علامه آءِ آءِ قاضي - هڪ عظيم مفڪر (43 هين ورسي تي کيس ڀيٽا) تحرير: گلزار ڪلهوڙو پاٽائي [JUSTIFY]علامه آءِ آءِ قاضي جو پورو نالو امداد علي ولد امام علي قاضي آهي، مشهور نالو ”علامه آءِ آءِ قاضي“. جنم جي تاريخ 9 اپريل 1886ع، جاءِ پيدائش انصاري محله پاٽ شريف تعلقو ۽ ضلعو دادو، سندس سڃاڻپ دنيا جي عظيم فلاسافر، مفڪر ۽ داناءَ طور ٿئي ٿي، سندس والد امام علي قاضي مختيارڪار هو ۽ سندس 2 شاديون ٿيل هيون، جنهن ۾ پهرين شادي مان کيس 2 پٽ هئا، هڪ نالي فخرالدين ۽ ٻيو امداد علي (علامه آءِ آءِ قاضي) ۽ 3 نياڻيون هيون. علامه صاحب ننڍپڻ کان ئي نهايت سٻاجهڙو ۽ سلڇڻو طبيعت جو هو، والد صاحب جي حيدرآباد ۾ پوسٽنگ سبب سندس تعليم ۽ تربيت اتي ئي ٿي، پر پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ سندن اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو، تعليم جي حوالي سان حيدرآباد ۾ کيس آخوند عبدالعزيز جي مڪتب ۾ سنڌي ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪيو ويو، جتي پاڻ 8 سالن جي ڄمار ۾ قرآن پاڪ پڙهي مڪمل ڪيائين ۽ سندس پڙهائي وارو سلسلو خانگي طور تي جاري رهيو. 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ اميدوار جي حيثيت ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1906ع ۾ علامه صاحب کي اعليٰ تعليم لاءِ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي ۾ داخل ڪرايو ويو. 1907ع ۾ علامه صاحب کي علي ڳڙهه مان گهرائي کيس اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ڪيو ويو. اتي هڪ سال اقتصاديات جو اڀياس ڪيائين ۽ ٻئي سال لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس ۾ کيس داخلا ملي، لنڊن جي ماهر استادن ڊاڪٽر آرنلڊ، پروفيسر هابهائوس ۽ شيخ گوما سندس گهڻي رهنمائي ڪئي. سن 1910ع ۾ علامه صاحب هڪ جرمن خاتون مادام ايلسا سان شادي ڪئي، مادام ايلسا جنهن جو پورو نالو مادام ايلسا گرٽرو ڊولش هو، پاڻ 3 آڪٽوبر 1884ع تي جرمنيءَ ۾ ڄائي هئي، هي خاتون بلند پايه اديبا ۽ شاعره هئي، اهو ئي سبب هو جو علامه صاحب ۽ مادام ايلسا جي مزاج ۾ هڪ جهڙائي هئي، مسز ايلسا قاضي جڏهن علامه صاحب سان سنڌ ۾ آئي هئي ته پاڻ سنڌ واسين ۽ سنڌي ٻوليءَ سان تمام گهڻو پيار ڪيائين ۽ هن علامه صاحب سان گڏجي ڀٽائي سائين جي رسالي تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي ۽ مختلف ٻولين ۾ ترجما ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ واسي کيس امڙ ايلسا جي نالي سان سڏيندا هئا، 1911ع ۾ علامه صاحب لنڪس اِنِ مان بارائٽ لا جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ واپس سنڌ موٽي آيو. 1919ع ۾ علامه صاحب وري ڏيهه وريو ته کيس دادو ۾ ميونسپل ڪمشنر ۽ پوءِ نوشهرو فيروز ۾ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو، ان کان علاوه 1921ع ۾ علامه صاحب ٽنڊو محمد خان ۾ مئجسٽريٽ، حيدرآباد ۽ خيرپور ميرس ۾ سيشن جج طور مقرر ٿيو، کيس رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر به بڻايو ويو، رياستي اختيارين جي عدالتي معاملن ۾ مداخلت سبب پاڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏنائين. 1924ع ۾ مشرقي شاعري ۽ ”غزل جو مقام“ جي عنوان تي سندس لکيل مضمون لنڊن جي پوئيٽري سوسائٽي جي رسالي ”دي پوئيٽري رويو“ ۾ ڇپيو، جنهن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو ۽ ان کان پوءِ کيس پوئيٽري سوسائٽي جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو. فلسفو ڇا آهي، جي عنوان تي علامه صاحب خاص مقالو لکيو جنهن تي انگلستان جي فلاسافيڪل سوسائٽي جي طرفان کيس تاحيات ميمبر مقرر ڪيو ويو. 1924ع ۾ ئي علامه صاحب لنڊن مان واپس پنهنجي ڏيهه وريو، جناح ڪورٽس ڪراچي جي مسجد ۾ پيش امام ٿي هر جمعي تي خطبو پڙهندو هو، سندس خطبي ٻڌڻ لاءِ استاد، شاگرد ۽ اهل علم ماڻهو وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا هئا ۽ سندن خطبي جو ايترو ته اثر هوندو هو جو ٻڌڻ وارن جي اکين مان نير وهڻ شروع ٿيندا هئا. 1929ع ۾ علامه صاحب حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ ڪجهه عرصي لاءِ پبلڪ پراسٽيڪيوٽر به رهيو. 1931ع ۾ علامه صاحب هتان جي حالتن کان بدظن ٿي ٻيهر انگلستان هليو ويو ۽ اتي پڻ تبليغ شروع ڪيائين. 1935ع ۾ علامه صاحب مولانا ظفر علي خان جي سهڪار سان ڪراچي ۾ ”انجمن تبليغ اسلام“ جي نالي سان تنظيم قائم ڪئي. 9 اپريل 1951ع ۾ علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ڄام شوري جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو، هن کان پهرين هيءَ يونيورسٽي ڪراچي ۾ هوندي هئي، جيڪا هڪ الحاقي ۽ امتحاني اداري وانگر ڪم ڪندي هئي، علامه صاحب جي ڪوشش سان سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي کان ڄام شوري منتقل ڪيو ويو، سائين جي ايم سيد، علامه دائود پوٽي ۽ گربخشاڻي جي خوابن جي تعبير کي عملي طرح علامه صاحب ممڪن بڻايو ۽ تعليمي ماحول ۾ رنڊڪن ۽ ڪامورن جي مخالفت باوجود به علامه صاحب سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جو قيام عمل ۾ آندو. چئن سالن جي عرصي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 23 شعبا قائم ڪيا ويا، علامه صاحب پاران سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر شپ ان ڪري سنڀالي ته جيئن نظام تعليم اهڙي طرح رائج ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ اعليٰ دماغ نوجوان پيدا ٿين ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪن. 1959ع تائين علامه صاحب ايوب جي دور حڪومت ۾ تعليمي ادارن ۾ فوج جي مداخلت سبب هن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، تنهن هوندي به علامه صاحب سنڌي ادبي بورڊ جا ڪيترائي پروجيڪٽ مڪمڪل ڪري ورتا. علم، ادب، فڪر، فلسفو، بايولاجي، نباتات، فزڪس، ڪيميا، رياضي، جيالاجي، علم نجوم، آرٽ، فن تعمير، تصوف، موسيقي ۽ شاعري سندس ليڪچرن جو موضوع هوندا هئا، علامه صاحب جون تقريرون، خطبا، ليڪچر ۽ خط بهتر سماج جوڙائڻ لاءِ مشعل راهه آهن. لنڊن ۾ رهڻ دوران ان وقت جي مشهور ليکڪ برنارڊشا هڪ ڪتاب لکيو ”ڪاري ڇوڪري خدا جي تلاش ۾“ ان جي جواب ۾ علامه صاحب ڪتاب لکيو ”ڀوري ڇوڪري خدا جي تلاش ۾“ انهن ٻنهي ڪتابن تي سڄي دنيا ۾ بحث هليو ۽ علامه صاحب جي شهرت ۾ اضافو ٿيو، علامه صاحب جيتوڻيڪ يورپ ۾ تمام گهڻو وقت گذاريو پر پاڻ هميشه سادگيءَ کي پسند ڪندو هو، وڪٽوريا ٽانگو سندس پسنديده سواري هئي، علامه صاحب جي گهر واري مسز ايلسا قاضي جڏهن 28 مئي 1967ع تي وفات ڪئي ته علامه صاحب پنهنجي رفيق حيات جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ تمام گهڻو ڏکارو رهندو هو ۽ پاڻ 13 اپريل 1968ع تي وفات ڪئي، اهڙي طرح سنڌ جو هي عظيم انسان سنڌ واسين کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو، سن 1971ع ۾ جناب اي ڪي بروهي صاحب هنن ٻنهي شخصيتن جو مقبرو جوڙايو، سندن آخري آرام گاهه سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ آهي، سندس اباڻي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ اڄ به سندس جاءِ پيدائش وارا نشان ۽ انصاري محلو موجود آهي، پر افسوس جو ثقافت کاتي جي بي ڌياني سبب اڄ تائين ڪو به يادگار تعمير نه ڪرايو ويو آهي، اسان چونڊيل نمائندن سميت اعليٰ عهدن تي فائض رهندڙ شخصيتن کي اها ميار ضرور ڏينداسين ته ڇا اوهان ان سنڌ يونيورسٽي ۾ نه پڙهيا آهيو، جنهن جو باني علامه آءِ آءِ قاضي صاحب هو، ته پوءِ سندس ڳوٺ ۾ سندس يادگار وغيره ڇو نه تعمير ڪرايو ويو آهي. [/JUSTIFY]