آسٽريليا جي آل رائونڊر شين واٽسن بنگلاديش خلاف هڪ ڏينهن واري ميچ ۾طوفاني بئٽنگ ڪندي 96 بالن تي 185 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو۔ سندس جارحانه اننگز ۾ 15 ڇڪا ۽ 15 چوڪا شامل آهن۔ اهو ڪنهن به اننگز ۾ ڇڪن جو عالمي رڪارڊ آهي جيڪو پهريان 11 ڇڪن جي صورت ۾ شاهد آفريدي وٽ هيو۔ اهو ڪنهن به آسٽريلوي بئٽسمين پاران هڪ اننگز ۾ سڀ کان گهڻو اسڪور پڻ آهي۔ سندس انگز ۾ 80 في صد اسڪور بائونڊريز جو آهي۔ 232 رنسن جو ٽارگيٽ آسٽريليا 26 هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو نه ته ان رفتار کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته واٽسن 300 رنسون به ڪري پي سگهيو۔ http://www.youtube.com/watch?v=IeO5BhPCK0I
جواب: شين واٽسن پاران ڇڪن جو عالمي رڪارڊ يار علي هن همراھ پنهنجي ڏنڊي جي زور تي بنگلاديشي بالرن جو ڏاڍو حشر خراب ڪيو آهي۔