ذوالقرنين حيدر برطانيا ۾ سياسي پناهه جي ڏنل درخواست واپس وٺي ڇڏي، وطن واپس اچڻ جو فيص

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    لنڊن (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر ذوالقرنين حيدر برطانيا ۾ سياسي پناهه جي ڏنل درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي ۽ هن پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، برطانوي گهرو سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ ذوالقرنين حيدر موقف اختيار ڪيو آهي ته هو سياسي پناهه جي درخواست واپس وٺي پاڪستان وڃڻ چاهي ٿو، وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ کيس ۽ سندس خاندان کي مڪمل سيڪيورٽي ۽ تعاون جو يقين ڏياريو آهي، جنهن کانپوءِ سندس برطانيا ۾ رهڻ جو ڪو به جواز ناهي، ٻئي طرف ذوالقرنين حيدر کي ليشنگز ڪلب طرفان کيڏڻ جي آڇ تي ڪلب اختيارين چيو آهي ته وڪيٽ ڪيپر جيڪڏهن پاڪستان هليو به ويو ته ڪلب کيس کيڏائڻ تي غور ڪندو، واضح رهي ته ذوالقرنين حيدر ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز جي پنجين ۽ فيصلائتي ميچ کان اڳ ٽيم انتظاميا کي اطلاع ڏيڻ بنا ٽيم کي ڇڏي لنڊن هليو ويو هو.The Kawish Group of Publication
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو