mohdesa
سينيئر رڪن
هو مسلسل سوچن ۾ رات کان وٺي پاسا ورائي رهي هئي، سوچيندي سوچيندي پرهه ٿيڻ واري هئي، اکين مان مينهن جيان لڙڪ وسي رهيا هيس، خواهشن ۽ ارمانن جو سمنڊ کڻي هن بي درد دنيا ۾ جي رهي هئي، ڏکن جي ماريل سوڀ اڪثر سوچن ۾ گم رهندي هئي، شايد ڄمندي ئي امڙ جيجل کيس ڏکن جي ستي پياري هئي، جڏهن سمجهه جيڏي ٿي ته پهريون قدم اسڪول ڏانهن کنيائين پر شايد کيس اها خبر نه هئي ته هي اسڪول ئي مستقبل ۾ هن لاءِ سزا، ڪنڊا ۽ ڪاوا بڻجندو، پر مستقبل اڄ تائين ڪنهن به ناهي ڏٺو، هو به هن ڳالهه کان بي فڪر ٿي هر روز اسڪول وڃڻ لڳي، محنت ڪر تون محنت ٻار، محنت سان ٿيندين نيٺ هوشيار، همت وارن جي آڏو جهڪي پوي ٿو نيٺ جبل، هوءَ به پنهنجي سندر آواز ۾ اهڙا بيت پڙهي محنت سان گڏ عمل به ڪندي هئي پر شايد لکئي جو ليک ڪجهه ٻيو هو، جنهن جي قسمت ڦٽل ان جا اوجاڳا ئي اجايا، هڪ ڏينهن پيءُ اهو طعنو ڏئي اندر جهوري وڌو هيس ته تون ڌيءَ جو ٻار پڙهي ڇا ڪندئين، اسان پڙهايون ته پٽن کي پڙهايون جيڪي اڳتي هلي ڪم به اچي سگهن، جيڪڏهن تون پڙهين به ٿي ته اهو به ڪهڙي ڪم جو، نه ڪا نوڪري ڪري سگهين نه گهر کان ٻاهر، نه ڪنهن ادارن ۾ ڪم ڪري سگهين، معاشرو اسان کي ڇا چوندو، اسان کي ڪهڙي نگاهه سان ڏسندو، ڌيءَ جو ٻار گهر کان ٻاهر ٿي پير پائي ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي، اهي پيءُ جا لفظ ڪنهن گولي جيان بار بار سندس سيني ۾ ٿي لڳا، ڌيءَ آهيان ته ڇا ٿي پيو، ڇا هن دنيا ۾ منهنجو ڪوبه حق نه آهي، نه پڙهڻ جو نه گهر کان باهر پير پائڻ جو، ڇا منهنجو اهڙو نصيب جو بس گهر جي چار ديوارن ۾ قيد ٿيان، اهڙي ڄمڻ کان نه ڄمان ها ته سٺو هو، ايترو ڏکيو وقت ته نه ڏسان ها، ڏکن ۽ دردن جي باغي ٿيل سوڀ ديوانن جيان کٽ تي روئي رهي هئي، پنهنجي قسمت کي ڏک ڏوراپا ڏئي رهي هئي، اچانڪ سندس طبيعت خراب محسوس ٿيس، اوپري رڙ ڪيائين، سندس امڙ جيڪا سجاڳ مس ٿي هئي سا ڊڪندي آئي سوڀ... سوڀ ڪري رڙيون ڪندي رهي ، سوڀ پوري طرح بيهوش ٿي وئي ۽ فوري طور ان کي اسپتال کڻائي ويا پر ساهه جو پکي اڏامي وڃي حقيقي مالڪ سان مليو، ڊاڪٽرن صرف ايترو چيو ته هن کي دل جو دورو پيو آهي ۽ هن کي ڪو شديد صدمو پهتو آهي ۽ هو ڏکن جي ماريل خواهشون ڪندي ڪندي آخر هي جهان ئي ڇڏي وئي (.شهناز لغاري)