مادر علمي يا ڄامشوري جو ٻيلو.؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    دنيا ۾ قومن کي برباد ڪرڻ جو فارمولو آهي سندن ٻولي ۽ تعليم کي پست ڪرڻ. دنيا جي نقشي تي اُهي قومون ”سپر پاور“ بڻيل آهن، جن پنهنجي ٻوليءَ جو تحفظ ڪيو ۽ تعليم کي پنهنجي اصل شڪل ۾ عام ڪيو. سنڌ ۾ تعليم جي حالت بنهه خراب آهي. وڌيڪ ڳڻتي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي حالت تي آهي. هن اعليٰ اداري ۾ ماڻهو پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان آراسته ٿيڻ لاءِ موڪلين ٿا، نه ڪي سندن لاشا کڄي اچڻ لاءِ! حڪومت، يونيورسٽي انتظاميا، شاگردن جون تنظيمون يا انهن جي سرپرستي ڪندڙ سياسي جماعتون ان قسم جي ڏٺي وائٺي ۽ بدترين ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ ۾ بلڪل بيوس ۽ ناڪام آهن. هتي تعليم سان دلچسپي رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو هڪ وڏو انگ ڏوهاري ۽ ڪرپٽ مافيا جي چند فردن وٽ يرغمال بڻيل آهي. جيڪڏهن سڄي مهيني جا سڀ ڏينهن تدريسي عمل معمول مطابق هليو ته اهو مهينو نصيب وارو آهي. اڻپوري تدريسي عمل باعث هن يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگرد، ٻين ادارن ۾ پڙهندڙ پنهنجي ساٿي شاگردن کان 2 سال پوءِ ڊگري حاصل ڪري سگهن ٿا. درحقيقت منتظمن جي بدانتظامي، شاگرد تنظيمن جي غير سنجيدگي ۽ بدامني هن مادر علميءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ جيڪڏهن پرائيويٽ ادارن يا ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ تعليم پرائڻ، سنڌ جي غريب ۽ لاچار ماڻهن جي وس ۾ هجي ها ته هوند تعليم سان دلچسپي رکندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون هن اداري مان گهڻو وقت اڳي ”الوداع“ ڪري ويا هجن ها ۽ پوءِ هيءَ ادارو فقط ڏيک ڏيندو هجي ها، ان ”ٻيلي“ جو، جتي ڏوهارين جو راڄ هوندو آهي. ڇا سنڌ جي ساڃهه وند ماڻهن وٽ هن معتبر ۽ مهان اداري کي بچائڻ لاءِ ڪا رٿ يا ڪا تجويز آهي؟ منهنجون تجويزون آهن ته، يونيورسٽي انتظاميا غير جانبدارانه ۽ سٺي انتظام جو مظاهرو ڪري. ”ڪاميٽي فار اسٽوڊنٽس افيئرس“ جي نالي سان هڪ اهڙي ڪاميٽي تشڪيل ڏيڻ گهرجي، جيڪا انهن سمورين سياسي جماعتن جي غير جانبدار ۽ سٺي ساک رکندڙ نمائندن تي مشتمل هجي، جن جون ذيلي تنظيمون يونيورسٽي اندر فعال آهن. يونيورسٽي اندر شاگردن جي اندروني مسئلن ۽ ويڙهه باعث پيدا ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان ان ڪاميٽي کي پابند بنايو وڃي ته اها پيدا ٿيل صورتحال کي حل ڪري، ڌرين کي مطمئن ڪري ۽ ماحول کي سازگار رکڻ لاءِ اپاءُ وٺي. ڌرڻا، بائيڪاٽ ۽ امتحانن جي شيڊول ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندڙ تنظيمن خلاف گڏيل ايڪشن کڻڻ لاءِ ڪاميٽي ذميوار هجي.

    ابڙو عبدالجليل ”نشتر محمدي“
     
  2. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: مادر علمي يا ڄامشوري جو ٻيلو.؟

    ادي اوهان سچ لکيو آهي
    ڇو ته ان ئي سبب ڪري منهنجو هڪ دوست جيڪو ان يونيورسٽي
    ۾ پڙهندو هيو هاڻ يونيورسٽي کي الوداع ڪري رهيو آهي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مادر علمي يا ڄامشوري جو ٻيلو.؟

    ان جو هڪ سبب اسان جي سياسي تنظيمن ۾ موجود اهي تعليم دشمن ٽولا به آهن جن جو ڪم علم ۽ تعليم سان نه پر پنهنجي نام نهاد ڪارواين سان هوندو آهي ، هي اهي ماڻهو هوندا آهن جن کي استاد جي عظمت جو به خيال نه هوندو آهي۔

    ٻيو سبب انتظاميه جي نا اهلي پڻ آهي جيڪا مصلحتن جو شڪار آهي ۽ هوء ڊڄي رهي آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو