[JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا سمورا سنڌي دوستو ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي، ڪڏهن ڪڏهن ڪا شاعري دل کي ڀائي ويندي آهي،ٿوري دير پهرين سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه مونکي هڪڙو ايس ايم ايس ڪيو جنهن ۾ هن شاعري کي رومن سنڌي ۾ لکيو ويو، دوستومنهنجي رومن سنڌي تي دسترس بلڪل ڪونه آهي جيئن رومن سنڌي ۾ تحرير ٿيل هي شاعري پڙهندو ويس سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جي هي شاعر...ي مونکي چنڊ ستارن جيان ، ڌرتي ۽ آسمان جيان بلڪل سمجهه ۾ ايندي وئي ، سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه کان موبائل ڪال ذريعي ڊڄي ڊڄي سوال ڪيم ته سانئڻ اهڙا نڪور تخيل توهان کان ڪيئن ٿا سرجن، کلي چوڻ لڳي شاعر توکي خبر آهي ته مان شاعره آآهيان ، ۽ جڏهن ڏات جي ديوي همراز ٿيندي آهي ته پوءِ گُلابن جي مالا جيان ڪويتائون گُلن جي لڙين جيان پوئجنديون وينديون آهن ،، وري کانئس سوال ڪيم ته سانئڻ توهان پنهنجي شاعري ۾ غزل کان علاوه ٻه ڪجهه لکيو آهي ۽ توهان جا ڪيترا ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيل آهن کلي چوڻ لڳي چريا شاعر ان ۾ تنهنجو ڇا؟ خير اسان پنهنجي عظيم شاعره سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جي هي شاعري جي چترڪاري ڪري پنهنجي عظيم کان عظيم سنڌي قوم جي حوالي ٿا ڪريون مونکي اميد آهي ته سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جي هن شاعري کي به هميشهه جيان پنهنجي جي ءَ ۾ جايون ڏيندا[/JUSTIFY] بُڪ شيلف تي رکيل ڪتاب رُنو آهي ( زيب نظاماڻي)
جواب: بُڪ شيلف تي رکيل ڪتاب رُنو آهي (غزل) زيب نظاماڻي شاعر جي روح ۾ روئڻ جي موسم هوندي آهي ته کيس هر شئي روئيندي نظر ايندي آهي، ۽ جڏهن ان روئڻ واري منظر نگاري ڪندو آهي ته پڙهندڙن کي به پاڻ سان لوڙهي ويندو اهي، بلڪل جيئن ننڍڙي لاءِ تيز پاڻي اسانکي هڪ ڪناري کان ٻي ڪناري ڏانهن لوڙهي ويندو هو ...پاڻي جسم کي لوڙهيندو هو ۽ شاعر اسانجي روح کي لوڙهي ٿو ... محترمه جي جذبن سان تمٽار غزل ۽ نثار ناز جي پيشڪش ... ڇا ڳالهه آهي!!!