عبدالحڪيم راڄڙ
سينيئر رڪن
استاد بخاري جي شاعري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
ادا توهان جي ڳالهه سو سيڪڙو درست آهي ته اهيا شاعري استاد بخاري صاحب جي نه پر احمد خان مدهوش صاحب جي آهي، عوامي شاعر احمد خان مدهوش 5 اپريل 1931ع ۾ هڪ بيل گاڏيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد حاجي فقير شغلي سندس جنم تي شاعري ڪئي هئي. احمد خان مدهوش، سنڌي ۽ سرائڪي زبان ۾ شاعري ڪئي. سندس 2 ڪتاب ”نظر ۾ نظر بند“ ۽ ”دل جون ڳالهيون“ ڇپجي پڌرا ٿيا. کيس عوامي شاعري سبب شاهه عبدالطيف ڀٽائي ، حضرت قلندر لال شهباز، حضرت سچل سرمست، سگهڙ جلال کٽي، حضرت شهيد مخدوم بلاول، استاد بخاري سميت 25 ايوارڊن سان نوازيو ويو سندس شاعري ممتاز لاشاري صاحب پڻ تمام سهڻي انداز ۾ ڳائي آهي۔احمد خان مدهوش کي مون پهريون دفعو دادو شهر ۾ جناب استاد بخاري جي ورسي تي ڏٺو، احمد خان مدهوش صاحب هڪ نهٺو، ۽ سٻاجهڙو شاعر ۽ انسان هو، سندس شاعري ۽ شخصيت ۾ هڪ عجيب سادگي سمايل هئي۔ احمد خان مدهوش صاحب جي شاعري کي سنڌ جي ڪافي فنڪارن ڳايو آهي، پر سندس شاعري مان هي ڪلام تمام گهڻو مشهور ٿيو، ( مدهوش جي مري وڃي ته هوش کي سنڀالجو مان پکي آ پيار جو، پيار جي اظهار جو، ) جنهن کي جناب ممتاز لاشاري صاحب ڳايو آهي، دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين۔ادا حڪيم هي شاعري استاد بخاريء جي نه پر مرحوم احمد خان مدهوش جي آهي جيڪو سندس آخري مصري مان واضح آهي :اکين تي نه مدهوش الزام ڌر تون اکين کي به دل جي سفارش ٿي ماري اميد ته اوهان تصحيح ڪندا
ادا توهان جي ڳالهه سو سيڪڙو درست آهي ته اهيا شاعري استاد بخاري صاحب جي نه پر احمد خان مدهوش صاحب جي آهي، عوامي شاعر احمد خان مدهوش 5 اپريل 1931ع ۾ هڪ بيل گاڏيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد حاجي فقير شغلي سندس جنم تي شاعري ڪئي هئي. احمد خان مدهوش، سنڌي ۽ سرائڪي زبان ۾ شاعري ڪئي. سندس 2 ڪتاب ”نظر ۾ نظر بند“ ۽ ”دل جون ڳالهيون“ ڇپجي پڌرا ٿيا. کيس عوامي شاعري سبب شاهه عبدالطيف ڀٽائي ، حضرت قلندر لال شهباز، حضرت سچل سرمست، سگهڙ جلال کٽي، حضرت شهيد مخدوم بلاول، استاد بخاري سميت 25 ايوارڊن سان نوازيو ويو سندس شاعري ممتاز لاشاري صاحب پڻ تمام سهڻي انداز ۾ ڳائي آهي۔احمد خان مدهوش کي مون پهريون دفعو دادو شهر ۾ جناب استاد بخاري جي ورسي تي ڏٺو، احمد خان مدهوش صاحب هڪ نهٺو، ۽ سٻاجهڙو شاعر ۽ انسان هو، سندس شاعري ۽ شخصيت ۾ هڪ عجيب سادگي سمايل هئي۔ احمد خان مدهوش صاحب جي شاعري کي سنڌ جي ڪافي فنڪارن ڳايو آهي، پر سندس شاعري مان هي ڪلام تمام گهڻو مشهور ٿيو، ( مدهوش جي مري وڃي ته هوش کي سنڀالجو مان پکي آ پيار جو، پيار جي اظهار جو، ) جنهن کي جناب ممتاز لاشاري صاحب ڳايو آهي، دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين۔
http://www.youtube.com/watch?v=C7ho1waSZYA
http://www.youtube.com/watch?v=A7SpCj8JU9E&feature=related