
وفاقي وزير ڊاڪٽر بابر اعواڻ پنهنجي وزارت تان استعفى ڏئي ڇڏي آهي ۽ سابق وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس جي پيروي ڪندو۔ اڄ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته ”اسان آئين جي روشنيء ۾ تاريخ تي لڳل ڪاري داغ کي صاف ڪرڻ ٿا گهرون“۔ هن وزير اعظم ۽ صدر جا ٿورا مڃيا جن کيس هن اهم ڪيس جي پيروي لاء نامزد ڪيو آهي۔