• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حُبِ دنيا جو نتيجو

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
حُبِ دنيا جو نتيجو ]



جهڙو سمجهياؤن اهڙو نه هيس آءُ اهو آءُ ئي ڄاڻان
جيڪي ڪاڻ جهان جي بدليم ڀيس سي سڀ سڃاڻان
ڏاڏل دنيا سمجهيو جن کي سياڻا سي اياڻا اصل کان

سي اياڻا اصل کان ها ادا ميرو جن جو مَنُ
پَٽُ پهري ريشمي تندُن سان ڍڪياؤن تن
هُمَ فيها خٰالِدُون اڄ ٿا ٽانڊن تي ٽهڪن
ميڙياؤن مال متن سو ڪم آين ڪي نه ڪي

سو ڪم آين ڪي نه ڪي ميڙياؤن جيڪو مال
نڪي حلال نه ڪي حرام جو رکياؤن ڪو خيال
عمر ائين گذارياؤن ڄڻ موت هنن لاء هئي محال
دنيا هلي اهڙي چال جو بيوه بنگلي مان ڪڍيو

بيوه بنگلي مان ڪڍيو ته پُٽن ٿي پوريو
ڏار ڏريون بند ٿيا ته اُت ناگن ٿي گهُوريو
ڪي پُڇڻ لاءِ پهتا ته ڪن چَهُبُڪ ٿي چوريو
ڏاڏل اهي احوال نه اوريو ته قبر ۾ ڪهرا قهر ٿيا​
 
Back
Top