الطاف شيخ سان سنڌ سلامت ۽ سِگا جي وفد جي ملاقات، صدارتي اوارڊ تي واڌايون
22 مارچ 2011 تي شاعريء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ جي ڪجھ شاعر دوستن کي فون ذريعي ساڻن ڪچهري ڪرڻ جو سوچيم ۽ ايئن گهڻن ئي دوستن سان ڪچهري ٿي. سائين ادل سومرو کي پڻ فون ڪيم ته سائين جن ٻڌايو ته هو ڪراچي اچي رهيا آهن ۽ صدارتي ايورڊ وصل ڪرڻ لاء پيا اچن ۽ پاڻ ٻڌاين ته الطاف شيخ پڻ اوارڊ ملي رهيو آهي. گهڻي خوشي ٿي مان سوچيم تي ٻئي ڏينهن ساڻن ڪچهري ڪبي پر 23 مارچ تي منتظم اعلا ادا رشيد جي حڪم تي ڄامشورو ، ڪوٽڙي ۽ ٽنڊي محمد خان وڃڻ جو پروگرام ٺهيو. ٻئي ڏينهن سائين الطاف شيخ کي مبارڪباد لاء سنڌ سلامت تي ليک لکڻ ويٺس ۽ سائين جن کي فون ڪيم ته پاڻ منهنجي چوڻ کان اڳ ئي چيائون ته اوهان مبارڪباد لاء فون ڪيو هوندو پر اوهان مبارڪباد جو ڪارڊ ڇو ڪونه ٺاهيو آهي. خير سائين ٻڌايم ته ڪالھ سٺو ڏينهن ٻاهر هئس جيئن ئي اڄ ڪمپيوٽر تي ويٺو آهيان ته پهريون ڪم اهو پيو ڪيان. سائين جن کان ملڻ لاء وقت گهريم ته چيائون جڏهن به هليو اچ ۽ پاڻ ايڊريس به ايس ايم ايس ڪيائون. 27 مارچ 2011 تي مان، سراج الدين ميمڻ (صدر سِگا سچل ڳوٺ شاخ ) ۽ ڪرم الاهي چنه (ميمبر سنڌ سلامت ۽ جنرل سيڪريٽري سِگا سچل ڳوٺ شاخ) سائين سان ملاقات لاء سندس گهر ڊفينس پهتاسون. ادا رشيد به هلڻ جو وعدو ڪيو هو پر هميشه وانگر هن دفعي به آفيس جي مصروفيت سبب عين وقت تي ڌڪ ڪڍيائون ۽ اچڻ کان لاچاري ڏيکارين.
سائين الطاف شيخ جي گهر اندر پهتاسون ته پاڻ تمام گهڻو خوش ٿيا ۽ ڀاڪر پائي مليا. اندر ڊرائئنگ روم ۾ سائين جن کي مبارڪون ڏيڻ لاء ان وقت ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جو پرنسيپال آيل هو جن سان اسان جو تعارف ڪرايائون ۽ ان وقت مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي جڏهن پاڻ منهنجي تعارف وقت سائين سنڌ سلامت جو ذڪر ڪيو ۽ ڪيل ڪم جي واکاڻ ڪئي. اتي ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسيپال ۽ ٻين دوستن سنڌ سلامت بابت مونکان ڪجھ ڄاڻ به حاصل ڪئي.
انهن جي وڃڻ کانپوء سائين الطاف شيخ اسان سان ڊگهي ڪچهري ڪئي ۽ سنڌ کان وٺي دنيا جي مختلف ملڪن جا واقعا بيان ڪيا، پنهنجي متعلق ، سفرنامن بابت ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين جا حال احوال پڻ ڏنا.
پاڻ ٻڌايائون ته جڏهن مان ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهندو هئس ۽ اونهاري جي موڪلن ۾ گهر آيس ته بابا مونکي حيدرآباد ۾ هڪ مڪينڪ وٽ ڇڏي ويو ۽ سخت گرميء ۾ مان سڄو ڏينهن پانا کڻي هنن سان ڪم ڪندو هوس. جيتوڻيڪ منهنجو بابا ان وقت ڊي سي هو ۽ اسان جي گهر پئسن جي ڪا ڪمي ڪونه هئي پر بابا مونکي سيکارڻ لاء اتي موڪليو. هن وڌيڪ ٻڌايو تهجڏهن چٽگانگ ۾ مئرين انجنيئرنگ جو ڪورس ڪري رهيو هوس ته اتان دوستن ڏانهن خط لکندو هوس ۽ اهي خط قاضي اسد جي وڏي ڀاء ڏانهن به لکندو هوس جيڪو منهنجو دوست هو ۽ هو وري اهي خط دوستن ڏانهن موڪليندو هو. هن اهي پنهنجي پيء قاضي عبدالمجيد عابد کي ڏيکاريا جنهن چيو ته اهي خط مونکي ڏي ۽ هن عبرت ۾ ڇاپڻ شروع ڪيا ۽ ايئن لکڻ جي شروعات ٿي.
پاڻ وڌيڪ ٻڌايائون ته جڏهن مان مئرين انجنيئرنگ جو ڪورس ڪري رهيو هوس ته مون سميت سڀني ڄڻن کي هڪ تجسس هو ته جلدي جهاز تي پهچون ۽ دنيا گهمون. ڪورس پورو ڪرڻ کانپوء جڏهن شپنگ ۾ جاب ملي ته مونکي هڪ پراڻو جهاز مليو ته مون بابا کي چيو ته اوهان ڪا سفارش ڪري مونکي نئون جهاز ڏياريو. بابا شپنگ ۾ ڪنهن سان ڳالهايو ۽ هنن بابا کي خبر ناهي ڇا چيو جو بابا چيو ته پراڻو جهاز هلاء ته گهڻو ڪجھ سکي ويندين ۽ پوء واقعي ايئن ٿيو ته پوء مان ڪهڙي به جهاز کي هلائڻ کان ڪونه گهٻرائيندو هوس.
هن لکڻ بابت وڌيڪ ٻڌايو ته جهاز جي زندگي عجيب هئي اتي 24 ڪلاڪ ئي ماڻهو پاڻي اندر ، چوڌاري سمنڊ پوء دوست اتي شراب ۽ مختلف رانديون کيڏندا هئا ۽ مونکي اهو سڀ پسند ڪونه هو. پوء جهاز جتي به بيهندو هو ته مان اتان کوڙ سارا ڪتاب وٺندو هوس ۽ ان ٻيٽ تي هيڏي هوڏي گهمي ڦري پوء جڏهن واپس جهاز ۾ ايندا هئاسين ته اهي ڪتاب پڙهندو هوس ۽ پوء پاڻ به ويهي لکندو هوس، ايئن سفرناما لکبا ويا.
پاڻ ٻڌايائون ته هن وقت تائين سندس 74 ڪتاب ڇپيا آهن ۽ چار سفرنامه ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن ۽ ان طرح سندن سفرنامن جو تعداد 65 ٿيندو جيڪو منهنجي نظر ۾ سڄي دنيا ۾ ڪنهن به ليکڪ جو سفرنامن لکڻ جو رڪارڊ هوندو. سندن آخري سفرنامو هلي ڏسجي هندستان آهي. سائين جن ان دوران چانھ ۽ سٺي ريفريشمينٽ به ڪرائي ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ سندن خلوص ۽ پنهنجائپ ڏسڻ وٽان هئي.
سنڌ سلامت ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌ ٻوليء جي حوالي سان پاڻ گهڻو خوش هئا ته اسان جا نوجوان هن فيلد به پنهنجي هڙان وڙان ڏئي سٺيون ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ سنڌي ادب کي دنيا جي ڪند ڪڙڇ تائين رسائي جو آسان ذريعو مهيا ڪري رهيا آهن. الطاف شيخ صاحب جن پنهنجي ٻئي شوق ڦوٽوگرافي لاء اسان سان گڏ ڦوٽو سيشن ڪرايو ۽ اهي ڦوٽو سي ڊيء جي صورت ۾ ٽي سي ايس ڪيا. سائين جن سان ان کان علاوه به زندگيء جي مختلف پهلوئن ، سنڌ جي حالتن ۽ دنيا جي تبديلين تي گهڻيون ڳالهيون ٿيون ۽ موڪلائڻ وقت مان کين گذارش ڪئي ته سنڌ سلامت جا دوست اوهان سان ٻيهر ملڻ گهرن ٿا پاڻ چيائون ته اوهان ڪڏهن به بغير پڇي هليا اچو ۽ ايئن ساڻن موڪلائي نڪتاسون.
ڪجھ ڏينهن کانپوء سائين جن جي ڪال آئي ته انجنيئرنگ ۽ سي اي جا ڪجھ ڪتابن جا سيٽ آهن اهي کڻي ضرورتمندن تائين پهچايو هن دفعي به مون ڪوشش ڪئي ته ادا رشيد گڏ هجي پر ٻيهر هو پهچي ڪونه سگهيو ۽ مان ۽ سنڌ سلامت جو ميمبر غلام مرتضى وساڻ گڏجي سائين سان ملڻ وياسون ۽ هن دفعي به گهڻي ڪچهري ٿي. پاڻ سامونڊي سفر جي يادگار واقعن سان گڏ سنڌ جي موجوده صورتحال تي به گهڻا ويڇار ونڊيا۔
سنڌ جي هن مهان شخصيت کي رب پاڪ خوش رکي ۽ سندس قلم ۾ طاقت ڏي جيئن اڃان لکندا رهن.