TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
سيمبيان جي 5 ۽ جي 3 موبائلن کي فارميٽ ڪرڻ جو طريقو
خاص سنڌ سلامت لاءِ عربيءَ مان ٽرانسليٽ ڪندڙ: طاهر سنڌي.
سڀ کان پهرين سنڌ سلامت کي پنهنجي ساري ٽيم عهديدارن ۽ رڪنن سميت سالگره مبارڪ
نوٽ: ڪنٽيڪٽ نالن جو ميموري ڪارڊ يا سِم ۾ بيڪپ ڪرڻ نه وساريندا
پهرين: جي 5
نوٽ:
موبائل بند ڪري هي بٽڻ دٻايو: ڳاڙهو بٽڻ + سائو بٽڻ + ڪيمرا جو بٽڻ + آن آف وارو بٽڻ.
ان کان پوءِ اوهان هڪ سخت وائبريشن محسوس ڪندا جنهن جو مطلب آهي ته ڪم مڪمل ٿي ويو ۽ فارميٽنگ ٿي وئي.
نوڪيا 5800 جي 5 جي فارميٽنگ
نوڪيا اين 97 جي فارميٽنگ جي 5
تصوير ۾ جيئن واضح ٿيل آهي هنن بٽڻن کي گڏي دٻائڻو آهي ( کاٻي پاسي وارو شفٽ بٽڻ + اسپيس جو بٽڻ + ڪلين يا ايريز Backspace وارو بٽڻ پوءِ آن آف واري بٽڻ کي دٻائڻ.
ٻيو: هي طريقو نوڪيا جي 2 ۽ جي 3 جي موبائلن جي فارميٽنگ جو آهي
هنن موبائلن جي فارميٽنگ تمام سولي آهي
• بيٽري، ميموري ڪارڊ ۽ سِم موبائل مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
• بيٽري موبائل ۾ وجهي هنن بٽڻن کي دٻايو: ( بٽڻ نمبر 3 + اسٽار بٽڻ+ سائو بٽڻ + آن آف بٽڻ).
• ڌيان رهي اهي 4 ئي شيون گڏي ڪريون آهن جيسين اوهان هي اکر نه ڏسو Formatting
وڌيڪ وضاحت لاءِ هي تصوير ڏسو
ميموري ڪارڊ فارميٽ ڪرڻ جو طريقو
وضاحت لاءِ هي تصوير ڏسو
ايڪسٽريس ۾ وڃي ميموري ڪارڊ ۾ اتي آپشن مان فارميٽ ميموري ڪارڊ سليڪٽ ڪريو، پوءِ انتظار ڪريو جيسين فارميٽ ٿي وڃي، وچ ۾ ڪينسل نه ڪجي.
ٻيو طريقو:
کاٻي کان ساڄي هي نمبر ملايو #7370#* پوءِ اوڪي تي بٽڻ دٻايو اوهان کان سڪيورٽي ڪوڊ گهرندو يا موبائل جو لوڪ ڪوڊ اتي 12345 لڳايو ۽ اوڪي ڪريو، پر جي اوهان ڪو پاڻ ڪوڊ ڏنو هجي ته پوءِ ڪوڊ ڏيڻو پوندو.
ٽيون طريقو:
صرف جي 2 موبائلن لاءِ سسٽم ٽول System tool ذريعي
نوٽ: جيسين ڪم مڪمل نه ٿئي تيسين موبائل کي هٿ به نه لايو.
7650 يا 3650 فارميٽ ڪرڻ لاءِ هي ضروري پڙهو:
تاڪِ اوهان جي موبائل جو سافٽ ويئر ضايع نه ٿئي ۽ توهان کي ڪمپني يا ايجنٽ ڏانهن وڃِي ٻيا پيسا نه ڀرڻا پون ان ڪري:
ڪجهه ماڻهن وٽ کاٻي کان ساڄي هي #7370#* ڪم مشهور آهي
خطرو ان ڳالهه ۾ هوندو آهي ته اوهان فارميٽنگ جي دوران بيٽري ڪڍي ڇڏي يا ڪم کي اڌ ۾ روڪي ڇڏيو، بلڪِ موبائل جو انتظار ڪرڻ گهرجي جيسين هو پاڻ وري پنهنجو سافٽ ويئر آڻي ڇڏي، جنهن ۾ 3 کان 10 منٽ لڳي سگهن ٿا.
تاڪِ اوهان به اهڙي تڪليف ۾ نه پئجي وڃو جنهن ۾ ڪافي تڪڙ ڪندڙ پئجي ويا آهن.
نوڪيا 6630 فورميٽ ڪرڻ جو طريقو
بلڪِ فارميٽنگ کان بعد اوهان کان ملڪ جو نالو ۽ ڊيٽ تاريخ گهرندو، ان سان سمجهو ته فارميٽنگ ٿي وئي.
نوڪيا 6630 جي فارميٽنگ لاءِ هي تصوير ڏسو
دعائن ۾ ياد ڪجو
طاهر سنڌي