سنڌ سلامت جو هردلعزيز جاکوڙي سنڌ سلامت لاء بهترين ڪم ڪندڙ محترم دوست ممتاز علي وگهيو ولد غلام مصطفه وگهيو سنڌ سلامت جي دوستن کان ڪو ڳجهو ڪونهي، پاڻ سنڌ سلامت جي ساٿين مان هڪ بهترين سنڌ سلامت سنڌي ٻولي ۽ سنڌ ادب سان چاهه محبت رکندڙ هڪ بهترين دوست آهي، سندس شخصيت کان وٓٺي سندس ( سنڌ سلامت تي ڪيل ) ڪيل ڪم کان سنڌ سلامت جي ميمبرن کان وٺي سنڌ سلامت تي مهمان طور ايندڙ سنڌي چڱي ريت واقف آهن، پاڻ تندرست هجن يا بيماري جي حالت ۾ هجن پاڻ پريشاني کان آجا هجن يا پوء پريشان حال هجن پر سندس ساٿ سنڌ سلامت لاء هميشه ساٿ ساٿ رهيو آهي، دوست ممتاز ۽ منهنجي پهرين ملاقات ابن سينا اسپتال ڪراچي ۾ ٿي، جڏهن پاڻ بيمار هئا، ۽ مان سندس طبيعت جو معلوم ڪرڻ لاء کيس وٽ ويو هئس، ممتاز علي وگهيو جو تعارف نالو ؛ ....... ممتاز علي وگهيو ولد؛.......... غلام مصطفه وگهيو ذات؛........ وگهيو تخلص؛........ سيلاني، وگهيو، لطيفي پيدائش جي تاريخ؛ 18-12-1976 پيدائش جو هنڌ؛..... دادو شهر( محله مزدورآباد ڪاليج روڊ ) پرائمري تعليم؛..... مزدورآباد پرائمري اسڪول دادو سنڌ مئٽرڪ؛ پرمانند هرداس پائليٽ اسڪول دادو سنڌ انٽر؛...... استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو سنڌ گريجوئيشن؛..... سنڌ يونيورسٽي جامشورو سنڌ موجوده رهائش؛.... گلشن اقبال ڪراچي سنڌ. نوڪريون ،دنڌا ۽ تجرنه ڪاليج روڊ دادو وٽ جنرل اسٽور هلائڻ پرائمري استاد رهڻ گارمينٽس ڪمپني ۾ نوڪري ڪرڻ اسٽيل مل ۾ اسٽور انچارج رهڻ سٽي انٽرنيشنل ڪمپني ۾ اسسٽنٽ مينيجر رهڻ ميفيئر ڪمپني ۾ ويئر هائوس انچارج رهڻ ڊسبرسمينٽ آفيسر Disbursement Officer ( موجوده نوڪري جاري آهي ) پسند جا يار دوست؛... مرحوم سائين استاد حافظ خليل احمد ملاح رح ، اشفاق احمد وگهيو، علي شير مستوئي، لعل بخش زنئور، سلطان سالڪ ڀٽي، احمد خان شينوعرف ڏاڏل شينو،نويد اشرف، طاهر سنڌي، عبدالرشيد سمون نثار ابڙو، سليمان وساڻ، اسد ميرجت، علي ظفر، افتخار چوهاڻ، عبدالرزاق وگهيو، محمد عرس وگهيو، لياقت ٿهيم، قمر الدين شمس الدين ڀٽي، فضل الله لنڊ بلوچ، محمد ذڪريه قريشي، فاروق احمد قريشي، رياض ملڪاڻي، امتياز علي ٻٻر، محمد اسلم قمبراڻي، علي حيدر قمبراڻي، ڊاڪٽر قربان جهتيال، پسند جا شاعر؛... شاعرن جو سرتاج حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح، بلهي شاه، خواجه غلام فريد رح، شيخ اياز، استاد بخاري، ادل سومرو، ابراهيم منشي، تاجل بيوس، عبدالغفار تبسم، پسندجا عالم، ۔۔۔۔۔۔ امام محمد غزالي رح، مولانه جلالالدين رومي رح،، شيخ سعدي رح، حافظ شيرازي رح، علامه مخدوم محمد هاشم رح ، مخدوم عبدالرحيم گروهڙي رح، مولانه عبيدالله سنڌي، رح مولانه تاج محمد امروٽي رح، بزرگ هاليجوي رح، مولانه عبدالڪريم ٻيروارا بزرگ رح، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب، مولانه منظور احمد سومرو صاحب۔ پسند جا ليکڪ ۽ اديب۔۔۔۔ مرزاقليچ بيگ، علامه آء آء قاضي، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ، پير حسام الدين راشدي، ڪاڪو، ڀيرومل، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محترم سائين جي ايم سيد، بشير احمد شاد، علامه غلام مصطفه قاسمي، مولانه غلام مصطفه دادوي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر فهميده مرزا، محمود مغل، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي،آغا سليم، امر جليل، امر سنڌو، جامي چانڊيو، قادر جوڻيجو، نورالهدا شاه، رحمت الله ماڃونٽي، پسند جا فنڪار ۔۔۔۔۔ استاد منظور علي خان، سودل فقير، سرمد سنڌي، منظور سخيراڻي، جلال چانڊيو، هميرا چنه، عابده پروين، استاد محمد يوسف، استاد محمد جمن، استاد محمد ابراهيم، علڻ فقير، نصرت فتح علي خان، محمد رفيع، لتا ، مڪيش، شڪريلا، پسند جا اداڪار۔۔۔ نور محمد شاه لاشاري، شفيع محمد شاه، گلاب چانڊيو، محمود صديقي، سڪينه سمون، صلاح الدين تنيو، ڪيسر نظاماڻي، پسند جو پروڊيوسر ۔۔۔ محمد بخش سميجو، فيض ٻگهيو، پسند جا ڊرامه۔۔۔ راڻي جي ڪهاڻي، ڪاروان، ڌوپ ڪناري، جهنگل، مٽي جا ماڻهون، وقت، تنهايان، وعيره ۔ پسن جا ڪتاب۔۔۔۔ قرآن پاڪ، ڪتاب ڪيمياء سعادت، جلال الدين رومي جي مثنوي، شاه جو رسالو، پسند جي صنف۔۔۔ سوانح عمري، آتم ڪهاڻي، بهترين شاعري، لکڻ جي شروعات۔۔۔ ٻاراڻي رسالي گل ڦل سان۔ وندر۔۔۔۔۔۔۔۔ مطالعو، مشاهدو ڪرڻ، لکڻ ۽ موسيقي ٻڌڻ۔ پسند جو شعر ۔۔۔ جڏا جڏوئي رهيين، هئين به حڪيمن وٽ ، دوا تنهنجي دردن جي هئي به انهن وٽ ، اڃان به تو ۾ ڪا گهٽ، جو ڦڪين فرق نه ڪيو۔ ( شاهه) . اڻ ڇپيل ڪتاب سڪ۽ سور۔۔۔۔۔۔۔ شاعري ممتاز تنهنجا خط۔۔۔۔۔۔ دوستن ڏانهن لکيل خط۔ خطن جو خزانو۔۔۔۔۔۔۔ دوستن، اديبن، عالمن جا خط۔ انمول اي ميل۔۔۔۔۔۔ چونڊ اي ميل اندر روح رهيام۔۔۔۔۔۔ دوستن، عالمن اديبن جا خاڪا ممتاز مقالات۔۔۔۔۔ مضمون، نوٽ ۽ مقالا سنڌ سلامت تي ممتاز وگهيو جون ڪيل خدمتون سنڌي ٻولي شاه سچل سامي جي ٻولي . واه گهڙا تيڏي گهاڙ گهڙي دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاريٌء سنڌ ۾ ماتم جي شروعات ۽ تاريخ وڊيوز رپورٽ قرآن ترجمو ۽ مختصر تفسير سنڌي آواز ۾ حصو پهريون جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا خيرپور ناٿن شاه ( ضلعه دادو ) ڪيئن ٻڌو نادرا جي ڊپٽي چيئر مين طارق ملڪ سان ڳالهه ٻولهه پنهنجي ڌرتي سان عشق، محبت ،جذبات ۽ ان لاء پاڻ پتوڙڻ شاعره، ۽ ليکڪ سحر امداد جو مختصر هڪ انٽرويو شهيد پروفيسر حزب الله ميمڻ جي ياد ۾ شاه جو رسالو هڪ تحقيقي وڊيو رپورٽ سنڌي عالم اديب ۽ انهن جون تصويرون ( ناري جاڳرته پروگرم حيدرآباد سنڌ ) ڪي ٽي اين اپڊيٽ۔۔۔۔ 22۔۔۔12۔۔۔1210 هڪ تحقيق (وڊيوز ) شهيد جنرل هوش محمد شيدي سنڌ جي شهر سعيد آباد جا مسئلا ( هڪ وڊيو رپورٽ ) باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سوانًح عمري روڊ حادثه ۽ ڪراچي شهر جي ٽريفڪ (هڪ جائزو) سنڌ ۾ پرائمري تعليم جي تباهي ۽ پرائمري استاد جو ڪردار عالم اديب ٫سياستدان ۽ وڏو ماڻهون } سنڌ جو ٻيجل ثاني سرمد سنڌي مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا سنڌ جو سچو سپاهي شهيد جنرل هوش محمد شيدي ٿر ڪوئلو۽ حڪومت جي بي ڌياني خيرپور رياست جو" ڪمال ۽ زوال محنت، ڪراچي جو شهر ۽ اسان جو سنڌي دلربا ماڻهون دلربا شاعر دادن فقير جويو غريب ۽ امير جو موت ، ۽ ان جي اهميت سنڌي عالم اديب ۽ انهن جون تصويرون عظيم سنڌي عالم مولوي حاجي احمد ملاح( رح) پنهنجي شهر جو موسم ( گرمي درجو ) معلوم ڪريو۔ عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو بشير احمد صاحب جو حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شخصيت۽ شاعري تي اعتراض ۽ ان جو جواب گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو هندستان جو سنڌي ريڊيو۔هندستان جو سنڌي ريڊيو۔ عالم، شاعر، محقق، مترجم، لطيفيات جو ماهر ڊاڪٽر تنوير عباسي مسڪينن جو مسڪين جهان خان ٿري عالمن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، ڪالم نويسن، محققن جا البم استاد بخاري جون ڪجهه ناياب دلڪش تصويرن (ٻه البم) شاهه جي رسالي جو نالي وارو مرتبي عالم ۔۔۔۔پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شيدائي۔۔۔۔۔۔۔ رحيمداد خان مولائي شيدائي حضرت علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمه الله صاحب لائيو ڏسو پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مقابلو تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ جا وڏا وزير، دور حڪومت ۽ انهن جو مختصر تعارف ۔۔ دوست ممتاز صاحب جن جو ڪم سنڌ سلامت تي تمام گهڻو آهي، جنهن لاءِ مونکي اڃان گهڻي محنت ڪرڻي پوندي۔ جاري آهي۔۔۔
جواب: ممتاز علي وگهيو جو سنڌ سلامت تي ڪيل ڪم سائين ممتاز جي دوستي تي اسانکي به فخر آهي ۽ سنڌ سلامت کي به ناز آهي، اصل ۾ ڪا به اوطاق ڪوبه گهر يا ڪابه تنظيم ماڻهن کان بغير ڪجهه به نه هوندي آهي، سنڌ سلامت کي ممتاز وگهئي جهڙا سهڻا دوست مليا آهن جنهن سبب هن اوطاق جو اڱڻ پررونق رهندو اچي ۔۔۔ سلام دوست جي محنت ۽ عظمت کي ۔۔۔ پنهنجو نالو سندس جي دوستن واري لسٽ ۾ ڏسي سچ پڇو حيان سگهارو ٿي پيو آهي لک ٿورا محترم دوست طاهر جو اوهان دوستن کي ايترو سهڻو مان ڏنو ٿورا ناهن ٿورا
جواب: ممتاز علي وگهيو جو سنڌ سلامت تي ڪيل ڪم ادا طاهر توهان جهڙي حساب سان اسان جي پياري دوست ممتاز علي وگهيو جي شخصيت ۽ سندن محنت جي باري ۾ هتي مقالمو پيش ڪيو آهي ايتري محنت ته پاڻ وارا استاد پي ايڇ ڊي لاءِبه نه ڪندا آهن، ادا ممتاز علي وگهيو جو ڪم آهي به ايترو جنهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ به ڪم از ڪم پي ايڇ ڊي جي ضرورت آهي۔۔ توهان جي لاءِ نيڪ تمنائون آهن ته شل ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيو۔۔ باقي ادا ممتاز وگهيو جي باري ۾ ايترو چوندس ته سندن ڪم سنڌ سلامت تي تمام بهترين آهي پاڻ مختلف شخصيتن تي مقالما ۽ تحريرون گڏ ڪري سنڌ سلامت کي سنڌي ادب جي لائبريري ٺاهڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو اٿن۔۔ مولا ڪڏهن کين ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاري۔۔ سائين نثار ابڙو جي ڳالهه وانگر مان به پنهنجو نالو سندن دوستن جي فهرست ۾ڏسي ڪري خوشي ۾ نه پيو ماپان۔۔
جواب: ممتاز علي وگهيو جو سنڌ سلامت تي ڪيل ڪم سائين واقعي ان جو اعتراف هر خاص و عام جيڪو سنڌ سلامت تي لکي ٿو يا مهمان ٿي پڙهي ٿو کان ڳجهو ڪونهي ۔ اسان کي به سائين جي محنت هن اڱڻ تي آندو جنهن لاءي سندس جيترا به ٿورا مڃجن اهي گهٽ آهن سائين جي ان جاکوڙ کي صد سلام ۔ سائين طاهر صاحب اوهان جي مهرباني جن سائين جي مطلق ايتري سهيڙ ڪئي ۔ يقين ڪيو ته اڄ سائين جن جو اهو احسان ياد اچي ويو جيڪو هنن مون تي ڪيو هو آءُ پنهنجي ڪا به تحرير لکي ان کي سانڍيندو نه هيس ته سائين جن ان کي سانڍڻ ۾ منهنجي ايتري تائين مدد ڪئي جو اهي پنا جي ائين منهنجي کيسي ۾ ڦاٽي ويندا ها انهن کي فائل ۾ بند ڪندو هو ۽ مونکي چوندو هو ته ڏاڏل هنن کي ائين ضايع نه ڪر ته اڄ سائين جن جي سنڌ سلامت تي پکڙيل ذات کي جئين اوهان سموهي گڏ ڪري سندن جو تعارف ڪرايو آهي اوهان کي به جَسُ هجي ۔ وسلام
جواب: ممتاز علي وگهيو جو سنڌ سلامت تي ڪيل ڪم ادا ممتاز تي ڇا لکون جو ممتاز ته آهي ئي ممتاز سندس ڪيل ڪم واقعي لاجواب آهي ۔ اهو سنڌ سلامت هجي يا فيس بوڪ جو فورم اسان سدائين هن نوجوان کي سنڌ جي ادبي ، علمي ، سياسي ، سماجي ۽ فن سان لاڳاپيل شخصيتن جي پروفائلن، خاڪن، تصويري ڪليڪشن، وڊيو ڪليڪشن تي ڪم ڪندي ڏٺو آهي۔ سندس ڪيل ڪم تي مان کيس سلام ٿو پيش ڪيان اهو اعتراف پڻ ڪري رهيو آهيان ته مان سندس ڪيل ڪم مان ڪي ئي اقتباس وٺي پنهنجي لکڻين کي سونهن بخشيندو آهيان۔ اسان جي دعا آهي ته پاڻ سدائين خوش هجي ۽ سنڌيت جي پرچارڪ لاء اهڙو ڪم جاري رکي۔ لک ٿورا طاهر جا جنهن سنڌ سلامت جي هن سهڻي دوست لاء هي ٿريڊ ٺاهيو۔
جواب: ممتاز علي وگهيو جو سنڌ سلامت تي ڪيل ڪم slam slam slam ۔ ۔ اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا دوستو۔۔۔ سڀ کان پهرين ته مان شڪرگذار آهيان محترم دوست طاهر سنڌي صاحب جو جنهن هيڏي وڏي محنت ڪري هن ناچيز ممتاز تي ٿورا ڪري ڇڏيا آهن، مان سندس هن ڪم لاء ٿورائتو آهيان، ۽ سندس شڪريو ادا ڪرڻ لاء به مون وٽ الفاظ ڪونهن، ادا اهيا توهان جي مهرباني آهي جو توهان مون جهڙي سست ڪاهل ماڻهون لاء محبت ڀريا الفاظ استعمال ڪيا آهن، ادا طاهر اهيا به حقيقت آهي ته بقول محترم دوست اسد مير جت عرف مست صاحب ۔۔۔۔ ( ادا طاهر توهان جهڙي حساب سان اسان جي پياري دوست ممتاز علي وگهيو جي شخصيت ۽ سندن محنت جي باري ۾ هتي مقالمو پيش ڪيو آهي ايتري محنت ته پاڻ وارا استاد پي ايڇ ڊي لاءِ به نه ڪندا آهن، ) سو ادا ان لاء مان توهان جو هڪ دفعو ٻيهر شڪرگذار آهيان، مان محترم دوست نثار ابڙو، محترم دوست مست صاحب، محترم دوست ڏاڏل شينو، محترم دوست سليمان وساڻ صاحب جو ٿورائتو آهيان جن مون کي ايترو مان ڏنو آهي ۔ ۔ ادا منهنجا ته سنڌ سلامت جا سڀ جا سڀ ساٿي اکين جا ٺار آهن ۽ مان ته سنڌ سلامت جي هر هڪ ساٿي سان محبت ڪندو آهيان، مون ته سنڌ سلامت جي ساٿين ۽ دوستن جو پنهنجي فيسبڪ تي هڪ الڳ البم ٺاهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ سلامت جي ساٿين جون يادگار ڪجهه تصويرون گڏ ٿيل آهي، جنهن کي ڏسڻ لاء توهان هن عنوان ۔۔ سنڌ جا عالم، اديب، ليکڪ. 17 سنڌ سلامت ۔۔۔ تي ڪلڪ ڪري ڏسي سگهو ٿا۔ مهرباني۔ محترم سليمان وساڻ صاحب اوهان جون لک مهربانيون ۽ قرب جو توهان اسان کي هر پروگرام ۾ ياد رکيو آهي، ادا سنڌ جي ابن بطوطه مهان انسان ۽ سنڌ ادب تي احسان عظيم ڪندڙ محترم الطاف شيخ جي سنڌ سلامت جي آجياڻي ۾ به منهنجو پڪو پڪو پروگرام هو مگر ڪجهه مجبورين جي ڪري ( مجبوري هي هئي ته منهنجي چاچي جو دل جو باء پاس ٿيو هو، جنهن جي ڪري منهنجي ڊيوٽي سندس خدمت ۾ لڳل هئي، ) مان هن پروگرام ۾ شرڪت ڪري نه سگهيس، جنهن جو مون کي تمام گهڻو ارمان ۽ افسوس آهي، ادا سليمان صاحب ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هي پروگرام