• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

توهان جي يو ايس بي جو نالو ڪير به مٽائي نه ٿو سگهي سواءِ توهان جي

عامرضياء چارڻ

ٻانهن ٻيلي
انتظامي رڪن
سيڪورٽي انچارج
اسلام عليڪم پيارا سنڌي دوستو
اميد ڪريان ٿو ته توهان سڀ دوست خيريت سان هوندا
دوستو اڄ جيڪي مان توهان سان ٽپ شيئر ڪري رهيو آهيان اِن جي مدد سان توهان پنهنجي USB جو نالو Lable رکي سگهو ٿا ۽ اُن کي ڪير به مٽائي نه ٿو سگهي سواءِ توهان جي۔
ته سڀ کان پهريان Notepad کي کوليو ۽ هي ٻه لائينس ٽائيپ ڪريو
[autorun]
label = "نالو جيڪو توهان رکڻ چاهيو"​
هاڻي توهان اِن فائل کي پنهنجي USB جي Root Direcotry ۾ Autorun.inf جي نالي سان save ڪريو ۽ هاني توهان ان فائل کي Hide ڪري ڇڏيو،
بس هاڻي توهان جي USB جو نالو ڪير به نٿو مٽائي سگهي۔

نوٽ: - دوستو مان جيڪو مٿيون ڪوڊ توهان کي ٻڌايو آهي اهو صحيح ظاهر نه پيو ٿئي، اِن لاءِ مان اها فائل هن موضوع سان گڏ ڳنڍي آهي۔ اِن فائل کي توهان کولي پنهنجو Lable ڏئي ۽ Autorun.inf جي نالي سان پنهنجي USB ۾ save ڪريو

دعا ۾ ياد
sindhsalamatsaathsal
 
السلام عليڪم ادا عامر ضياءُ چارڻ
ادا توهان جي اها ٽپ تمام بهترين آهي ۽ تمام ڪم واري ٽپ آهي
تمام بهترين ويل ڊن ادا عامر
 
السلام عليڪم دوستو

سنڌ سلامت جا دوستو جيئن ته ادا عامر اهو ٻڌائي چڪو آهي ته يو ايس بي ۾ توهان پنهنجو نالو لکي سگهو ٿا پر ان ۾ مان صرف اوهان کي ايترو اڃا وڌيڪ ٻڌائيندس ته توهان ان ۾ پنهنجو ڪو به پسنديده آئيڪان به هڻي سگهون ٿا ۽ پنهنجو موبائيل نمبر به ڏئي سگهو ٿا اهو ڪهڙي نموني سان ٿئي سگهي ٿو اچو ته توهان کي ان بابت ٻڌائيندو هلان .
(نوٽ) مان هي وضاحت ادا عامر ضياءُ چارڻ جي ئي ٿريڊ ۾ پيو ڪيان ان لا۽ مان ادا کان ايڊوانس ۾ معزرت گهران ٿو مان ان لا۽ الڳ به ٿريڊ اسٽآرٽ پئي ڪري سگهيس پر جيئن ته ادا عامر هي ٿريڊ شروع ڪري چڪو آهي ۽ بس ان ۾ ٿورو وڌيڪ ٻڌائڻو هيو ان لا۽ ريليٽيڊ قسم به ٻه ٻه ٿريڊ مزو نه ڪن ها ان لا۽ هتي ئي وضاحت ضروري سمجهيم )

سڀ کان پهريائين ته نوٽ پيڊ کولي ڪري ان ۾ هيٺين طرح سان لکو توهان صرف پنهنجو آئيڪان جو نالو ۽ موبائيل نمبر پنهنجو لکندو.
ڏسو هي اسڪرين شاٽ

89959577.jpg

اهي سڀ شيون لکي ڪري ان کي يو ايس بي ۾ سيو ڪريو autorun.inf جي نالي سان ۽ ان سان گڏ گڏ جنهن آئيڪان جو توهان نالو ڏنو آهي ان کي به يو ايس بي ۾ ڪاپي ڪري رکو .
ڏسو هي تصوير

29661019.jpg

پو۽ انهن کي هائيڊ ڪري ڇڏيو .
هائيڊ ڪرڻ کان پو۽ توهان هڪ دفعو يو ايس بي ڪڍي ڪري ٻيهر لڳايو ته توهان جو نالو ۽ موبائيل نمبر توهان جي سامهون هوندو .

ڏسو هي اسڪرين شاٽ

87249965.jpg

اڃا به جيڪڏهن ڪو سوال پڇڻو هجي ته ڪري سگهجي ٿوsuhnan saan

sindhsalamatsaathsal
 
زبردست ادا فقير صاحب،
تمام گهڻي خوشي ٿي توهان جي هئ وضاحؓت پڙهي۔

مهرباني ادا عامر توهان جهڙي معتبر شخصيت مون فقير لا۽ اهڙا لفظ چيا
مان سمجهان ٿو ته مون لا۽ اهي لفظ ڪنهن سرٽيفڪيٽ کان گهٽ ناهن .
پسند ڪرڻ لا۽ وڏي مهرباني ادا shal judy hujeen

ڇا توهان وٽ ايترا سرٽيفڪيٽ آهن ؟ asul matt
 
ڳالهه ته واضح طريقي سان سمجهائي اٿو پر جي علي علي کي خبر پئي نه ته اها آٽو رن واري فائيل لڪيل فائلز شو ڪري مٽائڻ ۾ دير ئي نه ڪندو ۽ يو ايس بي تان منهنجو نالو ۽ سنڌ سلامت آئڪان مٽڻ ۾ دير نه ڪندو۔۔۔۔ ادا ٿي سگهي ته ڪو ٻيو حل به ٻڌايو۔۔۔۔
 
علي علي کي سمجهائينداسين ته هو ان فائيل کي نه ڊليٽ ڪندو پر ادا اٿئي ٻروچ hall chari وري به ٿورو خيال ڪجا۽ shal judy hujeen
باقي ٻيو رستو ناهي ادا suhnan saan

sindhsalamatsaathsal
 
اسلام عليڪم پيارا سنڌي دوستو
اميد ڪريان ٿو ته توهان سڀ دوست خيريت سان هوندا
دوستو اڄ جيڪي مان توهان سان ٽپ شيئر ڪري رهيو آهيان اِن جي مدد سان توهان پنهنجي USB جو نالو Lable رکي سگهو ٿا ۽ اُن کي ڪير به مٽائي نه ٿو سگهي سواءِ توهان جي۔
ته سڀ کان پهريان Notepad کي کوليو ۽ هي ٻه لائينس ٽائيپ ڪريو
[autorun]
label = "نالو جيڪو توهان رکڻ چاهيو"​
هاڻي توهان اِن فائل کي پنهنجي USB جي Root Direcotry ۾ Autorun.inf جي نالي سان save ڪريو ۽ هاني توهان ان فائل کي Hide ڪري ڇڏيو،
بس هاڻي توهان جي USB جو نالو ڪير به نٿو مٽائي سگهي۔

نوٽ: - دوستو مان جيڪو مٿيون ڪوڊ توهان کي ٻڌايو آهي اهو صحيح ظاهر نه پيو ٿئي، اِن لاءِ مان اها فائل هن موضوع سان گڏ ڳنڍي آهي۔ اِن فائل کي توهان کولي پنهنجو Lable ڏئي ۽ Autorun.inf جي نالي سان پنهنجي USB ۾ save ڪريو

دعا ۾ ياد
sindhsalamatsaathsal

عامر توهان تمام سٺي شيءرنگ ڪءي آهي
 
جواب: توهان جي يو ايس بي جو نالو ڪير به مٽائي نه ٿو سگهي سواءِ توهان جي

ادا ڳاله ت ڪم جي ڪئ اٿو وڌيڪ تجربو ڪري ڏسون
 
جواب: توهان جي يو ايس بي جو نالو ڪير به مٽائي نه ٿو سگهي سواءِ توهان جي

تمام سٺي ٽپ پيش ڪئي آهي
مهرباني ادا عامر
 
جواب: توهان جي يو ايس بي جو نالو ڪير به مٽائي نه ٿو سگهي سواءِ توهان جي

بهترين سمجهاڻي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام ڪارائتي ونڊ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شيئر ڪرڻ جي مهرباني
 
Back
Top