• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خوشي مان خريد ڪرين جي عشق جو آزار

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
خوشي مان خريد ڪرين جي عشق جو آزار​

سينگاري صاحب کي تون نڪري ٿي نروار
صديون رهين سال پر ڏينهن اهي ٻه يا چار

نواءِ پنهنجي نفس کي ماڻ مزو موت جو
جي واقعي تو کي زندگي سان آهي پيار

ساڻ ڪري ثمر تون ويهج واٽ تي
صاحب جي سڏ لاءِ تُرت رهج تيار

پل نه ڇڏجانءِ پاند پرين جو اي دوست
جي هوت هليا ويا رهندين ڪنهن آڌار

ظالم سواءِ اڙي نه ڪر ڪنهن آدم کي
کڻي گاريون گند ڏين لک هزار

موت کي زندگي ملندي ڏاڏل پر شرط
خوشي مان خريد ڪرين جي عشق جو آزار​
 
جواب: خوشي مان خريد ڪرين جي عشق جو آزار

ڏاڏل سائين مهرباني

اوهان جي شاعري ته واھ واھ پر مان اوهان جي ڪالمن جو انتظار ڪري رهيو آهيان

اميد ته جلد اسان سان پنهنجا ڪالم ونڊ ڪندا
 
جواب: خوشي مان خريد ڪرين جي عشق جو آزار

سٺو ۽ سهڻو پيغام آهي ۔۔۔ سمجهو ڪي سمجهن ۔۔۔ ڇاڪاڻ ڪيترا ماڻهون اهڙيون ڳالهيون سمجهندي به ناهن سمجهندا ۔۔۔ ڇاڪاڻ؛

نواءِ پنهنجي نفس کي ماڻ مزو موت جو
جي واقعي تــوکي زنـــدگي سان آهي پيار

اهڙن ڳالهين کي سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ انسان کي بهادر هجڻ گهرجي، نفس کي مارڻ جو مطلب آهي پنهنجي موجود (ڏوهاري) شخصيت کي ماري، نئون انسان پئدا ڪرڻ ۔۔۔ پر نئون انسان پئدا ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو آهي جيترو ڪا ماءُ سور کائي ويم ڪري نئين ۽ صاف جيوَ کي جنم ڏيندي آهي ۔۔۔

واه سائين ڏاڏل ۔۔۔ مٿي تي چمي قبول ڪندا
 
جواب: خوشي مان خريد ڪرين جي عشق جو آزار

ادا نثار ابڙا وضاحت ۽ معني ٻڌائڻ جي مهرباني
 
سائين ابڙا صاحب اوهان جا لک ٿورا
 
Back
Top