويو صاحب کي اجرڪ اوڍائي رهيو آهي

216427_10150166630583216_794048215_6692563_5769517_n.jpg

زيب نظاماڻي صاحبه، مهرالنسا لاڙڪ صاحبه صاحبه، رضيه لغاري صاحبه ۽ مشڪور ڦلڪارو نمايان آهن۔

207720_10150166629048216_794048215_6692541_1531547_n.jpg

سنڌي نياڻين جي شرڪت به يقيني بنائي وئي هُئي ان مشاعري ۾

205440_10150166629233216_794048215_6692544_3348122_n.jpg

سنڌي سپوتن جي ڇا ڳالهه ڪجي انهن جو ساٿ ته هو جو هن خوبصورت مشاعري کي چار ڇا پر چاليهه چنڊ لڳا هُئا۔

206916_10150166627923216_794048215_6692519_8188321_n.jpg

محترم اعظم ڀٽي پنهنجي نڪور شاعري ٻُڌائي رهيو آهي هي اهو ئي اعظم ڀٽي آهي جنهن جي ڪري سنڌ سلامت تي اهي تصويرون لڳائڻ ممڪن ٿي سگهيو، هي ساريون تصويرون محترم اعظم ڀٽي سنڌسلامت کي ڊونيٽ ڪيون آهن۔​
 
جواب: منهنجو شهر ٽنڊومحمد خان جي حوالي سان جشن ٽنڊومحمد خان ۾ مشاعرو

ادا نثار مولا اوهان کي سلامت رکي، اوهان جي طبيعت جي ناچاقي ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڌڻي اوهان کي جلد صحتيابي نصيب فرمائي، هاڻ اوهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟ مٿين تصويرن ۾ اوهان جو ديدار ڪانه ٿيو!!
 
جواب: منهنجو شهر ٽنڊومحمد خان جي حوالي سان جشن ٽنڊومحمد خان ۾ مشاعرو

ادا نثار مولا اوهان کي سلامت رکي، اوهان جي طبيعت جي ناچاقي ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڌڻي اوهان کي جلد صحتيابي نصيب فرمائي، هاڻ اوهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟ مٿين تصويرن ۾ اوهان جو ديدار ڪانه ٿيو!!
ادا زماني جي خفن جي ڪري هن پروگرام جون ڪافي تصويرون توهان سان ونڊ نه ڪري سگهيس دل نه لاهيو پنهنجون تصويرون هاڻي ڏيان ٿو، اميد ته توهان کي پسند اينديون باقي طاهر سنڌي هاڻي الله پاڪ جا ڪرم آهن مان بلڪل ٺيڪ آهيان۔

206796_10150166639398216_794048215_6692634_7215179_n.jpg


215927_10150166639703216_794048215_6692637_5507223_n.jpg

سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز سنڌ جي مهان شاعر حليم باغي سان گڏ ۽ ٻي تصوير ۾ محترم حليم باغي کي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2011ع جو تحفو ڏئي رهيو آهي۔
207212_10150166640608216_794048215_6692643_5147820_n.jpg

نثارناز محترم تاجو جويو کي سنڌ سلامت جي سوکڙي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر ڏئي رهيو آهي

215551_10150166640938216_794048215_6692648_2446981_n.jpg

سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2011 ع محترم پروانو ڀٽي کي ڏنو پيو وڃي

206240_10150166641073216_794048215_6692649_190518_n.jpg

ٽنڊو محمد خان جي مشهور ڊاڪٽر اڪرام الدين غوري کي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر ڏنو پيو وڃي

207565_10150166523623216_794048215_6691509_2958229_n.jpg


208580_10150166527978216_794048215_6691573_6890241_n.

سنڌ جو مشهور قوم پرست راڳي ٻيجل سنڌي حليم باغي جا ڳيت ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا​

ادا طاهر سنڌي اميد ته منهنجي ٻوٿي ڏسي توهان کي خوشي ٿي هوندي، ادا باقي هاڻي پوڙهائپ جا سايا گهر ڪري رهيا آهن ۽ اهڙن ڪمن ۾ سستي ٿيڻ فطري آهي ان ڪري دير ٿئي ته پوڙهو سمجهي معاف ڪري ڇڏيندا ڪريو۔
 
جواب: منهنجو شهر ٽنڊومحمد خان جي حوالي سان جشن ٽنڊومحمد خان ۾ مشاعرو

ادا وڄائي ڇڏيوَ!! ايترن ڏينهن کان پوءِ به اسان اوهان کي ياد آيا سين جو اڄ جواب ڏنو اٿوَ!! يار ڪمال ڪري ڇڏيي مولا اوهان کي هر وقت خوش رکي، سدا سلامت هجو۔
 
Back
Top