• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت chat room

پسر شهيد

سينيئر رڪن
سائين منهنجي سنڌ سلامت جي دوستن کي اها راء آهي ته سنڌ سلامت تي هڪ چيت روم chat room هئڻ گهرجي ته جئين سڀئي دوست پاڻ ۾ live دعا سلام ۽ حال احوال ڪري سگهن
 
جواب: سنڌ سلامت chat room

منهنجا سهڻا دوست، 16 اپريل تي سنڌ سلامت کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن ۽ ان ڏينهن تي ادو رشيد ڏينهن رات هڪ ڪري سنڌ سلامت کي ڪجهه نوان رنگ ڍنگ ڏيڻ ۾ اهڙو مصروف آهي جو اڄڪلهه سلام جو جواب ڏيڻ جهڙو به ناهي ۔۔۔

خئير جيتري حد تائين مون سمجهيو آهي ته رشيد صاحب هن دفعي هڪ مڪمل فورم ڏيڻ جي ڪوششن ۾ آهي جت اوهانکي انٽرنيٽ جي دنيا جون ڪافي سهولتون هڪ ڇت هيٺان ملي وينديون ۔۔۔

انتظار اوهان به ڪريو ۽ اسين به ڪريون ٿا ۔۔۔ 16 اپريل 2011 جو

لک ٿورا ۔۔۔۔​
 
جواب: سنڌ سلامت chat room

دوست مهرباني

انشاء الله جلد ئي سنڌ سلامت کي وي بليٽن 4 تي منتقل ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ چيٽ جي سهولت پڻ هوندي۔ گهڻين شين تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ اسان جو دوست ۽ منتظم اعلى ادا رشيد گهڻو مصروف آهي ۽ مختلف تجربا ڪري رهيو آهي۔


دوست اوهان جا ٿورا جو اوهان پنهنجي راء ڏني ۽ اها اميد آهي ته اوهان مستقبل ۾ به اسان جي رهنمائي ڪندي پنهنجي راين کان آگاھ ڪندا رهندا۔
 
جواب: سنڌ سلامت chat room

حالانڪه مان شروع کان وٺي چيٽ ڪرڻ جو مخالف رهيو آهيان جنهن جو اهم سبب چيٽ تي وقت وڃائڻ آهي۔۔ پر هاڻي جڏهن کان فيس بوڪ گروپ چيٽ جي مشهوري ٿي آهي ان کان پوءِ ڪافي عرصي کان اهو سوچي رهيو آهيان ته چيٽ لڳائڻ سان جتي ڪجهه نقصان آهي اتي ڪافي فائدو به آهي جو ڪنهن دوست کي تڪڙو جواب ملڻ کان سواءِ فورم تي ايندڙ روز روز نوان دوست جن کي رجسٽريشن ڪرائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هجي يا وري اهي دوست جيڪي ڪنهن سبب ڪري لاگ ان نه ٿا ٿي سگهن کي پڻ تڪڙي موٽ ملي سگهي ٿي۔۔
بحرحال توهان جي صلاح نوٽ ڪئي وئي آهي ۔۔ جنهن تي ڪوشش ڪري عمل ڪبو ۽ اها به ڪوشش ڪبي ته چيٽ دوران رڪن جي پرائيوسي جو خاص خيال رکجي۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت chat room

ادا رشيد مونکي فخر آهي ته اوهان انهي ڪم کي بخوبي سرانجام ڏيندو۔۔۔ اوهان جون ڪوششون قابلِ تعريف آهن ۔۔ اوهان جي محنت هميشه وانگر هاڻي به ڪارائتي ثابت ٿيندي
 
جواب: سنڌ سلامت chat room

113.gif

107.gif

109.gif
 
Back
Top