نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو، ڪڏهن ڪڏهن ڪا شاعري سنڌ جي ڪنول جي گُلن جي خوشبو جيان پوري وجود ۾ واسجي ويندي آهي، سانئڻ مهرالنساءِ لاڙڪ جي ڪويتائن جي پهرين مجموعي ڪتاب “ رنگن جا اوجاڳا” جي صفحي نمبر 85 تان ورتل هي شاعري توهان پڙهي ڏسو جيڪڏهن توهان جو وجود واسجي نه وڃي ته مونکي چئجو،هڪڙي ڳالهه ٻُڌايانوَ ته ڪافي سارن شاعرن جي شاعري انهن جي ڪويتائن جون کوڙ ساريون ڊزائنون به ترتيب ڏنيون اٿم پر جڏهن سانئڻ مهرالنساءِ لاڙڪ جي هي وائي ڊزائن ڪرڻ ويٺس ته هن انتهائي خوبصورت شاعري اڳيان مونکي پنهنجي بنايل هر چترڪاري هيچ لڳي، ڪمپيوٽر جو ڪينواس چٿرون ڪري مون تي کلڻ لڳو ته اي نثار ناز ٽي درجي وارا شاعر جهڙي پياري شاعري آهي اهڙي پياري چترڪاري ڪري ڏيکار ته مڃان ٽن ڏينهن کان ڪوشش ۾ هُئس مگر سانئڻ مهرالنساءِ لاڙڪ جي هن شاعري جهڙي خوبصورت ڊزائن تيار ڪري نه سگهيس بس پوءِ جهڙي تهڙي هن شاعريءَ جي غريباڻي چترڪاري ڪري توهان سڀني سنڌي دوستن سان ونڊيان پيو
سچ پچ بهار جهڙو هڪ شخص ياد آيو (مهرالنساء لاڙڪ)
