ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
اتي عقل جي اونداهي جو علاج ڪونهي
اتي عقل جي اونداهي جو علاج ڪونهي
جاتي غور و فڪر جو رهيو رواج ڪونهي
تنهن کي ڀلا ڪوئي ڪيئن سمجهائي
ڀريل گُندي تي ويهي چوي اناج ڪونهي
جنهن کي شعور جي بخشيل هجي شاهي
تنهن شاھ جي شاهي جهڙو تاج ڪونهي
زندگي تي ڪئي دؤر ايندا ويندا آهن
خوشين جو رهندو هميشه ڪاج ڪونهي
ڏاڏل کي سمجهائڻ هي ڳالھ ڪانهي سَوَلِي
جنهن جي مَتِ مُنڌل آ اهڙو محتاج ڪونهي
جاتي غور و فڪر جو رهيو رواج ڪونهي
تنهن کي ڀلا ڪوئي ڪيئن سمجهائي
ڀريل گُندي تي ويهي چوي اناج ڪونهي
جنهن کي شعور جي بخشيل هجي شاهي
تنهن شاھ جي شاهي جهڙو تاج ڪونهي
زندگي تي ڪئي دؤر ايندا ويندا آهن
خوشين جو رهندو هميشه ڪاج ڪونهي
ڏاڏل کي سمجهائڻ هي ڳالھ ڪانهي سَوَلِي
جنهن جي مَتِ مُنڌل آ اهڙو محتاج ڪونهي