سنڌي ٻولي جو مختصر تعارف

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ محمدجوادعسڪري طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2011۔

  1. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    تعارف
    سنڌي ٻولي انڊو يورپي خاندان سان تعلق رکندڙ آريائي ٻولي آھي، جنھن تي ڪجھه دراوڙي اھڃاڻ پڻ موجود ‏آهن. هن وقت سنڌي ٻولي سنڌ جي مک ٻولي ۽ دفتري زبان . ان کان سواءِ ڪيترا ئي سنڌي ڳالھائيندڙ پاڪستان جا ٻيا صوبا، هندستان، سريلنڪا، برطانيه، آمريڪا جون گڏيل ‏رياستون، ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ملڪ وسائي ويٺا آهن. سنڌ ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن جو تعداد ساڍا 3 ڪروڙ ۽ سموري دنيا ۾ ‏سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 4 ڪروڙ کان مٿي آھي.

    سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ
    پُڻي ۾ چيٽي چنڊ جو ميلوسنڌي ٻوليءَ جي بنياد جي باري ۾ لسانيات جي عالمن جا مختلف رايا آهن. هڪ خيال اهو آهي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. جڏهن ته ٻيو خيال اهو آهي ته سنڌي تمام قديم ٻولي آهي جيڪا پراڪرت (ٻوليءَ) جي هڪ لهجي وراچد اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي. سنڌين کان سواءِ سنڌ تي ڪيترين ئي غير سنڌي قومن (عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره) حڪومتون ڪيون آهن. تنهنڪري عربي، فارسي، انگريزيءَ وغيره جو سنڌي ٻوليءَ تي گھڻو اثر پيو ۽ انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ ٿوري تبديليءَ سان يا وري جيئن جو تيئن سنڌيءَ ۾ زم ٿي ويا. جيئن بصر (بصل)، بدڪ (بطخ)، زائفان (ظعيفه)، پهراڻ (پيراهن)، مترڪو (مطرقه) ٽيشڻ (اسٽيشن)، ماچيس (مئچس) وغيره. عربن جي دور کان پوءِ سنڌيءَ کي ڪا مخصوص ”آئيويٽا“ يعني رسم الخط ڪانه هئي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي ڪلهوڙن جي دَور (1719ع کان 1782ع) ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ”مقدمه الصلوات“ نالي ڪتاب لکيو جنهن کي ابوالحسن جي سنڌي سڏيو ويو.
    جڏهن سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو. ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر هڪ حڪم نامي تحت انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي پڙهڻ لازمي قرار ڏنو، تڏهن ئي سنڌي الفابيٽ جي ضرورت پيش آئي جنهن جي پورائي لاءِ هڪ ڪميٽي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ جوڙي وئي جنهن ۾ ديوان ننديرام، ميان محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي، منشي اڌارام ٿانور داس، قريشي غلام حسين ٺٽوي، خان صاحب مرزا صادق علي بيگ ۽ ڪجهه پرڏيهي عالم شامل ڪيا ويا. ان ڪميٽيءَ مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ کي نظر ۾ رکندي عربي، فارسي خط مان اکر کنيا. جڏهن ته انهن ۾ ڪجهه ٽٻڪن جي واڌ ويجھه ڪري نج سنڌي اکر (ٻ، ڄ، ڏ، ڳ) جوڙيا. اهڙيءَ طرح يارهن مهينن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ 52 اکرن تي مشتمل موجوده آئيويٽا تيار ٿي. جنهن کي سرڪاري طور سنڌي ٻوليءَ جي واحد آئيويٽا جو درجو ڏنو ويو.
    پر ان کانپوءِ به لفظن جو سٽاءُ نه بدلجي سگھيو، يعني ساڳيا لفظ جدا جدا طريقن سان لکيا ويندا هئا. مثالاً: چيائين = چياءِ، جيستائين = جيستاءِ، ڪيڏانهن = ڪيڏانهه، ڪيڏهه وغيره.
    نيٺ 1888ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر جيڪب صاحب اهڙن لفظن جون پڪيون صورتون مقرر ڪرايون، ان ڪم ۾ مرزا قليچ بيگ اهم قردار ادا ڪيو.

    سنڌي


    ڳالهائيندڙ ملڪ: پاڪستان، ھندستان، هاڱ ڪاڱ،
    سنگاپور، فلپائينز، آمريڪا ۽ برطانيہ
    ڳالهائيندڙن جو تعداد: 5 ڪروڙ 43 لک
    لساني خاندان: هند آريائي
    رسم الخط: عربي، دیوناگري
    دنیا ۾ ڳالهائيندڙن جي حساب سان
    نمبر: 23 هون
    سرڪاري ٻولي: پاڪستان ۽ ھندستان

    حوالا1.سنڌي ادب جو مختصر جائزو (اڪبر لغاري)
    2.سنڌي ٻوليءَ جي سکيا (سيد شيرل شاهه/ ڊاڪٽر عبدالجبار مغل)
    فرام۔ www.wikipedia.com
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٻولي جو مختصر تعارف

    سنڌي ٻولي جنهن شاندار ماضي سان صدين جا سفر طع ڪندي رهي آهي، ان تي اسانکي فخر آهي پر افسوس اڄ جي هن دور ۾ سنڌي ٻولي کي نه ته اهو مقام آهي نه توجهه آهي ۽ نه ئي ان جي پذيرائي ۽ ترقي لا ڪجه ٿي رهيو آهي ۔۔۔

    قومي حالتون انتهائي افسوسناڪ آهن، انڪري قومي ٻولي پڻ زوال پذير آهي جديد علمن کان وانجهيل آهي ۔۔۔

    اميد ته سنڌي ماڻهون پنهنجو قومي فرض نڀائيندي سنڌ جي مالڪي ڪندا ۽ پنهنجا قومي اثاثا سنڀالي سنواريندا ۔۔۔

    دعائن لا هٿ مٿي آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو