اين آر او ڪيس ۾ خميس تائين اي اي جي دليل ڏئي،نه ته آرڊر جاري ڪنداسين:چيف جسٽس

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حفظ الله ڪاڪا طرفان آندل موضوعَ ‏14 اپريل 2011۔

  1. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اين آر او نظرثاني ڪيس ۾ وڪيل تبديل ڪرڻ جي حڪومتي درخواست هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪندي ايڊيشنل اٽارني جنرل کي دليل ڏيڻ لاءِ خميس تائين مهلت ڏني آهي، وفاق جي وڪيل ڪمال اظفر اعتراف ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت ان ڪيس تي ڪارروائي نٿي چاهي ۽ التويٰ جي مقصد تحت ئي مون کي صلاحڪار مقرر ڪيو ويو ۽ ڪابه سهولت نه ڏني وئي، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پهريان ئي گهڻي رعايت ڏئي چڪا آهيون، عدالت جو وقت نه ضايع ڪيو وڃي، نه ته فيصلو ٻڌائي ڇڏينداسين، ڪالهه چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ 17 رڪني لارجر بينچ اين آر او نظرثاني حڪومتي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل ڪي ڪي آغا عدالت آڏو پيش ٿيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 10 اي جي تحت وفاقي حڪومت کي اين آر او نظرثاني اپيل ۾ وڪيل تبديل ڪرڻ جو حق حاصل آهي، ڇو ته هيءَ نظرثاني اپيل انتهائي اهم ڪيس جي آهي، انهيءَ ڪري وفاقي حڪومت ان ڪيس ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪئي آهي، جنهن تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته قانون جي معمولي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو به ڄاڻي ٿو ته نظرثاني درخواست ۾ ساڳيو وڪيل دليل ڏيندو آهي ۽ وڪيل تبديل نٿو ڪري سگهجي، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن وفاق کي وڪيل تبديل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي ته پوءِ نظرثاني اپيل جي ڪارروائي ۾ حصو نه وٺنداسين، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته فوجداري ڪيسن ۾ ملزم جي مرضي موجب وڪيل تبديل ڪيو ويندو آهي پر هي ته نظرثاني اپيل آهي، جسٽس سائر علي چيو ته وفاق کي وڪيل تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به نه روڪيو هو پر نظرثاني اپيل ۾ وڪيل تبديل ڪرڻ قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي آهي، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته ڪنهن سبب ٻڌائڻ بغير وڪيل تبديل ڪرڻ سان نظام متاثر ٿيندو، حڪومت کي گهرجي ته معاملن کي سنوت ۾ آڻي، معاملن کي هلائڻ جي لاءِ قاعدا ۽ ضابطا موجود آهن، جسٽس سائر چيو ته وڪيل تبديل ڪرائڻو آهي ته حڪومت ڪمال اظفر جو صلاحڪار طور ٻيهر مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪي ڪي آغا کي چيو ته اوهان حڪومت کي وڃي چئو ته معاملن کي آسان بڻايو، جيڪڏهن اوهان وڪيل جي تبديلي جي رسم شروع ڪري ڏني ته عدالت ۾ ڪيس ڪڏهن به ختم نه ٿيندا، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته اوهان اهو نه سمجهو ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيندي، اسان پهريان ئي هن ڪيس ۾ تمام گهڻي رعايت ڏئي چڪا آهيون، ايڊيشنل اٽارني جنرل ڪي ڪي آغا چيو ته ڪمال اظفر اين آر او نظرثاني اپيل ۾ وفاقي حڪومت جو وڪيل ناهي رهيو، خالد رانجها کي وفاق جو وڪيل مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته گذريل ٻڌڻي کان وڪيل جي تبديلي واري معاملي تي بحث ڪري رهيا آهيون، اوهان ڏسو ته 17 رڪني لارجر بينچ آرڊر پاس ڪيو آهي، رولز 6 تحت نظرثاني درخواست ۾ وڪيل تبديل نٿو ڪري سگهجي، اهو اڄ جو نه پر ان وقت جو قصو آهي، جڏهن 1956ع ۾ عدالت جو قيام ٿيو هو، صرف هڪڙي ڪيس جي لاءِ عدالت کي چيو پيو وڃي ته رولز کان اکيون ڦيريون وڃن، جڏهن ته وڪيل پاڻ چئي ٿو ته هو حاضر آهي، عدالت جو وقت ضايع نه ڪيو وڃي، ڪمال اظفر دليل ڏئي نه ته عدالت آرڊر جاري ڪري ڇڏيندي، رولز جي خلاف ورزي نٿا ڪري سگهون، سڀاڻي اها ڳالهه مشڪلات پيدا ڪندي، ڪمال اظفر نه هاڻ صلاحڪار آهي ۽ نه ئي سندس وڪالت جو لائسنس رد ٿيو آهي ته پوءِ وڪيل جي تبديلي جو ڪهڙ جواز ٺهي ٿو، ڪي ڪي آغا چيو ته وڪيل تبديل ڪرڻ کان ڪير نٿو روڪي سگهي، اهو اسان جو حق آهي، جنهن تي جسٽس جو اد ايس خواجه ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا اوهان عدالت کي ڌمڪي ڏئي رهيا آهيو ته جيڪڏهن وفاق جي مرضي هلڻ نه ڏني وئي ته ڪيس کي هلڻ نه ڏينداسين، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل ڪي ڪي آغا ان ڪيس ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي، عدالت ايتري رعايت ڏئي سگهي ٿي ته هو وفاق جي طرفان دليل ڏئي، وفاق جو وڪيل ڪمال اظفر عدالت آڏو پيش ٿيندي چيو ته وفاقي حڪومت کيس اين آر او نظرثاني اپيل ۾ دليل ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ ان ڪيس جي سلسلي ۾ وڌيڪ ڪي هدايتون نه مليون آهن، جڏهن ته ڪمال اظفر عدالت آڏو اعتراف ڪيو ته وفاقي حڪومت ان ڪيس تي ڪارروائي نٿي چاهي ۽ کيس صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو به مقصد ڪيس کي التويٰ هيٺ رکڻ هو، ڪمال اظفر چيو ته مون کي وزيراعظم جي صلاحڪار طو مقرر ڪرڻ بعد سهولتون نه ڏنيون ويون، نه گاڏي ڏني وئي، نه رهائش ۽ نه ئي ڪو معاوضو ڏنو ويو آهي، مون صلاحڪار جي حيثيت ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ لاءِ وزيراعظم کي خط اماڻيو پر ڪوبه جواب نه مليو ۽ نه ئي اين آر او نظرثاني ڪيس ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ڪا هدايت ملي، جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته وفاق اڄ چئي پيو ته ڪمال اظفر کي تبديل ڪري خالد رانجها کي وڪيل مقرر ڪريون، سڀاڻي ان جي به تبديلي جي ڳالهه ڪئي وئي ته پوءِ؟ ڪي ڪي آغا عدالت کي استدعا ڪئي ته سومر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته 18 اپريل تي 18هين ترميم وارو ڪيس به هلڻو آهي، ان ڪيس ۾ مشاورت نه پر قانوني معاملو آهي ته ڪي ڪي آغا اين آر او ڪيس ۾ معاون هو، هاڻي هي وڪيل ٿي سگهي ٿو، اوهان کي خميس 14 اپريل تائين مهلت ڏيون ٿا، تياري ڪري دليل ڏيو، جيڪڏهن اوهان دليل نه ڏنا ته پوءِ عدالت پنهنجو آرڊر جاري ڪندي، عدالت ان حوالي سان حڪومت کان هدايت وٺڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 14 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻئي طرف خانگي وي سان ڳالهائيندي ڪمال اظفر چيو ته جيڪڏهن هو اين آر او نظرثاني ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي جاري رکي ها ته ڪيس کٽي سگهيو ٿي، کيس پاڻ تي مڪمل اعتمام آهي پر حڪومت کي پاڻ تي اعتماد ناهي، ڪمال اظفر چيو ته پ پ حڪومت جي هڪ اعليٰ نمائندي مون کي چيو ته اسان کي خبر آهي ته ڪيس جو فيصلو ڪهڙ ٿيڻو آهي ۽ ڪيس ته خارج ٿي ويندو، جيڪڏهن حڪومتي نمائندن جو اهو خيال آهي ته ان جو مطلب ته حڪومت کي پاڻ تي اعتماد ناهي پر مون کي پاڻ تي پورو اعتماد آهي ته سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني بينچ آزاد طريقي سان ڪيس ٻڌندي ۽ اهو ڪيس کٽي سگهجي ٿو، ڪمال اظفر وڌيڪ چيو ته کيس يقين آهي ته جيڪڏهن هو انهيءَ ڪيس جي پيروي ڪري ته ڪيس کٽي ويندو پر شايد حڪومت اهو سمجهي ٿي ته هن ڪيس جو فيصلو اڳ طئه ٿيل آهي
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اين آر او ڪيس ۾ خميس تائين اي اي جي دليل ڏئي،نه ته آرڊر جاري ڪنداسين:چيف جسٽس

    سائين حفظ الله ڪاڪا صاحب

    اهي وڏيون ڳالهيون آهن

    بهرحال اسان اٻوجهن لا۽ سٺي معلومات ونڊ ڪئِي اٿئو

    سدائين گڏ
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اين آر او ڪيس ۾ خميس تائين اي اي جي دليل ڏئي،نه ته آرڊر جاري ڪنداسين:چيف جسٽس

    ادا بهترين .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو