جسم جي قتل کان مقصد جو قتل وڏو هوندو آهي

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [justify]جسم جي قتل کان مقصد جو قتل وڏو هوندو آهي

    معضرت سان هي منهنجو موضوع ته ڪونهي پر دل تي ڏاڍو ٻوجھ آهي ان کي هلڪو ڪرڻ لاءِ هي ڪوشش ڪئي آهي ٿي سگهي ٿو ته ڪافي سارا دوست منهنجي هن خيال سان سهمت نه هجن۔
    اسان کي هي اڃا ڪيترو بي وقوف بڻائيندا حضرت علي ڪرم الله وجه جو فرمانِ اطهر آهي جنهن ۾ پاڻ دوستي ۽ دُشمني جا ٽي يسنهري اصول ظاهر ڪيا اٿن ۽ جن کان ٻاهر نه ڪا دوستي آهي نه ڪا دُشمني آهي .جئين ڪنهنجو چوڻ آهي ته انسان يا فسادي آهي يا جهادي آهي . باقي مقتول سان همدردي ۽ قاتل سان دوستي اسان کي سمجھ ۾ اها ڳالھ نه ٿي اچي. دوستي ۽ دُشمني جا جيڪي سُنهري اصول حضرت علي عه بيان ڪيا آهن اهي غور طلب آهن. دوستي ۽ دُشمني جي اصولن ۾ پاڻ فرمائين ٿا ته دوست به ٽن قسمن جا آهن ته دُشمن به ٽن قسمن جا آهن دوست ٽن قِسمَن جا؛ هڪ ته اهو جيڪو اوهان جو دوست آهي ٻيو اوهان جي دوست جو دوست اهو به اوهان جو دوست آهي ۽ ٽيون اهو جيڪو اوهان جي دشمن جو دشمن آهي اهو به اوهان جو دوست آهي . اهڙي ريت سندن فرمان ۾ دُشمن جا قسم، هڪ اوهانجو دُشمن ٻيو اوهان جي دوست جو دُشمن ٽيون اوهان جي دُشمن جو دوست .اتي به پهريون ۽ ٻيون فرمان بلڪل واضع آهي ٽيون فرمان ٿورو غور طلب آهي ييعني جيڪو اوهان جي دُشمن جو دوست هوندو ته جيئن اوهان جي دشمن جو دُشمن اوهان جو دوست آهي تيئن جيڪو اوهان جي دُشمن جو دوست هوندو ته اهو پنهنجي ڊُوست جي ڊُشمن کي به پنهنجو دُشمن ئي سمجهندو ان لاءِ ڊوشمن جو دوست به اوهانجو دُشمن ئي هوندو .
    اڄ هي چون ٿا ته اسان ڀٽي جي ڪيس کي ٻيهر کولرايو آهي اهو هنن جي نگاه ۾ وڏو ڪم آهي بابر اعواڻ الائي ڇو ڪارو چشمو پائي پريس ڪانفرنس ۾ ٿو چوي ته جي مونکي ڀٽي صاحب جي ڪيس وڙهڻ لاءِ وزارتِ عظميٰ به ڇڏڻي پوي ها ته مان وزيرِ اعظم جي سيٽ تان استيعفا ڏئي به هي ڪيس وڙهان ها شايد هن کي پنهنجي ماضي جي ڪري ڪنهن سان اک ملائڻ جي جرات ڪانه هئي يا هن کي پنهنجي ماضي کان شرم ٿي آيوجو هن پريس ڪانفرنس ۾ ڪارو چشمو استعمال ڪيو ۔ بحرحال منهنجو موضوع اهو ڪونهي .
    پهرين ڳالھ ته جڏهن اپوزيشن ليڊر آف دَ هائوس بيهي ڪري چوي ٿو ته اسان مڃيون ٿا ته هي هڪ سياسي قتل هو عدالتي قتل هو . ان پارليامينٽ جنهن کي هي عدالت کان مٿاهون ٿا سمجهن اها پوري پارليامينٽ جي فيصلو ڪري چُڪي آهي ته جڏهن حڪومت جي پارٽي جن ريفرينس عدالت کي موڪليو آهي ته هي ڪيس ري اوپن ڪري هن کي هلايو وڃي . مطلب ان مان ظاهر ڪرڻو آهي ته اهو فيصلو غلط ٿيو هو ته ڪنهن تي ثابت ڪرڻ ٿا چاهين ته هي فيصلو غلط ٿيو هو جڏهن اوهان چو ٿا ته اهو غلط ٿيو اپوزيشن چوي ٿي ته بابا اهو غلط ٿيو ته باقي ڪنهن تان اهو داغ ڌوئڻ ٿا گهروُ.
    ٻي ڳالھ اها آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي اسان هڪ جملو ٻڌو هو ته اسان کي اهو هٿ نه گهرجي جنهن هٿ اها گولي هلائي پر اسان کي اهو هٿ گهرجي جنهن هٿ ان ۾ گولي وڌي مطلب ته جنهن مارايو اهو ماڻهون اسان کي گهرجي ٻين لفظن ۾ وجه ءِ قتل ته ڀٽي صاحب جي قتل جي وجه ڇا هئي ان تي ڳالهايو ته جيڪا ڀٽي صاحب جي قتل جي وجھ هئي ان کان ڪير بي خبر اهي . ڀٽي صاحب جي قتل جي وجھ کي نه فقط واڪستان بلڪه پوري دنيا تسليم ٿي ڪري ته ڀٽي صاحب جي قتل جو ڪارڻ مغربيقوتون بلخصوص آمريڪا ته پوءِ اوهان ته قاتل جي جهولي ۾ ويٺا آهيو .جڏهن هي قاتل جي جهولي ۾ ويٺا آهن ته هي ڪنهن تان داغ ڌوئيندا هنن ته پاڻ کي هر پل داغدار ڪيو آهي .
    قتل ٻن قسمن جا هوندا اهن هڪ جسماني ٻيا مقصد جا يا احداف جا قتل .جسم جو قتل ايترو نقصانڪار ناهي هوندو جيترو وڏو نقصان مقصد جو قتل هوندو آهي . جي جسم جو قتل ٿي وڃي ۽ مقصد باقي رهجي وڃي ته اهو قتل امر ٿي ويندو آهي. جي مغربي قوتون ڀٽي جي جسم جون قاتل آهن ته هي جيڪي ڀي جا وارث آهن جن جو نعرو آهي تم ڪتني ڀٽو مارو گي هر گهر سي ڀٽو نڪلي گا.جي هر گهر کان ڀٽو نڪري ته آمريڪا يا مغربي قوتون هن وقت تائين پاڪستان جا ڳيجهو هجن ها . ڀٽو جو مقصد هنن جي هٿان قتل ٿيو آهي . ڀٽو جي ڪشڪول ڀڳا ها سي ڪشڪول هنن جي هٿن ۾ آهن .نٽي جو مقصد هو هنن جي اڳيان ڪڏهن به نه جهڪڻ ڀلي ان لاءِ سُولي تي ڇو نه چڙهي وڃجي هنن ڪالھ جن کي قاتل چيو اڄ اقتدار جي ڪري هنن جي گهرن جا چڪر ٿا لڳائين پيا .
    درِ پرده اڄ پوري دنيا ٿي چوي پئي ته بينظير جا قاتل مشرف ۽ سندس ساٿي آهن دنيا جي تحقيقي ادارن به پنهنجي تحقيق ۾ اهو ثابت ڪيو ته ها محترمه جا قاتل اهي آهن جن کي اقتدار جي لالچ ۾ پروٽوڪول ڏئي ڪري الوداع ڪيو ويو. جن جي ليڊر کي هُن جلاوطن ڪيو هو سي چون پيا ته هنن کي هتان ڀڄڻ نه ڏيو ۽ هنن جي ليڊر جو هُو قاتل هو ان کي هنن پروٽوڪول ڏئي ٻاهر موڪلي ڇڏيو آهي . هنن پنهنجي قتدار لاءِ اهي جُرم ڪيا آهن جن جي مثال ڪنهن دور ۾ نه ٿي ملي . هنن ڪراچي جي اندر انسانيت ۽ بلخصوص سنڌين سان ناحق ڪندڙ پارٽي سان اهي معاهدا ڪيا آهن جن جون تفصيلات سامهون اچن ته ساده لوح ڪارڪن هنن کي پٿر هڻي ختم ڪري ڇڏين . هتي اسان جي عوام جي حالت اها آهي ته اسان جو غريب بُکيو خودڪشيون ٿو ڪري ۽ هي عيش و آرام جي نشي ۾ ڌُت پيا آهن هي پراڻا مُردا کولي اسان کي بيوقوف ٿا بڻائين پيا . يقين ڪيو ته جي ڀٽو صاحب جي روح هنن کي ڏسي ٿي ته هي روزانو هن جي لاءِ عزيت جو سامان ٿا ڪن نه ڪي هن جي راحت جو. جي ڪر حق جي ڳالھ ڪجي ته ڇا هنن ماڻهن ڀٽي جي ڦاسي تي پنهنجو پاڻ کي قصور وار تسليم ڪيو آهي؟ ڇا هي اهو نثار کهڙو ڪونهي جنهن ڀٽي جي ڦاسي تي م؛ايون ويرهايون هيون، ڇا هي اهو گيلاني ڪونهي جنهن ڀٽي صاحب جي جوڊشنل مرڊر تي گهرواري کي گلن جا هار پارايا ها ڇا هي اهو بابر اعواڻ ڪونهي جنهن ڀٽو صاحب جي سياسي قتل تي پنهنجي شهر ۾ مٺايون ورهايون هيون . ڇاهنن اڄ پاڻ کي ميڊيا تي سرعام غلط چيو آهي ته اسان ان وقت غلط هيا سين ۽ آهيون نه سائين ڪڏهن نه هنن ان شي جو اقرار ناهي ڪيو هي ته اهي قاتل آهن جن مقتول جي وراثت حاصل ڪرڻ جي لاڀِ ڪوڙا ڳوڙها ڳاڙين ٿا . هنن جو ماضي ڀٽي سان بي وفاين تي ڀريو پيو آهي. آءُ ته اهو ٿو چوان اهو به وساري يا ان کان به درگزر ٿي سگهي ٿو جي هنن توبه ڪئي آهي . پر هي ڪٿان جوو انصاف آهي ته هنن ڀٽي جي اها روح جيڪا غريب جي حق لاءِ تڙپندي هئي اڄ ان جي نالي تي غريب و نادار جي روح تي تڙپايو ٿو وڃي ، ڇو جو هي اهي ماڻهون آهن جن ڀٽي جو ڪارڊ استعمال ڪري پاڻ کي اڳتي آندو آهي . هنن کي ڀٽي کي پاڻ سان گڏ رکيو ان لاءِ آهي ته جيئن هي ان جو نالي جو استعمال ڪري ماڻهن جي احساسات سان کيڏي سگهن . ڇاهن وقت جو مذدور پنهنجي ٻار کي تعليم ڏيڻ جي قابل آهي ، ڀٽي آمريڪا سان اکيون اکين ۾ ملائي موت کي قبوليو هي اڄ آمريڪا جي جنگ کي پنهنجي جنگ جو نالو ڏئي پنهنجا ماڻحون ٿا مارين پيا .هي هن جي دُشمن سان بغلغير آهن ۽ ڇون ٿا ڀٽي جا دشمن ڳولي ڳولي مارينداسين . مون عرض ڪيو ته جسماني قتل کا مقصد جو قتل وڏو نقصانڪار آهي هي ڀٽو جي مقصد جا قاتل آهن هن ڀٽي جي مقصد کي ناهي چاهيو پر هنن ڀٽي جي نالي کي پنهنجي مقصد لاءِ سنڀالي رکيو آهي بس ڪا ورسي يا برسي جي تقريب ٿئي ٿي ته هي اسان جي جذباتن کي پنهنجي قريب آڻڻ لاءِ ٿا اهڙيون ڳالهيون ڪن پيا . جي هي ڀٽي جا پيروڪار آهن ته ان جي مقصد تي جان ڏيڻ جو وچن ڪن يقين ڪيو اڄ به جي ڪو ليڊر ڀٽو اِزم تي اڳتي وڌي ته هي قوم ان جي هڪ اشاري تي سر ڏيندي پر هنن خواهشت پرستن کان اهڙو ڪم ڪٿي ٿيندو ههڙن کان اهڙي توقع رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي .[/justify]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جسم جي قتل کان مقصد جو قتل وڏو هوندو آهي

    اوهان جي سڄي ڪالم ۾ گهڻيون اهڙيون ڳالهيون آهن جن سان سهمت ٿي سگهجي ٿو پر ڀٽو ڪيس ٻيهر کولي جيڪڏهن فيصلو اهو ٿو اچي ته هي عدالتي قتل هو ته انهن ماڻهن خاص ڪري انهن ججن کي سر عام سزا اچي جن اهو فيصلو ڏنو۔ ۽ ٻي ڳالھ ته دنيا تائين اهو آواز به پهچندو ته اسان وٽ عدالتي سرشتو ڪهڙو آهي ۽ ٽين ڳالھ ته اڄ به بحثن ۾ اعجاز الحق ۽ قصوري جهڙا نام نهاد ماڻهو ڀٽو ڪيس تي سر عام اهو چوندي فخر محسوس ڪندا آهن هو قاتل هو ۽ هن کي اسان سزا ڏياري جيڪڏهن جج ڀٽو ڪيس کي عدالتي قتل قرار ڏين ته اهڙن ماڻهن جي منهن تي هي هڪ چماٽ هوندي۔

    ٻيو ته هي فيصلو ڪهڙي به مقصد لاء ڪيو پيو وڃي پر جيڪڏهن ان ۾ ڀٽو جو قتل بيگناھ ۽ سياسي قرار ڏنو وڃي ته ان ۾ اسان يا اوهان کي ڪهڙي تڪليف ٿي اچي ؟ اسان کي ته ارهو نه پر سرهو ٿيڻ گهرجي۔ ڪنهن جا ڪهڙا سياسي مقصد آهن ؟ انهن کي جيڪڏهن ماڻهو چونڊي اقتدار ۾ آڻين ٿا ته ان فيصلي کي به قبول ڪرڻ کپي ؟ ڇو ته اهو عوام جو فيصلو آهي، اسان ماڻهو جو ناهي ۽ عوام هنن سان گڏ ڇو آهي اهو هڪ الڳ بحث آهي جيڪو ٻي هنڌ ڪنداسون۔

    تنهنڪري سياسي يا ڪنهن به مقصد تحت جيڪڏهن هي ڪيس ري اوپن ٿيو آهي ته اسان کي ان جي حق ۾ نه صرف دليل ڏيڻ کپن پر پريشر پڻ وجهڻ گهرجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نه ڪي هميشه وانگر مخالفت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو