سنڌ يونيورسٽي بچايو- سنڌ بچايو

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    امر سنڌو

    هي نه امريڪا جي هارورڊ يا ڪولمبيا يونيورسٽي هئي نه وري برطانيا جي آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل. هيءَ فرانس ۾ سارتر ۽ سمون جي سڃاڻپ بڻيل ساربون (پئرس يونيورسٽي) ته پري پر هيءُ ڍاڪا جي دل، ڍاڪا يونيورسٽي ۽ ڀارت جي دانش جو مورچو جواهر لعل يونيورسٽي به ته نه هئي. دنيا جي اک کان اوجهل ۽ پنهنجي ئي اهلِ دانش کان وسريل دُنيا جي انتهائي تاريڪ ڪُنڊ ۾ روشني جو فقط هڪ ڪرڻو، هيءَ اسان جي سنڌ يونيورسٽي آهي. دنيا جي ترقي پسند معاشري سان قد ۾ پڄي بيهڻ ۽ بنيادي تعليمي سهوليت لاءِ مناسب معاشري جي قطار ۾ بيهڻ لاءِ پنهنجي سڄي سنڌ کي ڪيتري محنت، سچائي، جاکوڙ ۽ وقت گهربل...سو ته وڏو سوال پر اُها جا سڄي سنڌ ۾ فخر جي علامت ۽ روشن ستاري جهڙي حيثيت رکندڙ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيمپس تي نظر وجهبي ته اندر ۾ اڌ ٿيڻ، هانوَ ۾ وڍ پوڻ، ايترو فطري عمل آهي جو ان کي ڪنهن کان تشريح جي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي. رڳو يونيورسٽي جي سربراهن لاءِ نه، رڳو اُتي ٻه چار حرف پڙهائي، روزي روٽي ۽ مستقبل جي تعمير ۾ رُڌل استادن جي لاءِ ئي نه، نه ئي انهن 23 هزار شاگردن لاءِ جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هن اداري ۾ تعليم لاءِ گهران پنڌ پون ٿا. رڳي انهن لاءِ به نه.... پر هيءَ يونيورسٽي سنڌ جي فطري مزاج ۾ دل جيان ڌڙڪندڙ وجود آهي. وابستگي لاءِ رڳي مٿيان حوالا ئي مخصوص ناهن. هن يونيورسٽي جي نالي تي سڄي سنڌ جي ساڃاهه به ڌڙڪندڙ دل رکي ٿي. سنڌ يونيورسٽي رڳي دل سان لاڳاپيل مامرن تي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت جي گردش تيز ڪري ٿي، سچي ڳالهه ته اها آهي سنڌ يونيورسٽي جي تعمير جي بنياد ۾ هن قوم جي وڏڙن جا خواب پڻ پوريل آهن. هي ڪيمپسن جي تعمير رڳي سيمينٽ، سرن، مٽي ۽ گاري مان نه ٿي آهي، اسان جي قوم جي محسنن، وڏڙن جي خونِ جگر، ڏور رس بصيرت ۽ قوم جي ذهني تشڪيل واري جذبي جي آميزش سان هن يونيورسٽي جي تشڪيل ۽ تعمير ممڪن ٿي. پاڪستان ۾ ٻيون نمبر جهوني يونيورسٽي هئڻ جي حيثيت ۾ نه پر سنڌ يونيورسٽي لاءِ سنڌ جي وابستگي ۽ جذباتيت جا ٻيا کوڙ سارا حوالا موجود آهن.
    سنڌ جي اهل دانش طبقي کان وٺي هر اُن شخص جو روح هن اداري سان ائين واڳيل آهي، جيئن سنڌو جي جَل لاءِ سندن دليون ڌڙڪن ٿيون. سنڌو جو جَل بيشڪ ته اسان جي قومي، شعوري، معاشي ۽ جذباتي زندگي کي سيراب ڪندڙ علامت آهي ايئن هن يونيورسٽي ۾ علم جي سرچشمن سان ڪنهن حد تائين سنڌ جي علمي، ادبي زندگي جي آبياري پئي ڪئي آهي. هيءَ سنڌ جي گڏيل ساڃاهه جو ثمر هو. سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، آءِ آءِ تائين...
    مُٺ مُٺ پورهيو سڀ جو پر گڏيل بصيرت جو اُهڃاڻ، اوڻيهه سئو ستيتاليهه ۾ ئي سنڌ يونيورسٽي جو قيام ٿيو. ٿورن سالن تائين اداري جي حيثيت فقط امتحاني بورڊ جيتري رهي پر 1951ع کان تدريسي حوالي سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ اهو ايوبي مارشل لا جو دور هو جڏهن ڪراچي يونيورسٽي جي قيام کانپوءِ هن اداري کي ڪراچي مان نيڪالي ڏئي حيدرآباد جي حدن ۾ موڪليو ويو. ڪراچي تنهن وقت پاڪستان جي گادي ۽ حيدرآباد سنڌ جي گادي وارو ڪم پي ڪيو.
    اُهي به ايوب جا ڏهاڙا هئا جڏهن هن ئي يونيورسٽي جي ڪئمپس کان شاگردن جي مزاحمتي تحريڪ شروع ٿي هئي، جنهن ۾ چوٿين مارچ جهڙي واقعن جو جنم ٿيو. اڄوڪي نسل جي شاگردن کي شايد اُها ڄاڻ نه هجي ته اُها تحريڪ بنيادي طور تي يونيورسٽي کي سنڌ جي قومي وجود جي علامت بنائي هڪ ڪمشنر خلاف شروع ڪئي وئي هئي، اُن ڏينهن مزاحمت کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي سنڌ جي قومي وجود جو اُهو لازوال استعارو بڻجي پئي، جنهن رڳي سياست نه پر تعليمي، تدريسي، عقلي حوالن سان قوم کي ٻين قومن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهي سگهڻ جو ساهس به عطا ڪيو.
    ۽ ڪو وقت هو جڏهن قوم کي پوئتي رکڻ جي سمورن حربن باوجود سنڌ يونيورسٽي تعليمي معيار جي حوالي سان ائين اڳڀري بيٺل هوندي هئي جو کيس سال اڳ ڪولمبو جي هڪ سنهالي دڪاندار مون کان پڇيو: ”ڪٿان؟؟“ ”ڪير؟“ ”سنڌ، پاڪستان.“ ته هڪدم هن پڇيو ته ”سنڌ يونيورسٽي ڪيئن آهي؟؟“ مون حيرانگي مان کانئس پڇيو ته هو پاڪستان جي، خاص طور تي سنڌ يونيورسٽي کان ڪيئن واقف آهي ته هن چيو ته ”سندس والد سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرس ڪئي هئي، سَٺ جي ڏهاڪي ۾ ۽ پوءِ سريلنڪا ۾ هو سڌو سول سروسز ۾ اعلى عهدي تي کڄي ويو.“
    ”اسان جي گهر جي خوشحالي جا پيرا سنڌ يونيورسٽي کان شروع ٿيا.“ هن اهو چئي سريلنڪا جو سونيئر به گفٽ ڪيو ته سندس خاندان جا سلام سنڌ يونيورسٽي کي پڄايان.سنڌ يونيورسٽي کي سنڌ لاءِ قاهره يونيورسٽي بڻجڻو هو، جتان سموري قوم تعليمي حوالي سان هڪ صدي اڳ جديد علمن کان واقفيت رکي پنهنجي سماج کي جديد بڻايو. سنڌ يونيورسٽي هارورڊ يا ڪولمبيا يونيورسٽي ته هرگز نه هئي پر اُن کي سماجي سائنسي تحقيق جي حوالي سان سنڌ کي پنهنجي علميت جا ڀاڱا آڇڻا هئا. سنڌ يونيورسٽي کي سنڌ جي قومي شناخت جي حوالي سان ڍاڪا يونيورسٽي به بڻجڻو هو ته ڀارت جي جواهر لعل يونيورسٽي جيان هڪ مثالي درسگاهه هئڻ جو به ائين ثبوت ڏيڻو هو ته ملڪ جي تقدير طئي ڪندڙ سياسي دانش جي پرورش به ان يونيورسٽي ٿي ڪئي ته ڀارت جي حڪمران ڪلاس تي حقيقي علمي تنقيد به اُن يونيورسٽي جي اڪيڊيميا جو حصو رهي. ٿيڻو ته ڇا هو. هن درسگاهه جي حقيقي خالقن جي ذهني بصيرت جي اُڏام هن يونيورسٽي جي تشڪيل ۾ نه ڄاڻ سنڌ جو ڪهڙو مستقبل ٿي ڏٺو پر حقيقي طور تي اُها ڪراڙو ٻڍڙو، اسڪالرس جو جوڙو جناب علامه آءِ آءِ قاضي ۽ امڙ ايلسا قاضي جي اکين ۾ هن يونيورسٽي جو تابناڪ مستقبل ۽ اهڙي تعمير لڪل هئي جو هنن ٻنهي انهيءَ خواب سان اکيون پوريون. پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ۾ هن ڌرتي جو اُهو ٽُڪر چونڊيو، جتي علمي، ادبي مباحثا هُجن، روشن مستقبل جا خواب اکين ۾ کڻي شاگردن جا هجوم هنن جي اکين ٿي پَسيا.
    پر ائين ڪجهه به نه ٿيو. اُهو جاڙين قبرن وارو مقام ڪنهن علمي ادبي مباحثي بجاءِ، گولين جي شورجو شڪار آهي. ڪئمپس ۾ اڪيڊميا جي آزاد فڪر ۽ عمل بجاءِ بارود جي بوءِ نيٺ به ڪٿان هن منظرجو حصو ٿي.
    علمي بحث، ماضي جي تاريخ...ڪئمپس جا در و ديوار جن نعرن سان گونجن ٿا، اُن ۾ رت جي بوءِ شامل... ڪير ٻيو نه...سندن نشانا هڪ ٻئي تي پڪا ٿي ويا آهن. هتي موسمن جو بدلجندڙ هڪ شاگرد جي لاش کڄڻ سان منسوب- موڪلون نه سياري جون، نه اونهاري جون، اڳ نعرا ’غدار آ‘ سان شروع ٿيندا- اڄ جي گونج ۾ گولي جو آواز ”پاڪستان جو يار موت جو حقدار آهي“، ”جيڪو سپاف سان ٽڪرائيندو اُهو سڌيون گوليون کائيندو“، ”اب ڊنڊا ديگا زرداري“، آزادي جي گوريلا وار به هاڻ پهاڙن ۽ جهنگلن ۾ نه پر ڪيمپس جي ڪاريڊور ۾...سنڌ جي شاگرد سياست جو مرڪز اهو ڪئمپس آهي ۽ اُهي سڀ جيڪي وفاق پرست آهن، قومپرست آهن، آزادي پسند آهن، گوريلا ويڙهه جا پٽڪا ٻڌي نڪتا آهن، سي لڳ ڀڳ سڀ جڏهن پنهنجا گهر وٿاڻ ڇڏي ڪئمپس اندر گهڙن ٿا ته ٻانهن جي لوڏ کان وٺي، هاسٽلن تي رهڻ گه۾ڻ ڦرڻ تائين هڪ مخصوص اسٽائل ۾بدلجي ٿو وڃي. هو ڪنهن انقلاب، ڪنهن پارٽي، ڪنهن نظرئي ۽ ڪنهن فڪر بجاءِ ڪئمپس جا ”ڪامريڊ“ سڏجن ٿا. عام شاگرد وٽ ڪامريڊ جي معنى ڪا به سياسي، پارٽي نظريو يا فڪر نه بلڪه سندس سڄي سڃاڻپ،سندس داٻي، ساڻس شريڪ گينگ سان ٿئي ٿي. هٿ ۾ ڪنهن به ڪتاب جو ٿيلهو نه ئي کيسي ۾ ڪا پين پر ورَ ۾ پستول TT هئڻ لازم، عام شاگردن کان وٺي شاگردياڻين تائين ڪنهن کي به هيسائڻو هجي پر رڳي پستول نڪرڻ جي دير هوندي، ڪيمپس جا در و ديوار ڳپل وقت تائين گولين جي گونج ۾ گونجندا رهندا.
    ٿڦا ٿڦي ۽ هٿ کؤنس کان وٺي هٿيارن جي آمهون سامهون استعمال ۾ بنهه بيباڪ اهڙي ’ڪامريڊن‘ جي بائيڪاٽن مٿان بائيڪاٽن حالت اتي وڃي پڄائي آهي جو شايد سڄي سيمسٽر ۾ ڪجهه Subjects ڇا ٻه پنا به نه پڙهيا هوندا.
    چند آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون سياسي جماعتون جيڪي ڳڻپ ۾ ايندڙ اهڙا ڪامريڊ ئي آهن جن سچ پچ پنهنجي TT جي ٽريگر تي سڄي تعليمي ماحول، سڄي اداري کي ڄڻ ته يرغمال بنائي ڇڏيو. 23 هزار شاگردن جو مستقبل ئي نه پر انهن سان لاڳاپيل سڄي سنڌ جو مستقبل TT جي ٽريگر تي يرغمال هُجي، اتي سنڌ جا ساڃهه وند ئي نه پر سنڌ سان لاڳاپيل هر ماڻهو اندر ۾ رت جا ڳوڙها روئندي اهو حساب ڪتاب ضرور رکي ٿو ته هيڏي چٽاڀيٽي واري دور ۾ سنڌ يونيورسٽي کي ٻاراڻي، ڏوهاري سياست جي ور چاڙهڻ سان نيٺ ڪهڙي سنڌ جا مفاد لاڳاپيل آهن؟ قومي تحريڪن ۾ ته شاگرد قوم جو هر اول دستو ٿيندا آهن. هيءَ سنڌ جي ڪهڙي مستقبل جي نمائندگي ڪندڙ آهن جيڪي بائيڪاٽ سان سنڌ يونيورسٽي جي تدريسي عمل کي مسلسل بريڪ تي رکيو بيٺا آهن. اهو سوچڻ جو وقت آهي ته شاگردن کي سندن حال تي ڇڏي ڏجي؟ تدريسي عمل کي تالو هڻي ڇڏجي؟ مڊل ڪلاس جا ٻار هونئن پرائيويٽ ادارن ڏانهن. عيسي موسي جي ٻارن لاءِ اها سستي تعليم بند ڪري ڇڏجي؟
    يا سنڌ جي ساڃاهه اهو طئي ڪندي ته ادارا خاص طور تي اعلى تعليمي ادارا قومن جي وجود جي سڃاڻپ ٿين ٿا. ادارن جي سڃاڻپ تي اهو ٽڪو دراصل اسان جي ئي گڏيل دانش، قومي شعور ۽ اجتماعي سڃاڻپ تي ٽِڪو آهي. ان ڪري اِهي داغ به پنهنجي هٿن سان ڌوئڻا آهن. ها، سنڌ يونيورسٽي پوءِ ڀَل هارورڊ نه بڻجي، آڪسفورڊ نه بڻجي پر گهٽ ۾گهٽ سنڌ جي عقليت، علميت ۽ دانش جي صحيح سڃاڻپ ته بڻجي ۽ ان لاءِ به سنڌ جي اها سياسي ۽ سماجي ساڃاهه ئي طئي ڪري ته اهڙي مجرماڻي شاگرد سياست کي بچائجي يا سنڌ جي سياسي سماجي ۽ قومي وجود جي علامت سنڌ يونيورسٽي جي تدريسي ماحول کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچجي. ياد رکو ته هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ اهي شاگرد تنظيمون هر مند جي آمد تي گلابن جا گلاب نه پر رت ۾ ٻڏل لاش سنڌ کي مُند جي آجيان طور آڇين ٿيون. هاڻ اسان جا ڪلها پنهنجي شاگردن جي لاش کڻڻ جو بار نٿا کڻي سگهن. ڇاڪاڻ ته هر لاش هڪ شاگرد جي مستقبل جي نه پر سنڌ جي اجتماعيت واري ساڃاهه جو آخري کٽولو ٿي لڳي. ان کان اڳ جو سنڌ يونيورسٽي مقتل گاهه بڻجي خدارا سنڌ جي سڃاڻپ، هن يونيورسٽي کي بچايو، هن جي تدريسي عمل کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچو.

    ( روزانه عبرت)
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ يونيورسٽي بچايو- سنڌ بچايو

    يار عرس اکين مان آب اچي ٿو وڃي جڏهن اهو ٿا سوچيون ته اسان جي مادر علمين ۾ ڇا ٿي رهيو آهي۔ امر سنڌو سڀ سچ لکيو آهي پر ڪاش اسان جون سياسي ۽ سماجي ڌريون ان تي سوچين۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ يونيورسٽي بچايو- سنڌ بچايو

    دوستو! اڄ سنڌ يونيورسٽي ۾ جيڪا گڏيل گڏجاڻي ٿي آهي، انجو ڪو حال احول ۽ ڪا خوّشخبري ۔۔۔ اسانجو روح خوش ٿئي ته قوم هاڻ تعليم جي مد ۾ اڳتي وڌندي ۔۔۔ ڪاش اسين سنڌي تعليم جي اهميت کان واقف ٿيون ۽ انجي صاف سٿري رکڻ لا جتن ڪريون ۔۔۔

    ڪنهن دوست وٽ سنڌ يونيورسٽي جا حال هجن ته ونڊ ڪري ۔۔ خاص ڪري ادي مست وٽ ته اهڙي خبر ضرور هوندي ۔۔۔ جو هن دوست جو حيان سنڌ جي تعليم سان ائين ڳنڍيل آهي جئين مڇي جو پاڻي سان ڳنڍيل هوندو آهي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو