• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيار کان جو ڪري پرهيز سوموڳو هوندو ۔۔۔۔۔۔

عرس پريو

سينيئر رڪن
پيار کان جو ڪري پرهيز سوموڳو هوندو،
يا ته ٻوڙو يا ته گونگو يا ته انڌو هوندو،

شعر ڪو تِير ٿي دشمن کي کُتو دوڏي ۾،
شعر ڪو هارُ ٿي معشوق کي پهتو هوندو۔

ها ڪڏهن فرش به آ عرش کي ڌوڏي وجهندو۔
تنهنجي گوڏي سان لڳي منهنجو ويو گوڏو هوندو۔

بيت مون جو به پڙهيو ڳوٺ جو ڀونگو سمجهو،
ڌيان جنهن ڪونه ڏنو سيٺ جو بنگلو هوندو۔

ڇا ڪجي گهرج ۾ سنسار جو گولو آهي،
تنهنجي انعام ۾ فردوس جو تحفو هوندو۔

ڀرُ ڪري چوٽ ڪيائين ته چکيائين چوٽون،
ٽاڪئين مونکي ٿي سمجهو ته ڪوشيشو هوندو۔

هر نئين ڏينهن نئون رنگ سندس فطرت آ،
وقت وانگي ته بخاري به ٿيو پوڙهو هوندو۔

تو ته استاد ، صفا ساڀيان سمجهو جيون،
او چريا، ڪنهن ڪيو تو سان اهو چرچو هوندو۔

(بخاري)
 
جواب: پيار کان جو ڪري پرهيز سوموڳو هوندو ۔۔۔۔۔۔

تو ته استاد ، صفا ساڀيان سمجهو جيون،
او چريا، ڪنهن ڪيو تو سان اهو چرچو هوندو۔

عرس جون مهربانيون

استاد جي عشق سان ٽمٽار شاعري ونڊ ڪري اصل دل خوش ڪري ڇڏي اٿئي۔ خير آهي ادا طاهر به ڳوٺ آهي ۽ واهه جو هي شعر لڳو هوندس۔ اصل وڻ ئي وڄائي ڇڏيا اٿئي۔

غزل به لاجواب آهي
طاهر به ڳوٺ آهي
تنهنجو به جواب ناهي
 
جواب: پيار کان جو ڪري پرهيز سوموڳو هوندو ۔۔۔۔۔۔

سائين عرس معاف ڪجان ڪالهه ڪمپيوٽر تي وارو ڪونه مليو هو ۽ ڪا راڀ ڪونه ڏئي سگهيس۔

استاد بخاري جي مجازي عشق سان ڀريل تمام سٺي شاعري آهي

اميد ته اهڙي شيئرنگ ڪندو رهندين
 
Back
Top