پاڪستان جا سماجي مسئلا ۽ اڄ جي ميڊيا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پاڪستان جا سماجي مسئلا ۽ اڄ جي ميڊيا
    تحرير : شرجيل انعام ميمڻ

    [justify]صحافت جنهن کي رياست جو چوٿون ٿنڀو به چيو ويندو آهي، ان جا ٽي بنيادي نقطا آهن، جن ۾ سرفهرست عوام کي ڄاڻ ڏيڻ يا اطلاعن جي فراهمي شامل آهي. ٻئي ۽ ٽئين درجي جا نقطا ترتيبوار عوام کي شعور ڏيڻ، تعليم ڏيڻ ۽ عوام جي تفريح فراهم ڪرڻ آهن. ڪنهن به جمهوري سماج جو آئينو ان جي صحافت هوندي آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ صحافت هڪ مشن جو درجو رکندي هئي، جيڪو جابر حڪمران آڏو جبري طور ڪلمه حق جو اعلان هو، ان ڪلمه حق کي وڏي واڪي چوڻ جي ڏوهه ۾ ننڍي کنڊ جي صحافت جي بانين کي قيد ۽ بند جون سختيون به برداشت ڪرڻيون پيون، جيڪي وطن جي آزاديءَ جي راهه ۾ نمايان حيثيت رکن ٿيون.

    جيڪڏهن اسان پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جي صحافت جو ننڍڙو تجزيو ڪيون ته اها حقيقت ضرور ظاهر ٿيندي آهي ته صحافت سان واڳيل ماڻهن جمهوري عمل کي جاري رکڻ، استمراري قوتن جي آڏو جهڪڻ بدران رياستي ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪرڻ کي اوليت ڏني. صحافت جي صحرائي واديءَ ۾ اهي ماڻهو پرامن ۽ خوبصورت هوندا آهن. صحافت جو پيشو هڪ پيغمبراڻو ڪم آهي، جنهن ۾ حق ۽ سچ کي ئي ڪتاب جي زينت بڻايو ويندو آهي. اڄ جي نازڪ دور ۾ دنيا جنهن صورتحال ۾ ورتل آهي ۽ خاص طور پاڪستان کي جيڪا صورتحال درپيش آهي، ان ۾ صحافتي ذميوارين جي اهميت ٻيڻي ٿي وڃي ٿي ۽ قدم به تمام احتياط سان رکڻو پوندو آهي. جڏهن کان برقي صحافت (اليڪٽرانڪ ميڊيا) پاڪستان ۾ عام ٿي آهي ۽ خبريت جي اهميت جو انحصار صحافتي ادارن جي صوابديد تي آهي، جنهن ۾ خبر گهڙين ۾ عوام تائين پهچي ويندي آهي. ان نازڪ صورتحال ۾ خبر جي حقيقت کي پرکڻ هڪ ڪڙي ذميواري آهي، جنهن ۾ غير جانبداراڻه رپورٽنگ ۽ خبر نگاري هڪ بااصول صحافي جو اصول هجڻ گهرجي. خبرون پهچائڻ ۾ سنسني خيزي کان پاسو ڪرڻ اوترو ئي ضروري آهي، جيترو ذيابطيس جي مريض کي کنڊ جي استعمال کان هجڻ گهرجي. سنسني خيزي جي نتيجي ۾ خبر جي رسائي ته عوام کي ٿي ويندي آهي، پر ان جا خراب اثر عوام جي ذهنن مان آساني سان ناهن نڪرندا، جنهن جي نتيجن ۾ لسانيت، تفرقه بازي ۽ دهشت پسندي جا خراب اثر جذب ٿي ويندا آهن، جيڪي ڪنهن به معاشري لاءِ زهريلي گهڙي آهن.

    پاڪستان پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت چور رستي کان اقتدار ۾ اچي ڪڏهن به عوام جي عدالت ۾ شرمنده ناهي ٿي ۽ آزادي صحافت جي هميشه علمبردار رهي آهي. پر ان نقطي کي ذهن ۾ ضرور رکڻ گهرجي ته آزادي صحافت جي نالي تي اهڙين شين کي اجاگر نه ڪيو وڃي، جن سان ملڪي سلامتي کي نقصان پهچندو هجي ۽ عوام ۾ شڪن جا بنياد پوندا هجن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جمهوريت خاطر قيد ۽ بند جون سختيون ۽ شهادت جا رتبا به حاصل ڪيا آهن ۽ آزادي صحافت لاءِ پنهنجي پارٽي پاليسي کي هميشه عوام جي خدمت لاءِ پيش ڪيو آهي، جنهن جو اظهار اڄ جي صحافتي رُخ کي ڏسي ئي ڪري سگهجي ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي تنقيد جون راهون ڪڏهن به بند ناهن ڪيون ۽ صحافتي تنقيد کي دل سان قبول ڪيو آهي.

    هن وقت پاڪستاني ميديا کي ان ڳالهه جو اخلاقي طور پابند ٿيڻ تمام ضروري آهي جيڪا کين صحافت جي اصولن تي جيڪا پنهنجي ذاتي پسند يا ناپسند کي فوقيت نه ڏئي، پر عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ حڪومت کي انهن طرف ڌيان ڇڪرائڻ ۾ قطب نما جو ڪم سرانجام ڏئي. ڇاڪاڻ ته صحافت انهن مسئلن طرف نشاندهي ڪندي آهي، جنهن سان عوام جو ذاتي تعلق جڙندو هجي ۽ حڪومت به ميڊيا جي نشاندهي تي انهن مسئلن جي حل لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي ته جيئن عوام ۽ حڪومت ۾ ٽڪراءَ جي ڪيفيت ڪڏهن به پيدا نه ٿئي. ملڪي سلامتي ۽ جمهوري عمل جاري رکڻ لاءِ اهي شيون تمام ضروري آهن ته جيئن پاڪستاني عوام به دنيا جي ٻين ترقي يافته قومن جيان جمهريت جي ميوي مان فائدو حاصل ڪري سگهي.
    (نوٽ: ليکڪ سنڌ جو اطلاعات جو صوبائي وزير آهي)[/justify]

    روزانه عبرت تان ورتل
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پاڪستان جا سماجي مسئلا ۽ اڄ جي ميڊيا

    سٺي معلومات آهي سائين

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پاڪستان جا سماجي مسئلا ۽ اڄ جي ميڊيا

    سائين تمام سٺي معلومات آهي .
     
  4. Asif ali shar

    Asif ali shar
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    تمام بھترين معلومات آھي.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو