ڇا آدمشماري کي محفوظ رکندڙ سافٽويئر هڪ خاندان صرف ڇهه ڀاتي ئي محفوظ ڪري سگهي ٿو۔۔۔؟

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    آدمشماري بابت ڪي ٽي اين جو هڪ اهم ٽيليوين پروگرام ”سنڌ ڇا سوچي پئي؟“۔۔۔ جنهن ۾ مٿي عنوان ۾ ڏنل سوال سميت ڪيترن ئي سوالن جا جواب ۽ اهم ڳالهين ڏانهن توجه ڏيڻ جهڙيون ڪارائتيون ڳالهيون موجود آهن۔۔۔ محترم غزاله شاهه جي فيس بوڪ وڊيو ۔۔ توهان ساٿين لاءِ حاضر آهي۔۔۔

    [fv]112974302118355[/fv]​
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا آدمشماري کي محفوظ رکندڙ سافٽويئر هڪ خاندان صرف ڇهه ڀاتي ئي محفوظ ڪري سگهي ٿو

    ڳالهيون ته سڀ ڀليون ٿيون، پر پو به پوري قومي حالت جي حساب سان نظام ۾ ڪافي اوڻايون موجود آهن، ٻي ڳالهه ته هي جيڪي سياسي پارٽيون آهن ۽ استادن سان گڏجي گهر ڳڻائينديون، انهن جي ڦڙتي ۽ سچائي به ڪٿي ڪٿي مشڪوڪ آهي، مطلب ته اڃان تائين اهڙي ڪا به ڳالهه سامهون نه آئي آهي جنهن کي انگريزي محاوري جيئان ڦول پروف چئون ۔۔۔

    ٻي ڳالهه جيڪا سنڌ ۾ يا پاڪستان ۾ کڻي چئجي سا عام ٿيندي وڃي ته ٻوڏ اچي يا قدرتي افتون ته اسڪول بند ۽ استعمال ٿين رهائش لا ۔۔۔ اليڪشن اچي ته اسڪول بند ۽ استعمال ٿين اليڪشن لا، آدمشماري ٿئي ته اسڪول بند ۽ استعمال ٿين استاد سڳورا ۔۔۔ مطلب ته ڇا اسان وٽ تعليمي ادارا ئي سوا تعليم جي هر مرض جو علاج آهن ۔۔۔؟ اهو سوال به ڀلو لڳو ۔۔۔

    ٻي ڳالهه ته مون دودو مهيري کي جواني ۾ ڏٺو هو جڏهن ٽوڙهي ڦاٽڪ جو قيدي هو، ان ڦڙت ، ڏاهي ۽ جوشيلي جوان جي جا تي اڇن وارن وارو دودو مهيري نظر آيو ۔۔۔ شايد ادي محترمه رخسانه پريت جي شاعري کيس وقت کان اڳ بزرگ ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔

    ڄاڻ ڀري وڊيو ونڊ ڪرڻ تي دوست رشيد جا ٿورا ۔۔۔
     
  3. sheky

    sheky
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2011
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا آدمشماري کي محفوظ رکندڙ سافٽويئر هڪ خاندان صرف ڇهه ڀاتي ئي محفوظ ڪري سگهي ٿو

    سلام ڪهڙا حال آين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو