اهڙا دوست جيڪي مختلف ڪيفي يا موبائيل ڊائونلوڊنگ اپلوڊنگ يا وري ڪو اهڙو بزنس هلائيندا هجن جيڪو انٽرنيٽ تي مشتمل هجي ۔۔۔ ته انهن کي پنهنجي انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي رفتار بار بار چيڪ ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي ۔۔ کين اڪثر نيٽ پرووائيڊرس کان شڪايت رهندي آهي ته هُو وڌيڪ رفتار جو ملهه وٺي گهٽ نيٽ جي رفتار ڏين ٿا۔۔۔ ۽ اهو ثابت ڪرڻ لاءِ هو هر وقت ڪو سٺو انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي رفتار معلوم ڪندڙ سافٽويئر جي ڳولا ۾ هوندا آهن۔۔۔ اهڙن دوستن لاءِ هڪ اهڙو سافٽويئر حاضر آهي جنهن جي ذريعي ڊائونلوڊنگ، اپلوڊنگ، برائوزنگ، پاڪيٽ لاسٽ، جٽر معلومات وٺڻ کان سواءِ ۔۔۔ گذريل هڪ ڪلاڪ جي رفتار کي لاگ فائيل ۾ محفوظ پڻ رکي ٿو ۔۔۔ جنهن ۾ گذريل ڪلاڪ جي نيٽ رفتار پاڻ مرادو محفوظ ٿئي ٿي۔۔۔ سافٽويئر جو نالو آهي JDSpeedTester پوءِ دير ڇاجي هاڻي ئي هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔
جواب: ڪهڙي به وقت پنهنجي انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي رفتار معلوم ڪريو۔۔۔ تمام بهترين سافٽوئير آهي سائين توهان جي مهرباني.
جواب: ڪهڙي به وقت پنهنجي انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي رفتار معلوم ڪريو۔۔۔ سافٽ ويئر ته ڊائونلوڊ ڪري ڇڏيو آهي باقي انسٽال ڪري ڏسي پو۽ پنهنجي را۽ ڏيندس بهترين ڪوشش آهي سائين جاري رکجو سدائين گڏ