• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روح جو رشتو

جاويد نواز

سينيئر رڪن
غزل
توسان روح جو رشتو ڪهڙو
نظر ڪندين ٻيو تحفو ڪهڙو

اک ۾ ڪوڪا دل۾ ڪاتيون
درد ٻيو ڏيندين اوکو ڪهڙو

هيسيل ڦٿڪيل چچريل ماريل
ماريندين ٻيو اهنجو ڪهڙو

سونهن جي آڙ ۾ دل ٿو ٽوڙين
تنهنجو آهي طريقو ڪهڙو

جنهن لمحي تو دل نه ڏکائي
سو ڪئين وسري لمحو ڪهڙو

دل من جو آن تون ئي مالڪ
توکي ڏيان ٻيو درجو ڪهڙو

وڃڻي هُئي شئي وئي هلي سا
تنهنجي پويان پٽڪو ڪهڙو

جاويد ئي مارڻ ٿئي سهنجو
ماريندين ٻيو سهنجو ڪهڙو

جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
 
جواب: روح جو رشتو

وڃڻي هُئي شئي وئي هلي سا
تنهنجي پويان پٽڪو ڪهڙو

مان سمجهان ٿو هي شعر ڪجهه هيئن هجڻ کپي ها ۔۔۔۔

وڃڻي هُئي شئي وئي هلي سا
تنهن جي پويان پٽڪو ڪهڙو

تنهن ۽ جي کي الڳ الڳ لکڻ کپي ۔۔۔۔۔۔۔۔ مان ڪو شاعر ناهيان پر لفظن جي ترتيب ايئن پئي سمجهائي۔ باقي اسان جي سرپرست اعلى کي ته فيس بوڪ تان وقت ملندو ته سنڌ سلامت جي نوجوان شاعرن جي ڪا رهنمائي ڪري سگهندا۔

اوهان جا خيال تمام سهڻا ۽ دل کي وڻندڙ آهن جيڪڏهن ڪو دوست جيئن عاشق سولنگي يا سليمان وساڻ هن کي سهڻي ڊزائن ٺاهن ته واهه واهه ٿي ويندي ۽ اوهان نوجوانن جي همت افزائي پڻ
 
جواب: روح جو رشتو

ادا غلام مرتضى اوهانجي ڳالهه بلڪل سصي هاڻي ته سربرست اعلى اسان جي شاعري تي غور ئي نه ٿو ڪري سچ بڇو ته دل ئي لکڻ لا ڪون ٿي چوي پر ادا ڇا ڪيون اوهان جهڙن مهربانن جي ڪرم نوازش جو مڙئي اسان کي مائناتي موٽ ڏيو ٿا ۽ ٻيو ادا سليمان وساڻ جا لک قرب آهن جو منهنجي شاعري کي پڙهي ڪري ريپلا ڪندو آهي باقي ته فيسس بوڪ تي هر ڪو هر ڪنهنجو يار لڳو ويٺو آهي جيڪو جنهنجو سڃآتل ته ريپلا ٺڪ نه واجهائي ويٺو۔
 
جواب: روح جو رشتو

ادا جاويد نواز دل نه لاهيو اگر سرپرست اعلي غور نٿو ڪري ته ٻيا کوڙ مهربان مانائتي موٽ
ڏيڻ لاءِ انتظار ۾ هوندا اهن ادا اوهان کي جس هجي ان خيالن تي
 
Back
Top