نادر شاهه (1688-1747ع)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    (1688-1747ع )

    نادر شاهه جو اصلي نالو نادر قلي هو. نادر قلي جي معنيٰ آهي نهايت حيرت انگيز جو غلام، يعني خدا جو، پر هن ناقابل شڪست سپاهيءَ ۾ غلامي واري ڪابه خاصيت موجود نه هئي. هن افغان ۽ ترڪ حملي آورن کي ايران مان ڀڄائي ڪڍيو ۽ مغل شهنشاهه کان جواهرن سان جڙيل طائوسي تخت حاصل ڪيائين.
    نادر شاهه هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. هن جا وڏا اتر اوڀُر ايران جي خراسان ۾ خانه بدوشي جي زندگي بسر ڪندا هئا. ننڍپڻ ۾ هو رڍون چاريندو هو. نادر جي پيءُ جي وفات کان پوءِ ازبڪ نادر ۽ سندس ماءُ کي غلام بڻائي، اتر ڏانهن وٺي ويا هئا. هو اتان ڀڄي اچي ايران پهتو، جتي هن هڪ ننڍي صوبائي گورنر وٽ نوڪري ڪئي.
    هن فوجي پيشو، پنهنجي عمر جي ٽيهن سالن واري ڏهاڪي ۾ اختيار ڪيو. هن گورنر جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ پوءِ پاڻ گورنر ٿيو. انهيءَ زماني يعني 1720ع واري ڏهاڪي ۾ ايران تي افغان فاتحن جي حڪومت قائم هئي. افغانن جي نوڪري دوران نادر ازبڪ حملا آورن خلاف هڪ فوج جي اڳواڻي ڪئي. ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ هن جڏهن وعدي ڪيل انعام يعني اعليٰ عهدو گهريو تڏهن کيس مار ڏيئي نوڪريءَ تان لاٿو ويو.
    باغي جي حيثيت ۾ نادر پنهنجي فوج ٺاهڻ شروع ڪئي. انهيءَ کان پوءِ هن افغانن هٿان تخت تان لاٿل صفوي گهراڻي جي بادشاهه تهماسپ کي پنهنجون خدمتون آڇيون. نادر ۽ هن جي فوج، ٽن سالن تائين افغانن سان وڙهندا رهيا ۽ آخرڪار 1730ع ۾ کين ڀڄائي ڪڍيائون. شاهه تهماسپ، پنهنجي سپهه سالارِ اعليٰ کي انعام طور خراسان ۽ ٻين ڪيترن ئي اوڀر وارن صوبن جو گورنر مقرر ڪيو، جتي نادر ئي حقيقت ۾ اڇي ڪاري جو مالڪ هو. نادر کي ٻي ذميداري ترڪن کي اولهه ايران مان ڀڄائي ڪڍڻ جي ڪري سونپي ويئي. انهيءَ علائقي تي ترڪن، افغانن جي حڪومت دوران قبضو ڪيو هو، پر ترڪن خلاف هن جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون، تن اڳيان بادشاهه پاڻ رڪاوٽ بڻجي پيو. هن پنهنجي فوجي مهمن ۾ ناڪام ٿي ترڪن سان هڪ اهڙو معاهدو ڪرڻ پئي چاهيو جنهن مان ايران کي نقصان ٿئي ها. نادر تهماسپ کي تخت تان لاهي ان جي جاءِ تي سندس ننڍڙي پٽ کي ويهاريو ۽ پاڻ نائب ٿي حڪومت هلائڻ لڳو. انهيءَ دوران هن ترڪن ڏانهن نياپو موڪليو ته، ”ايران جا صوبا موٽائي ڏيو، يا جنگ لاءِ تيار ٿيو.“
    ترڪيءَ سان جنگ 1735ع تائين هلي جنهن ۾ ايران پنهنجا ڪافي علائقا واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. انهي کان ٿورو ئي پوءِ نادر روس کي ڌمڪي ڏني ته پيٽر اعظم جي ڏينهن ۾ روس، ڪئسپين سمنڊ تي ايران جي جن صوبن تي قبضو ڪيو هو، سي موٽائي ڏنا وڃن، نه ته هو روس خلاف ترڪن سان ٺاهه ڪندو. انهيءَ تي روس کيس اهي صوبا موٽائي ڏنا.
    1736ع ۾ صغير بادشاهه مري ويو. سندس موت کان پوءِ نادر مکيه ايراني آفيسرن کي گهرائي کين نئين حاڪم چونڊڻ جي دعوت ڏني. آفيسرن هر طرف سندس طاقت کي ڏسندي يڪراءِ ٿي کيس بادشاهه چونڊيو ۽ نادر ڄاڻي ٻجهي اها چونڊ قبول ڪئي. ايران تباهه ٿي چڪو هو، تنهن ڪري نادر پنهنجي فوج کي اوڀر طرف وڌڻ جو حڪم ڏنو. هن جو مکيه مقصد اتي وڃي ڦرلٽ ڪرڻ هو. هندستان تي حملي ڪرڻ کان اڳ هن پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ ڪيتريون ئي فتحون حاصل ڪيون. هندستان ۾ ڪنهن زماني ۾ جيڪا عظيم الشان مغل شهنشاهيت قائم هئي، سا هاڻي زوال هيٺ اچي چڪي هئي. توڙي جو مغل شهنشاهه کي پنهنجي هڪ شهزادي کان ڪافي فوجي ساهتا ملي، تنهن هوندي به هو ايرانين جو مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ مجبور ٿي آڻ مڃائين. نادر شاهه هڪ فاتح جي حيثيت ۾ دهلي ۾ داخل ٿيو ۽ مغلن جي گڏ ڪيل دولت کي ڏاڍي فراخدلي سان قبول ڪيائين. انهي دولت ۾ مشهور طائوسي تخت به شامل هو. دهليءَ جي ماڻهن جڏهن بغاوت ڪئي، ته نادر جي فوج رت جون نديون وهائي، ڦرلٽ ڪئي.
    هندستان مان آندل مال ۽ دولت جي ڪري ايران ڪجهه وقت لاءِ ته مالي طور خوشحال ٿيو، پر جيئن ته نادر شاهه کي انتظام هلائڻ نه ايندو هو، تنهن ڪري هو انهيءَ نئين کٽيل خزاني مان، پنهنجي ملڪ جي اقتصادي حالت سڌارڻ ۾ ناڪام ٿيو. هن ٻيون به ڪيتريون ئي فتحون ماڻيون ۽ 1743ع ۾ سامونڊي فوج ٺاهڻ شروع ڪيائين. نادر شاهه انگلينڊ، پورچوگال ۽ هندستان مان جهاز ٺاهڻ جا ڪاريگر گهرايا، جن جي مدد سان هو ڪئسپين سمنڊ ۽ ايراني نار ۾ هڪ ننڍو سامونڊي ٻيڙو لاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
    نادر شاهه جيئن جيئن پوڙهو ٿيندو ويو، تيئن تيئن سندس ظلم وڌڻ لڳا. ڪنهن فوجي مهم دوران ٻن افغانين لڪي مٿس حملو ڪيو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو. نادر شاهه کي يقين ٿي ويو ته مٿس ٿيل خوني حملي ۾ سندس پنهنجي پٽ جو هٿ هو، تنهن ڪري هن پنهنجي پٽ جون اکيون ڪڍرائي ڇڏيون. سندس خلاف ڪيتريون ئي بغاوتون ٿيون، جن کي هن ايتري تشدد سان دٻايو جو مئلن جي مٿن سان اهرام ٺهي پيو، باغين کي سزا ڏيڻ واري هڪ مهم دوران، نادر شاهه جنهن وقت ستو پيو هو، ان وقت هن جي پنهنجي ئي قبيلي جا ماڻهو سندس تنبو ۾ اوچتو گهڙي آيا. هن پنهنجي تلوار کڻي ٻن حملي ڪندڙن کي ته ماري ڇڏيو، پر انهن مان هڪ ڄڻي کيس ماري وڌو.
    هي غريب خراساني خانه بدوش، جڏهن بادشاهه ٿيو، ته سندس رعايا کيس ”فاتح“ سڏيندي هئي. هن ايران جي طاقت کي ٻين کان مڃرايو، ايئن ئي جيئن اڄ ڪلهه ايران کي هڪ طاقتور صنعتي قوم مڃيو وڃي ٿو. پر نادرشاهه کي اندروني انتظام ۾ نه ته ڪا دلچسپي هئي ۽ نه وري هن انهي معاملي ۾ ڪو امتيازي ڪم ڪري ڏيکاريو. قوم کي متحد ڪرڻ وارو هن جيڪو ڪم ڪيو هو، سو پنهنجي چوڌاري گڏ ٿيل اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ ڇڏي ويو، جن کي حڪومت هلائڻ ايندي هئي
     
  2. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: نادر شاهه (1688-1747ع)

    ادا تمام بهترين ونڊ پر ادا عرس ناراض نه ٿيڻ جي ضمانت سان
    ادا اوهان هڪ لفظ لکيو تهماسب
    اهو لفظ مون جيسيتائين ايران ۾ پڙهيو آهي ته طهماسب لکندا آهن ۽
    اوهان لکيو نادر شاه قِلي يعني زير سان سو زير سان نه بلڪه اهو
    پيس سان لکيو ويندو آهي
    قُلي
    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو