”اها سنڌ جيڪا سڄي خواب آهي“
تحرير : ارشاد لغاري
هلندڙ لابارن دؤران اوچتو ئي اوچتو مٽيءَ جو هڪ اهڙو طوفان آيو، جو سندس سموريون راهون الوپ ٿي ويون. هُو جيڪو پاڻ به سڄو مٽي ئي آهي، تنهن کي بهرحال اهو اندازو ئي نه هو ته مٽي جيڪا سندس سفر جو اول- آخر سهارو هئي سا ائين اوچتو ئي اوچتو راهن ۾ رائو ڀري ڇڏيندي؟ اها راهه جيڪا هي وٺيو پي آيو، تنهن تان واپس ٿيو ۽ سفر لاءِ وري ڪا ٻي نئين راهه ڳوليندي پنهنجي مٽيءَ سان فقط ايترو مخاطب ٿيو ته:
”مون کي توکان ڪا به شڪايت ناهي“ ۽ پوءِ نئين راهه جي ڳولها ۾ گودڙي کڻي روانو ٿي ويو. ڪئين ڳوٺ، وستيون، شهر بحر، روهه ريگستان جهاڳيندو رهيو ۽ هڪ مقام تي سندس پير ان وقت پٿرائجي ويا، جڏهن هن هڪ اجنبي کي آسمان سان هيئن مخاطب ٿيندي ٻڌو:
وقت واءُ بڻجي
گهڙيءَ جو گهڙي ۾ ڪوئي گهاءُ بڻجي
پنهنجي پتيءَ جو پهر اڏاريندو وڃي
مان وجهي واجهه ان کي
زمانن کان زوري روڪيان پيو
ته جيئن او منهنجا پرين
تنهنجي واعدن جون واٽون نه لٽجي وڃن.
تو چيو هو ته ڪڻڪن ۾ ڀوراڻ ايندي
سرءُ جي رُت جي ٿڪاڻل ڦُلن تي
جڏهن موٽ ساوڪ ۽ سرهاڻ ايندي
تڏهن پاڻ سنڌو سڀيتا ڏسڻ لاءِ
ڌنارن سان ڳوٺن ۾ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ
هلنداسين رلجي!!
تون الاءِ ڪٿي آن؟
ڪڻڪون ڀري سنگ رس مان اٿلي پيون
انبن ٻُور جهليا، سيارو وڃي ٿو
وڇوڙو اسان جو هڏ هڏ ڀڃي ٿو
وساري اسان کي ڪٿي ٿو وسين؟
سواءِ تو حياتيءَ جو ڪهڙو سفر
هلي آءُ هاڻي ڪا واهر ته ڪر
هلي آءُ اندر ۾ اڃا آس آهي
وطن جي ولين ۾ اڃا واس آهي
بس رڳو تون جي موٽين انهيءَ سنڌ ڏانهن
اها سنڌ جيڪا سڄي خواب آهي
هلي آءُ انهيءَ لاءِ ساڀيان کي ڳوليون
وري پاڻ روليون تن راهن ۾ ٻيهر
ٻُڌايون ڀٽائي جي کاهوڙڪيون
ڪهڙا کرڪڻا ۽ ڪهڙا هاڻ ديرا
مهارون، نهارون، سانجهي سويرا
هلي آءُ ته کنهبو اجرڪ ٿيون
ڀِني ماڪ پيالا اجالا پيون
وري ڪاڇي ٿر ۾ ڳايون، ڪي وايون
ڳلي ڳوٺ ۾ هلي اهو ئي سُڻايون
وندر- واٽ جا وڻ وري ٿا ڦُٽن
ڇو پوءِ اسان جا ائين پنڌ کُٽن؟
هلي آءُ!!
وئي مند ته مهڻو ٿي پوندي
اٿي ساز کڻ، رڳو آواز ڏي
سڄو سُنگ ڪٺو آ
اهو سُنگ جنهن لاءِ ڀٽائي چيو
”ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا“
سو هلي آءُ هاڻي
نه آهي سڀاڻي
وقت واءُ بڻجي
گهڙيءَ جو گهڙي ۾ ڪوئي گهاءُ بڻجي
پنهنجي پتيءَ جو پهر اڏاريندو وڃي.
آسمان سان مخاطب نوجوان جو قصو ٻڌي کيس محسوس ٿيو ته نوجوان ڄڻ سندس ئي اندر جون ڳالهيون ڪري رهيو هو. اهي سڀ ڳالهيون جيڪي زمانن کان هي نه ڪري سگهيو آهي. ڇو ته هن جڏهن به ۽ جنهن سان به اها ڳالهه، جيڪا اڄ ڏينهن تائين ”اڻ چيل“ آهي، ڪرڻ چاهي ته سامهون ٻڌڻ واري وٽ وقت ڪو نه هو ۽ هي جيڪو هر جنم ۾ وقت جي قيد کان آزاد رهيو آهي سو ان ڳالهه کي تاريخ جي انهن سمورين ڳالهين جي قبرستان ۾ دفنائي هليو ويو، جن ڳالهين جي قبرستان جي مُک دروازي تي سڀني مزارن لاءِ بس هڪڙي ئي تختي آويزان آهي ته ”ڳالهيون جيڪي چوڻ کان رهجي ويون“. ڪئين سال اڳ هن به اهڙي ئي عنوان سان هڪ ڪهاڻي لکي هئي ۽ پوءِ سوال اٿاريو هئائين ته تاريخ ۾ انهن ڳالهين جو شمار وڌيڪ آهي جيڪي اظهارجي چڪيون آهن يا انهن ڳالهين جو جيڪي اظهارجڻ کان رهجي ويون؟ ان سوال جو هر ڪنهن وٽ مختلف جواب ٿي سگهي ٿو ۽ عين ممڪن آهي ته هڪ وڏي اڪثريت اهڙي سوال کي مڪمل بي معنى قرار ڏيئي ان تي راءِ ڏيڻ به مناسب نه سمجهي پر هن جي لاءِ ته اهو زندگي جو سڀ کان وڏو اهم ترين سوال آهي،جنهن جي باري ۾ هن پاڻ اها راءِ ڏني هئي ته تاريخ ۾ انهن ڳالهين جو تعداد بهرحال گهڻو آهي جيڪي اظهارجي نه سگهيون ۽ سينن ۾ ئي دفن ٿي ويون.ان لاءِ جو ڪڏهن پرين گوشي گڏيا ئي ڪو نه، باقي جهان سان ته اهي هونئن ئي ڪرڻ جون نه هيون.
بس اڄڪلهه به هو هڪ اهڙي ئي دؤر مان گذري رهيو آهي، جنهن ۾ سندس ديس اندر هر طرف ڳالهيون ئي ڳالهيون آهن.هر ڪا ڌر پنهنجي پنهنجي ڳالهه کي سچائي قرار ڏيئي رهي آهي ۽ باقي سڄي جهان کي اجايو سمجهي ٿي. جڏهن ته سچ آهي ڇا؟ ان جو تعين ته انساني شعور جي سمورن شعبن جي هيتري ساري سفر کانپوءِ به مڪمل طور ڪو به طئي نه ڪري سگهيو آهي ته ”مڪمل سچ“ ڇاهي؟ ته پوءِ اهو ڏسي هي حيران ٿيندو ٿو رهي ته هن سماج جا گروهه ايڏي وڏي دعوى ڪيئن ٿا ڪن ته کين سڄي خبر آهي يا هو پاڻ ئي مڪمل سچ آهن؟
خير هر ڪنهن جي مرضي آهي. هن وٽ ته گهڻيون ڳالهيون آهن ئي ڪو نه. هن ته پنهنجي حياتي جي سمورن سالن ۾ فقط هڪڙي ڳالهه سمجهي آهي ته ”سنڌ سڄي خواب آهي“. ۽ جڏهن هن اهڙي ڳالهه جو شهر ۾ اظهار ڪيو هو ته شهر واسين کيس بيوقوف قرار ڏيئي مٿس ٺٺول ڪري چيو هو ”هن دؤر ۾ اڃا به ڪي پاڳل خوابن ۾ رهن ٿا“ ۽ ها اهو سچ آهي ته هن دؤر ۾ اڃا به هڪ پاڳلن جي تمام وڏي اڪثريت آهي جيڪا خوابن ۾ رهي ٿي.

روزانه عبرت تان ورتل