دوستو سنڌ سلامت جو سفر جاري آهي۔۔ ۽ دعا آهي ته جاري رهي۔۔ ڪجهه منزلون ساهي پٽڻ لاءِ مليون ضرور آهن پر اصل منزل ڏونهين ڏور آهي۔۔ جنهن ڏانهن جستجو جاري آهي ۔۔۔ وقت جو ڦيٿو ڦري رهيو آهي ۔۔ نت نيون ٽيڪنالاجيز سامهون اچي رهيون آهن۔۔ جن کي بظاهر ڏسي اسان پاڻ کي ڪافي پوئتي محسوس ڪنداسين پر لگن قائم رهي ته انهن ٽيڪنالاجيز سان گڏ پنهنجي سفر کي جاري رکي سگهجي ٿو۔۔۔
2 سال اڳ شروعات ڪندڙ هي سفر ان وقت به ڪٺن هيو ۽ اڄ جڏهن مستقبل جي ايندڙ ڏکين ڏاڪن ۽ منزلن کي ماڻڻ لاءِ همت ڪندي سواري کي تبديل ڪندي وي بليٽن 3 کان 4 تي قدم رکيا آهن ته پاڻ کي وري به 2 سال اڳ واري جاءِ تي بيٺل ٿا ڏسون۔۔۔ بس جيڪڏهن فرق آهي ته اڄ ڪجهه ساٿي گڏ آهن ۽ ان وقت ساٿين جي تلاش هئي۔۔۔
انسان جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته پنهنجي ڪم کي آسان ۽ سهل بڻائي پر وقت جون تبديليون هڪ کان هڪ مشڪل سامهون آڻينديون رهنديون آهن۔۔ مون وٽ ڪو ٻيو مثال ته نه آهي پر هڪ موضوع کان هٽيل موجود آهي ته منهنجا ننڍڙ جڏهن ڪنهن ڪمپيوٽر گيم ۾ ڪجهه تڪڙيون منزلون طئي ڪندا آهي ته اڳتي هلندي هڪ ڏکي منزل گذارڻ تي کين ڪافي ڏينهن لڳندا آهن۔۔۔ جڏهن مون کان مدد وٺندا آهن ته کين گذريل منزلن ۾ وساريل ڪجهه اهي شيون ياد ڏياريندو آهيان جنهن کي جيڪڏهن هو ساڻ رکن ها ته موجوده منزل کين ڏکي نه لڳي ها۔۔ مجبورن کي گذريل منزل تي واپس وڃي ٻيهر اڳتي وڌڻو پوندو آهي۔۔۔ ان ساڳئي مثال وانگر اسان جو ايندڙ منزلون ۽ سفر ٽيڪنيڪل اعتبار کان به ڏکيو آهي ته نان ٽيڪنيڪل حساب سان به ان ڪري مون ڪافي غور ڪرڻ کان پوءِ سنڌ سلامت کي سندس ٻي سالگره تي تحفو ڏيڻ لاءِ وي بليٽن 4 اسڪرپٽ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۔۔ جيڪو هڪ مشڪل اسڪرپٽ هجڻ سان گڏو گڏ هڪ اهڙو طاقتور اسڪرپٽ آهي جيڪو اسان جي سفر کي آسان ۽ منزل حاصل ڪرڻ کي سهل بڻائي سگهي ٿو۔۔۔
پنهنجي پوري ڪوشش باوجود وي بليٽن 4 کي وقت سر مڪمل نه ڪري سگهيم ۽ وري جيڪڏهن فورم کي هڪ ڏينهن ئي بند رکڻو پيو ته دوستن جي مسلسل ڪالز ۽ پيغامن فورم کي ٻيهر وقت کان اڳ کولڻ تي مجبور ڪيو ۔۔ پر همت هاري نه آهي بس توهان جو ساٿ رهيو ته سفر لاءِ هٿ ڪيل هي گهوڙو بي قابو ٿيڻ نه ڏبو۔۔۔ بس ان لاءِ ڪجهه وقت درڪار ٿيندو۔۔
جنهن کان پوءِ جڏهن سفر رواني تي آيو ته نتيجا توهان کي وڻندڙ لڳندا۔۔۔ اميد ته گذريل سهڪار وانگر پنهنجو تعاون جاري رکندا۔۔۔ ۽ سنڌ سلامت جي نعري سنڌ ۽ سنڌيت ۾ نه صرف توهان پاڻ پر پنهنجي سمورن دوستن کي شامل رکندا۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت