• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ يونيورسٽيءَ پاران آل پارٽيز ڪانفرنس

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
سنڌ يونيورسٽيءَ‌ ۾ امن و امان جي بگڙيل حالتن کي سڌارڻ جي لاءِ وائيس چانسلر جي اڳواڻي ۾ هڪ آل پارٽي ڪانفرنس گهرائي وئي آهي جنهن ۾ سڀني سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ زندگيءَ‌جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي سڏ ڏنو ويو آهي۔۔۔۔

205037_180291385351984_164858490228607_416809_5421181_n.jpg
 
جواب: سنڌ يونيورسٽيءَ پاران آل پارٽيز ڪانفرنس

ادا اسان جي دعا آهي الله کان ته سنڌ يونيورسٽئ سميت سڄي سنڌ ۾ امن وامان قائم ٿئي
 
جواب: سنڌ يونيورسٽيءَ پاران آل پارٽيز ڪانفرنس

اسان سٺي اميد جو رکيو ويٺا آهيون

شال سنڌ جي سياسي پارٽين ۾ ڪي شعور رکندڙ دوست هجن ۽ هن ڪانفرنس ۾ ڪا مثبت سوچ آڻي تعليمي انقلاب لاء پنهنجون انائون قربان ڪن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سنڌ يونيورسٽيءَ پاران آل پارٽيز ڪانفرنس

اسين سنڌ سلامت جي هن اڱڻ پاران سنڌ جي سڀني سڄڻن کي هٿ ادب جا ٻڌي گذارش ڪنداسون ته هو سنڌ جي تعليم جو خيال ڪندي، تعليم جيڪا روشني آهي، تعليم جيڪا جاڳرتا آهي، تعليم جيڪا سگهه آهي، تعليم جيڪا خوشحالي آهي، ان کي سنڌ جي ادارن ۾ جيئارڻ لاءِ پنهنجون پرخلوص خدمتون سر انجام ڏيندا ۔۔۔ ٻي صورت ۾ اسين سنڌي اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب ٿينداسون ته سنڌ جو تنظيمون ئي سنڌ جون دشمن آهيون ۽ سنڌ جي تباهيءَ جو اصل ڪارڻ ۔۔۔

اسين زور ڏيندي سنڌ سڄڻن کي هٿ ٻڌنداسون، پٽڪا لاهي پيرن تي رکڻ جي جرآت به ڪنداسون ته سنڌ جي تعليم تباهه نه ڪئي وڃي ۽ سنڌين مان شعور جا ڏيئا گل نه ڪيا وڃن ۔۔۔

رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌ يونيورسٽيءَ پاران آل پارٽيز ڪانفرنس

اسين سنڌ سلامت جي هن اڱڻ پاران سنڌ جي سڀني سڄڻن کي هٿ ادب جا ٻڌي گذارش ڪنداسون ته هو سنڌ جي تعليم جو خيال ڪندي، تعليم جيڪا روشني آهي، تعليم جيڪا جاڳرتا آهي، تعليم جيڪا سگهه آهي، تعليم جيڪا خوشحالي آهي، ان کي سنڌ جي ادارن ۾ جيئارڻ لاءِ پنهنجون پرخلوص خدمتون سر انجام ڏيندا ۔۔۔ ٻي صورت ۾ اسين سنڌي اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب ٿينداسون ته سنڌ جو تنظيمون ئي سنڌ جون دشمن آهيون ۽ سنڌ جي تباهيءَ جو اصل ڪارڻ ۔۔۔اسين زور ڏيندي سنڌ سڄڻن کي هٿ ٻڌنداسون، پٽڪا لاهي پيرن تي رکڻ جي جرآت به ڪنداسون ته سنڌ جي تعليم تباهه نه ڪئي وڃي ۽ سنڌين مان شعور جا ڏيئا گل نه ڪيا وڃن ۔۔۔رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا ابڙا صاحب پنهنجي به اهيائي درخواست آهي ته ٻيلي سنڌ جا سڄڻ ٿيو، دشمن نه ٿيو، سنڌ هون ئي ڪافي دشمنن کي منهن ڏئي رهي آهي، هاڻ ڇڏيو پنهنجن مفادن کي هڪ ئي مفاد ذهن ۾ رکو اهو آهي سنڌ ۽ سنڌي قوم جو فائدو، اسان جو دشمن ته اهيوئي ٿو چاهي ته سنڌي ماڻهن مان علم جو ڏيئو کسي وٺون، ۽ انهيء قوم کي هميشه اوندهه ۾ رکون۔سنڌ ۾ تعليم جو حال اڳيئي پورو سارو مٿان وري شاگردن جا هي گھڻگھرا لٺيون ڏنڊا کنيو يونيورسٽي بند ڪرايو ويٺا آهن! نه پاڻ پڙهن نه ٻين کي پڙهڻ ڏين
سنڌي شاگرد تنظيمن ۾ هي جهيڙا آخر ڪيستائين؟​

نازيا قريشي
هي انهن خوابن جي ڳالهه آهي جيڪي شاهه لطيف، شهيد شاهه عنايت، شهيد مخدوم بلاول سميت اڻ ڳڻيل انهن گمنام شهيدن جا خواب هئا، جن سنڌ ۽ سڄي دنيا لاءِ پر امن، خوشحال، مهذب ۽ غريب مسڪين ۽ مظلوم کي آجپي ڏيارڻ جون تعبيرون سمايل هيون، انهي جا خواب سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي آجپي لاءِ هئا، انهن خوابن جون تعبيرون نئون نسل پنهنجين جهولين ۾ کڻي اچي ها پر ڇا ڪجي جو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اهو خواب سنڌ يونيورسٽي ۾ قيد ٿي ويا آهن، انهن خوابن جي چوڌاري خوف، دهشت، دٻاءُ ۽ بي پناهه بائيڪاٽن جا پهرا ويهاريا ويا آهن. چوويهه ڪلاڪ سنڌ ۽ سنڌين تان سِر گهورڻ جون دعوائون ڪندڙ ڪجهه تنظيمون انهن بائيڪاٽن جون ڀرجهلو بڻيون بيٺيون آهن، جيڪڏهن منهنجي اها ڳالهه غلط آهي ته پوءِ اهي سڀئي تنظيمون، آئون ڪنهن جو نالو نه ٿي کڻان، جن جون شاگرد ونگز سنڌ يونيورسٽي ۾ موجود آهن، اهي بائيڪاٽن جي موسم ختم ڇو ناهن ڪرائي سگهيون، سنڌ يونيورسٽي ته هر طرف کان مصيبت ۾ آهي، جيڪڏهن شاگرد تنظيمون ڪجهه ٿڌيون ٿيون ٿين ته استادن جون تنظيمون بائيڪاٽ ٿيون ڪرائين ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا وري پوئتي ڇو رهي، ان به ڄڻ اهو طئه ڪري ڇڏيو آهي ته شاگردن ۽ استادن جا بنيادي مسئلا نه حل ڪرڻا آهن نه جائز مطالبا بنا احتجاجن جي قبول ڪرڻا آهن، وچ ۾ ڀوڳي ٿو سنڌ جو نئون نسل جيڪو شاهه لطيف، شهيد شاهه عنايت ۽ شهيد مخدوم بلاول جا خواب هئا.هي درد بيان اڄ رڳو مان ڪري رهي آهيان جو اهو درد سنڌ يونيورسٽي جي سڀني شاگردياڻين ۽ شاگردن جو آهي، هر نئون سال نيون اميدون ۽ آسرا کڻي ايندو آهي، نئين سال جون مبارڪون ورهايون وينديون آهن پر هي نئون سال 2011ع سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ پاڻ سان بائيڪاٽ کنيو آيو آهي، ٿيڻ ته ايئن گهريو هو ته نئين سال ۾ بهتر تعليم لاءِ شاگرد تنظيمون استاد ۽ انتظاميا ۽ خود شاگرد ۽ شاگردياڻيون نئون وچن ڪن ها ته هي سال سنڌ يونيورستي جي لاءِ بهتر سال ثابت ٿيندو پر ٿيو ان جي ابتڙ.جنوري جي هڪ مهيني ۾ ئي 5 کان 6 دفعا ڪلاسن جو بائيڪاٽ ٿي چڪو آهي ۽ اهو سلسلو فيبروري ۾ به جاري آهي، گذريل سال 2010ع جي آخري ٻن مهينن نومبر ۽ ڊسمبر جو جائزو وٺبو ته جيڪي پيپر نومبر کان شروع ٿي ڊسمبر جي شروع ۾ ختم ٿيڻا هئا اهي ڊسمبر جي آخر تائين هليا، گهڻائي پيپر ڪينسل ٿي وري ٻي تاريخ تي ٿيا، جنهن ۾ 12 نومبر تي ٿيڻ وارو پيپر ڪينسل ٿي 3 ڊسمبر تي رکيو ويو، جيڪو بائيڪاٽ جي ڪري وري 8 ڊسمبر تي ورتو ويو، ايئن ئي ٿرڊ ايئر وارن جا زباني امتحان به جنهن تاريخ تي ٿيڻا هئا اهي ڪينسل ٿي وري محرم کان پوءِ ٿيا، انهن بائيڪاٽن سبب سموري يونيورسٽي جو تعليمي ماحول ڊانوانڊول ٿي ويو، هاسٽل ۾ رهندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڌيڪ عذاب جو شڪار آهن. شاگرد تنظيمون چون ٿيون ته اهي بائيڪاٽ ڪرڻ جي حمايت ۾ نه آهن، مسئلا ڳالهين وسيلي حل نه ٿا ٿين ته پوءِ بائيڪاٽ کان سواءِ ٻي ڪا واهه ناهي. هنن جو چوڻ هو ته امتحانن هلندي پرچن جي بائيڪاٽ جو مقصد يونيورسٽيءَ ۾ فيسز جو وڌڻ هو، جيڪو غريب خاص ڪري ٻوڏ متاثر شاگردن جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ جو سبب بڻجي ويو آهي، سڀ کان اهم مسئلو ميرٽ تي سيٽن جي ورهاست نه ٿيڻ جو هو. هي جواز هئا نومبر ۽ ڊسمبر جي بائيڪاٽن جا. نئين سال جي شروع ۾ جيڪو بائيڪاٽن جو سلسلو شروع ٿيو آهي، ان جو ڪو خاص سبب نه هو، معمولي معمولي ڳالهين تي ڪلاس بند ڪرائي ڇڏڻ، يونيورسٽي جي مختلف ڊپارٽمينٽس جي ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين کي زبردستي ڪلاسن کان ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ، وطن دوستي ۽ سنڌ دوستي جو واحد مثال آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ ئي ڏسڻ لاءِ ملي ٿو، نه ته ورهين کان بيروت، فلسطين جي ٻين علائقن ۾ بنا ڪنهن ساهيءَ جي جنگ جي صورت حال رهي آهي اتي جي يونيورسٽين ۾ جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي جهڙي صورت حال هجي ته فلسطين تباهه ٿي وڃي ها پر جنگ دوران به تعليم جي جاري رهڻ فلسطين کي تباهيءَ کان بچائي ورتو. ايران-عراق جنگ اٽڪل هڪ ڏهاڪي تائين جاري رهي، ٻنهي ملڪن جا لکين ماڻهو مري ويا پر سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪم ڪندڙ تنظيمون اهو ٻڌائي سگهنديون ته تهران ۽ بغداد جون يونيورسٽيون گهڻا ڏينهن بند رهيون؟ جيڪڏهن ايران ۽ عراق جون يونيورسٽيون اٺ ڏهن سالن ۾ بند هجن ها ته ٻنهي ملڪن ۾ جاهلن، اڻ پڙهيل نوجوانن جي فوج هجي ها، جنگ دوران به تعليم جو جاري رهڻ قومن کي تباهيءَ کان بچائي وٺندو آهي، ٻين مثالن کي ڇڏيو ڪراچي يونيورسٽيءَ جو مثال ٿا وٺون، ڪراچي ۾ روز قتل عام جاري آهي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سڀئي ٻوليون ڳالهائيندڙ شاگرد ۽ سياسي پارٽين جون شاگرد تنظيمون موجود آهن. ڪراچي يونيورسٽي ۾ گهڻا دفعا ڪلاسن جو بائيڪاٽ ٿئي ٿو؟ ڇا ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سان مسئلا نه آهن؟ پر ڇا ان جو حل پنهنجي تعليم برباد ڪرڻ ۾ آهي؟ جيئن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿئي ٿو.آئون ايئن نه ٿي چوان ته ڪا سياست خراب آهي، ان جو نه هجڻ گهرجي، اسان سمجهون ٿا ته مثبت ۽ تعميري عوام ۽ وطن دوست سياست ۾ ئي سنڌ جي مسئلن جو حل آهي، اهڙي سياست جي مخالفت آمريت پسند ذهن ۽ سوچ ئي ڪري سگهي ٿي پر منفي سياست ۽ سنڌ جي نالي تي سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪرڻ نه وطن دوستي آهي ۽ نه سنڌ دوستي آهي، سنڌ جيڪا هينئر هر طرف کان دشمنين ۽ تمام خطرناڪ مسئلن جي گهيري ۾ آهي، ان مان بهتر ۽ مستقل تعليم ئي نجات ڏياري سگهي ٿي. شاگرد تنظيمون هجن يا استادن جون تنظيمون، توڙي انتظاميا جي هوڏ، سنڌ يونيورسٽي جي نالي ۾ زهر جون پڙيون نه هلڻ گهرجن، تعليم دشمني سنڌ جي توهين آهي، جيڪا ڊگهي عرصي کان جاري آهي.والدين پنهنجي نياڻين کي سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلين ٿا، انهن وٽ ۽ تعليم پرائڻ لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ ايندڙ نياڻين جي ذهنن ۾ بهتر مستقبل جا خواب آهن، جن کي هر روز ٽوڙيو وڃي ٿو ۽ اهو ئي خواب سنڌ لاءِ شهيد ٿيندڙ شهيد مخدوم بلاول، شهيد شاهه عنايت ۽ لا تعداد شهيدن جا آهن، اهي خواب لطيف سائين جا آهن، شهيدن جي خوابن سان غداري ڪرڻ، سنڌ ۽ وطن دوستي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟؟؟
 
جواب: سنڌ يونيورسٽيءَ پاران آل پارٽيز ڪانفرنس

محترم دوست ممتاز اوهانجون ڳالهيون اکين تي ۽ اوهانجو ونڊ به سهڻو پر اڄ سنڌ يونيورسٽي ۾ مٿي ڄاڻايل گڏجاڻي ٿي چڪي هوندي ۔۔۔ ڇا ڪو سٺو فيصلو ٿيو ۽ سنڌين جي تعليم تان ڪجهه ڪارا ڪڪر ختم ٿيا يا نه۔۔۔ اهو حوال ضرور لکجو ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا
 
جواب: سنڌ يونيورسٽيءَ پاران آل پارٽيز ڪانفرنس

محترم اياز لطيف پليجي جي تقرير جو ڪجهه حصو هٿ ٿيو آهي۔۔۔۔

[video=facebook;212112488817627]http://www.facebook.com/video/video.php?v=212112488817627[/video]​
 
جواب: سنڌ يونيورسٽيءَ پاران آل پارٽيز ڪانفرنس

عوامي تحريڪ جي دوستن کي سلام آهي، جو هو ڪوشش ڪري پنهنجي قائد جي هر هنڌ ڪيل تقرير کي فلمائي انٽرنيٽ تي ضرور ونڊيندا آهن۔
 
Back
Top