• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آخري ديدار ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو آخري ديدار​
۔


jz74ld.jpg
۔
eqct4y.jpg

292tr9v.jpg

2vuiwq0.jpg
سنڌي ادب جو امام ناميارو تاريخدان محقق ماهر لسانيات شارح لطيف جڳ مشهور اسڪالر علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويو. انالله وانا اليه راجعون

هيءَ خبر انتهائي افسوس سان لکڻي پوي ٿي سنڌ جي نامور شخصيت، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شارح ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي باني چيئرمين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو انتقال ٿي چڪو آهي. (انا لله و انا اليہ راجعون)سندس وفات جو ڪارڻ اڄ رات 3 بجي دل جو دورو پوڻ هو. مرحوم جي نماز جنازه اڄ شام جو 5 بجي سنڌ مسلم هائوسنگ مسلم سوسائٽي، قاسم آباد جي پارڪ ۾ ادا ڪئي پئي وڃي. سندن پونيئرن جو خيال هو ته ڊاڪٽر صاحب کي خيرپور ۾ سندن ڏاڏي مير محمد خان بلوچ جي ڀرسان دفنايو وڃي، پر سنڌ جي کوڙ سارن عالمن ۽ اديبن جي راءِ آهي ته کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ موجود علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار مبارڪ ڀرسان دفن ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪنهن اديب کي ان جي خواهش پڻ ظاهر ڪئي هئي.ڊاڪٽر صاحب جي انتقال سان سنڌ ۾ ادب جو هڪ وڏو خال پيدا ٿي چڪو آهي، جيڪو شايد ئي پورو ٿي سگهي. مڙني دوستن کي درخواست آهي ته مرحوم جي مغفرت لاءِ دعائون فرمائين ۽ دعا ڪن ته الله رب العزت مٿن تڪليفن کي هٽائي ۽ کين جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ سندن پونيئرن کي هن غم سهڻ جي ۽ صبر جي توفيق عطا فرمائي. (آمين بجاه نبي الڪريم)

رب العالمين سنڌ جي ڏاهي، سنڌ جي اديب ۽ سنڌ سڄڻ سائين مرحوم نبي بخش خان کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سنڌ کي سائين نبي بخش جهڙا سنڌ سڄڻ عطا ڪندو رهي ۔۔۔ آمين
سنڌ جي عظيم محسن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وڇوڙي تي عقيدت جي ڀيٽا طورعلم جو باب بند ٿي ويو۔ادب جو خواب بند ٿي ويو۔ڪندي هئي ناز جنهن تي سنڌ، سو اڄ ڪتاب بند ٿي ويو۔سنڌ ساري ڏکايل بزم ادب کاڻ پاران ڏک جو اظهار۔مرحوم جي بخشش لا دعا۔
رب العالمين مرحوم ڊاڪٽر صاحب کي بلند درجا عطا ڪري ۔۔۔۔۔۔۔آمين ۔۔۔۔۔الله ٻاجهارو آهي، ڊاڪٽر صاحب جو ڪيل سمورو ڪم لاجواب آهي پوء اهو لوڪ ادب تي هجي، تحقيق تي هجي، لطيف تي هجي، لغت تي هجي يا سنڌ جي ريتن رسمن تي هجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔سنڌ سلامت کيس سلام پئي پيش ڪري
.
بلڪل ادا ممتاز ان رات ٿيندڙ پنهنجي وچ ۾ ڪچهري جو هڪ هڪ لفظ مونکي ياد آهي، ڪيئن ديوانن جيان پاڻ محترم مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش صاحب جن جي شخصيت جي باري ۾ ڳالهائي رهيا هئا سون، بس ادا هي ته اسان جو پنهنجو جنازو آهي، پنهنجو قضيو آهي، ڪنهن سان تعزيت ڪريون؟اوهان جا ٿورا جو اوهان مرحوم ڊاڪٽر صاحب جن جو يادگار انٽرويو سڀني سنڌين دوستن سان ونڊيو آهي.ادا ممتاز سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اوهان جون ڪاوشون کيرون لهڻن.اوهان جي هڪ هڪ پوسٽ ياديگار قيمتي خزانو هوندي آهي.اوهان جيڪو به موضوع ونڊيو ٿا ته ان جي سڀني پهلوئن تي برابر نظر رکندا اچو، جو ان موضوع جو ڪو به زاويو وڌيڪ وضاحت طلب نه ٿو رهي.آءُ سمجهان ٿو ته هن اڱڻ تي ڪافي دوستن جي محنت اوهان جي محنت اڳيان ڪجهه به نه آهي.ڌڻي اوهان کي ان جو صلو ضرور ڏيندو.
انالله وانا اليه راجعون۔۔۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو مان جڏهن صبح اٿيس ۽ پنهنجي پسند جو فورم سنڌ سلامت کوليم ته مون کي فورم تي پهرين خبر هي ملي ته سنڌي ادب جو امام ناميارو تاريخدان محقق ماهر لسانيات شارح لطيف جڳ مشهور اسڪالر علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويو. انالله وانا اليه راجعون۔۔۔ ۽ ان خبر اندر جهوري وڌو مگر انسان بيوس آهي انهيء ذات جي اڳيان جنهن جي وس ۾ هن پوري دنيا جو نظام آهي، دوستو هن فاني دنيا مان هر ڪنهن کي راهه رباني وٺڻي آهي، هي دنيا ته آهي ئي فاني، بقاء جو مقام ته آخرت آهي،بس ان لاء هر وقت هر ڪنهن کي تيار رهڻو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ ڌرتي جي ڪک مان هزارين اهڙا سپوت ۽ انمول انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مٿان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ناز ڪيو آهي، ۽ سنڌ ڌرتي کي جنهن به محبت ڪري پنهنجو ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي ان کي هڪ نه وسرندڙ سڃاڻپ ڏني آهي، انهن شخصيتن مان سنڌ جي مهان شخصيت علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب به هڪ هئا، ادا ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو سچا عاشق هئا، ، ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن کي دنيا ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ هميشه ياد رکيون وينديون۔ڊاڪٽر بلوچ صاحب علامه دائودپوٽه ۽ علامه آء ‌آء‌ قاضي صاحب کانپوء هن دور جا تمام وڏا عالم ۽ اديب هئا، سندس خال ڀرجڻ مشڪل آهي، اهڙا عالم ۽ انسان صدين کانپوء ئي پيدا ٿيندا آهن، افسوس جو ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات جي خواهش دل ۾ ئي رهجي وئي ۽ مان ملاقات جو شرف حاصل ڪري نه سگهيس، بس ادا بقول شيخ اياز صاحب ته ۔۔۔ ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا، تون اڃان پيو جيئين هئي ڙي جيئڙا۔۔ ڪجهه ڏينهن پهرين ئي مون ڊاڪٽر صاحب تي هڪ تفصيلي مضمون۔۔ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۔ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو هو، ۽ ان کان علاوه گذريل رات ئي منهنجي ۽ دوست طاهر سنڌي صاحب جي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي شخصيت تي ڳالهائي رهيا هئاسين۔، بس ادا ڏک ته تمام گهڻو ٿيو آهي، ۽ اهو به اهڙو جهڙو ڪنهن پنهنجي ويجهي عزيز جو ٿيندو آهي مگر ادا اڄ نه ته سڀاڻي هلڻو ته سڀ ڪنهن کي، ڪو به هت ناهي رهڻو، ۔۔۔ ادا دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون درگذر ڪري کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري۔آمين
سنڌي ٻولي ۽ شاهه لطيف جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي اوچتي وفات تي دل جي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ايسوسيئيشن وڌيڪ چيو آهي ته اهڙيون شصيتون سنڌ صدين ۾ پيدا ڪندي آهي ۽ هاڻي مرحوم بلوچ جي لاڏاڻي کان پوءِ سنڌ ۾ وڏي عرصي لاءِ اهڙي عظيم شخصيت جو خال رهندو ۽ سنڌ هڪ اهڙي شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. جنهن جون تعليمي ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ انمول خدمتون رهيون. اسحاق ادبي فورم جي اڳواڻن جبار تاثير سومري ۽ ٻين طرفان ڏک جو اظهار ڪندي 2 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ احمد خان جمالي، عوامي آواز جي مئنيجنگ ايڊيٽر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ سرور سهتي پڻ ڏک جو اظهار ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عالم، لوڪ ادب جي محسن لطيف جي پارکي ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وفات تي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ اياز ادبي اوطاق طرفان تعزيتي ريفرنس ٿيو، جنهن کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري مشتاق بخاري چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ ۽ سنڌي ادب جي اهڙي محسن شخصيت آهي، جنهن جي وفات سبب سنڌي ادب جو وڏو نقصان ٿيو آهي، جنهن جو ازالو صدين تائين ٿيڻ ناممڪن آهي. ريفرنس ۾ بيماري باوجود خاص شرڪت ڪندي اديب محمد علي پٺاڻ چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ادارن جو مجموعو هو. سرمد چانڊيي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ علي ڳڙهه يونيورسٽي مان عالم جي ڊگري حاصل ڪري آيو هو. هن لوڪ ادب تي ڀرپور ڪم ڪندي 40 کان وڌيڪ جلد ڏنا

http://www.youtube.com/watch?v=aMsI3cyQLJU
http://www.youtube.com/watch?v=GeP-8Mup_g8
 
جواب: آخري ديدار ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو

صبحان الله .
ادا جواب تحرير ڪرڻ جي مهرباني، ادا ڊاڪٽر صاحب جي ڇهري مان لڳي ٿو ته پاڻ اسان کان جدا ئي ناهن ٿيا پر ائين پيپ لڳي ته پاڻ ننڊ پيا آهن۔ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي علمي ادبي ادارن کي باقاعده مضبوط ڪري هڪ اهڙو تاريخي ڪم سرانجام ڏنو جيڪو مستقبل ۾ شايد ئي ڪو ڏئي سگهي ، ڊاڪٽر بلوچ پاڻ ته هٿين خالي هليو ويو پر اسان کي گهڻو ڪجهه ڏئي ويو هن جي جيون ۾جهاتي پايون ٿا ته ڄاڻ پوي ٿي ته هن زندگي جا 94 سال ٻين لاءِ گذاريا آهن، ۽ پاڻ گذاريائون هڪ زندگي جيڪو اسان مسلمانن جو به ايمان ۽ عقيدو آهي پر ڊاڪٽر صاحب ڪم ٽن زندگين وارو ڪيو آهي، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ذاتي زندگي گذارڻ سان گڏ ايڏو وڏو ڪم ڪيو آهي جو سندس ڪم ڏسي ڪري اهيو يقين ۾ به نه ٿو اچي ته ڇا ڪو ايترو وڏو ڪم هڪ زندگي ۾ به ڪري سگهي ٿو۔ ادا دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون درگذر ڪري کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين۔
 
جواب: آخري ديدار ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو

سبحان اللھ​

ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن کي دنيا ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ هميشه ياد رکيون وينديون۔ڊاڪٽر بلوچ صاحب علامه دائودپوٽه ۽ علامه آء ‌آء‌ قاضي صاحب کانپوء هن دور جا تمام وڏا عالم ۽ اديب هئا ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: هڪ نالو، سنڌ جي ادب، تاريخ، ٻوليءَ، تعليم، ثقافت، موسيقي ۽ لطيفيات جو. هُو سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ اهم حصو هو جنهن جو هر شعبي ۾ ڪم ڪيل هو سندس ڪم جي اگر صرف لسٽ ٓٺاهبي ته اها به تمام وڏي لسٽ ٺهي ويندي، ڊاڪٽر بلوچ هڪ دور هڪ صدي جي تاريخ هئا، ماشاء الله سان ڊاڪٽر صاحب عمر جي آزر تائين به علمي ادبي سرگرمين ۾ حصو وڍندا رهيا هئا، پاڻ هڪ پڪا پخته عالم اديب ۽ انسان هئا، سادي طبيعت جا مالڪ ۽ تمام وڏي علم جا مالڪ هئا، پاڻ هر ڪنهن جي خط جو جواب ڏيندا رهندا هئا، پوء اهو مون جهڙو عام ماڻهون ئي ڇو نه هجي، ڊاڪٽر صاحب جا ڪجهه خط مون ناچيز وٽ به هڪ خزاني جي مثل محفوظ آهن، دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين۔
 
جواب: آخري ديدار ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو

سنڌ جي هن عظيم ڏاهي انسان کي سلام ۽ سندس لاء رب پاڪ جي حضور ۾ دعا ته رب پاڪ کين بهشت عطا ڪري ۽ پنهنجي نيڪ ٻانهن ۾ شمار ڪري۔ ڊاڪٽر صاحب جو علمي، تحقيقي، ۽ تعليمي ڪم اڻ کُٽ آهي جنهن تي لکجي ته پنا ڀرجي ويندا۔

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جيا
 
جواب: آخري ديدار ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو

سنڌ جي هن عظيم ڏاهي انسان کي سلام ۽ سندس لاء رب پاڪ جي حضور ۾ دعا ته رب پاڪ کين بهشت عطا ڪري ۽ پنهنجي نيڪ ٻانهن ۾ شمار ڪري۔ ڊاڪٽر صاحب جو علمي، تحقيقي، ۽ تعليمي ڪم اڻ کُٽ آهي جنهن تي لکجي ته پنا ڀرجي ويندا۔

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا
 
جواب: آخري ديدار ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو

ڌڻي شال جنت الفردوس نصيب فرمائي۔ آمين۔
 
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن سان ٻه ٽي دفعا ملاقات جو شرف حاصل ٿيو جيترو وڏي شخصيت جا مالڪ هئا ايتري ئي نهٺائي سندن زيور هئي ڪڏهن ائين نه محسوس ٿيو ته پاڻ ايتري مهان شخصيت جا مالڪ آهن۔ پاڻ کي هميشه عام معمولي شخص ڪري پيش ڪندا هئا۔ هڪ دفعي صبح جو سوير واڪ ڪندي ملاقات ٿي اها غالبا پهرين ملاقات هئي ، مون کانئن ڪنهن دوست جي گهر جو پڇيو ته پاڻ ٿورو اڳتي هلي اشاري سان دوست جو گهر ٻڌايائون ، نالو پڇڻ تي ٻڌايائون نبي بخش مون چيو ته سر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پاڻ مرڪي چيائون جي ها مان هڪ دفعي وري کين ڀاڪر پائي مليس۔ مون کي هڪ اسان جي قوم جي متعلق تاريخي شجرو به ڏنو هئائون ته جيڪا عام چوڻي آهي ته ڏاهري راجا ڏاهر جي ڪري ڏاهري سڏجن ٿا اهو غلط آهي بلڪ اهو ڏاهر ٻيو هو۔الله تعالى کين جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي۔آمين۔
 
۽ جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ هندي اسڪالر کي منجهائي اسٽيج ڇڏائي۔

آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندي، هي باهمت ۽ حوصلي وارو نوجوان وطن جي آزادي لاءِ ڏيساور ۾ به بهترين وڪيل ۽ سفير هو. آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ جيترا به ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جي هلچل تي سيمينار ٿيندا هئا ته پاڻ انهن ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هو، يا گهڻو ڪري کيس هڪ مقرر طور گهرايو ويندو هو. نتيجي ۾ هن هڪ سچي محبت وطن جي حيثيت ۾ آزاديءَ جي لهر دل ۾ سمائي پاڪستان جي نظرئي، ضرورت توڙي اهميت جي بهترين وڪالت ڪئي.
انهن سيمينارن ۾ اتان جي هڪ هندو دانشور مسٽر تارڪ ناٿ داس کي پڻ خاص طور تي گهرايو ويندو هو ۽ هو صرف ئي صرف ڪانگريس جماعت جو نقطه نظر پيش ڪندو هو. پنهنجي تقريرن ۾ هو اهو واضح ڪندو هو ته ننڍي کنڊ ۾ عوامي جماعت فقط آل انڊيا ڪانگريس ئي آهي ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جي علمبردار به فقط اها ئي نمائنده جماعت آهي.
نبي بخش خان بلوچ اهو واحد اسڪالر هو، جيڪو ان دور ۾ به آمريڪا جهڙي اهم ملڪ ۾ مسٽر تارڪ ناٿ داس جي غلط بيانن جو علمي توڙي سياسي طور تي مقابلو ڪندو هو ۽ هر موقعي تي هن مجاهد علمي توڙي سياسي طور تي مقابلو ڪندو هو. اهڙي ئي هڪ سيمينار ۾ مسٽر تارڪ ناٿ داس جڏهن تمام گهڻي غلط بياني ڪئي ۽ حالت توڙي واقعن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، تڏهن جوجوان نبي بخش خان اٿي بيٺو ۽ مسٽر ٽارڪ کان ايترا ته سوال ڪيائين، جو هو اسٽيج تان لهي هليو ويو، پر سڀ حاضرين ويٺا رهيا ۽ نوجوان بلوچ اسڪالر کي پنهنجي اصولي موقف پيش ڪرڻ جي درخواست ڪندي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏنائون، نتيجي ۾ سيمينار جي اصلي ۽ حقيقي ڪارروائي ڄڻ ته پوءِ شروع ٿي. بلوچ صاحب موقعو غنيمت ڄاڻي ننڍي کنڊ جي تاريخ، سماج، سياسي نظام، اڳوڻين حڪومتن، اتان جي رسم و رواج، سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۽ جماعتن مطلب ته ڪيترن ئي موضوعن تي مشتمل هڪ ڀرپور ليڪچر ڏنو، جنهن ڪري حاضرين مجلس تي ڏاڍو سٺو اثر پيو ۽ هو هن نوجوان اسڪالر کان ڏاڍا متاثر ٿيا.
(ڪتاب: ”ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مثالي عالم“ تان ورتل)
عوامي آواز جي ٿورن سان
 
Back
Top