وڏي محنت ۽ محبت سان رچايو ويو هو، جنهن ۾ سنڌ سلامت جي تمام ٽيم ۽ خاص توهان جي محنت جو ڪمال آهي، جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، ادا مون جڏهن توهان جي رچايل پروگرام جو وڊيو ۽ تصويرون ڏٌٺيون ته مون کي ان پروگرام ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو افسوس اڃان به وڌي ويو آهي، ۽ اهيو افسوس شايد زندگي ڀر رهي، ڇو جو اهڙو وقت ۽ اهيا گڏجاڻي وري ڪڏهن واپس نه ايندو، مان جڏهن دادو ۾ رهندو هئس ۽ سنڌي ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ لاء دادوء جي علامه آء آء قاضي لائبريري ويندو هئس ۽ اتي محترم سائين الطاف شيخ صاحب جو پهريون سفرنامو مون هي پڙهيو هو۔۔۔ اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا۔۔ جنهن کانپوء شيخ صاحب سان ملڻ لاء دل آتي رهي جيڪا اڄ تائين آتي آهي، ادا سليمان صاحب ۽ سنڌ سلامت جي تمام ٽيم کان مان معذرت خواه آهيان جو مان پروگرام ۾ شرڪت ڪري نه سگهيس، جڏهن ته سنڌ جي هن عظيم سيلاني ۽ سنڌ جي سڃاڻ محترم الطاف شيخ جي ملاقات لاء مان ننٌڍپڻ کان آتو آهيان، کيس سان فون تي ته ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، ۽ پاڻ مهرباني ڪري مون ڏانهن پنهنجون اي ميل وغيره به موڪليندا رهندا آهن، جنهن لاء مان سندس شڪرگذار آهيان، الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي سنڌ جو هر شخص دل و دماغ سان پڙهندو آهي۔ الطاف شيخ کي شايد ئي ڪوسنڌي علم دوست هجي جيڪو نه ڄاڻندو هجي۔مان ته ائين چوندس ته جيئن شاه صاحب اسان جي سنڌي ٻولي کي سنڌي شاعري سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي ۽ شاه صاحب جي شاعري ۽ فڪر اسان سنڌين ۽ سنڌي ٻولي لاء فخر جي نشاني آهن اهڙي ريت سنڌ جي لطاف شيخ صاحب تي پڻ اسان کي ناز ۽ فخر آهي، الطاف شيخ صاحب سنڌي ٻولي ۾ سون جي تعداد ۾ سفرنامه لکي ڪري سنڌي ٻولي کي سنڌي سفر نامن سان مالا مال ڪري سنڌي ٻولي تي وڏو احسان ڪيو آهي، شايد اهيو احسان اسان جو سنڌي ماڻهون ڪڏهن به وساري نه سگهي، محترم دوست الطاف شيخ صاحب سان منهنجي پهرين ڳالهه ٻولهه تڏهن ٿئي هئي جڏهن پاڻ ايران ۾ موجود هئا، شيخ صاحب مون سان جڏهن به ڳالهايو آهي ته پيار محبت ۽ اڪير سان ڳالهايو آهي، جڏهن ته پاڻ هڪ سنڌ جو نالي وارو ليکڪ ۽ هڪ نيوي جا بالا آفيسر پڻ رهيا آهڻ ، مگر مون ڪڏهن به شيخ صاحب ۾ ڪا وڏائي، تڪبر ۽ غرور ناهي ڏٺو۔ نه محسوس ڪيو آهي، ۔
جواب: ممتاز علي وگهيو جو سنڌ سلامت تي ڪيل ڪم سڀني دوستن جي مهرباني. هن سلسلي جي ٻي قسط به هن ڌاڳي ۾ جلد اچي پئي ان شاءَ الله