سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب عالم، فاضل، نالي وارو تاريخدان، ناول نگار، ناٽڪ نگار ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، 1875ع ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ آڏواڻي خاندان ۾ ديوان مهرچند آئل مل جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ثانوي تعليم حيدرآباد سنڌ جي مشهور اسڪول يونين اڪيڊميءَ ۾ ورتي، جتي هن ساڌو هيرانند شوقي رام آڏواڻي ۽ تاراچند آڏواڻيءَ کان ٻي تعليم وٺڻ سان گڏ شاهه جو ڪلام به پڙهيو. هن 20 سالن جي عمر ۾ سالٽ (لوڻ) ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ 25 رپين تي سرڪاري نوڪريءَ سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. ڀيرو مل کي ساڌو هيرانند لاءِ ڏاڍي عزت هئي، جنهن جي مضمونن ۽ تاثرن جو ڪتاب ”هيري جُون ڪڻِيُون“ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيائين، جنهن ۾ هن هر مضمون کي هيري جي ڪڻيءَ سان ڀيٽي، ساڌو هيرانند کي سچو هيرو سڏيو آهي. ان کان سواءِ ننڍي عمر ۾ جنهن شخص ڀيرومل کي متاثر ڪيو، اهو ماستر مولچند ڇتواڻي هو، جنهن منجهس راڳ، شاعريءَ ۽ ڪتابن لکڻ لاءِ چاهه پيدا ڪيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي هڪ طرف کيس مٽي مائٽيءَ جي ڪري ويجها هئا ۽ ٻئي طرف ساڻن سندس ادبي دوستيءَ وارا لاڳاپا هئا. ڀيرو مل ايڪسائيز کاتي ۾ 28 سال نوڪري ڪئي، جنهن جو ڳچ حصو ماڙي پور لوڻ کاڻ (ڪراچي) ۾ گذاريائين، جتي سمنڊ ۽ خشڪيءَ رستي وڃي سگهبو هو. 1902ع ۾ سمنڊ ۾ اُٿل اچڻ سبب لوڻ کاڻ ٻڏي وئي. ان وقت ڪيترائي ڏينهن ڀيرومل کي جهنگ جي مريڙي تي گذران ڪرڻو پيو. نوڪر به ڪو نه هو، رستا به ٻڏل هئا. اهڙين ڏکين حالتن ۾ هڪ غزل لکيائين. هن کاتي ۾ ڪلارڪ مان ترقي ڪري انسپيڪٽر ٿيو. ان دوران هو سنڌ جي جدا جدا هنڌن بوبڪ، ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ۾ رهيو ۽ ذري گهٽ سڄي سنڌ جو سير سفر به ڪيائين. 1924ع تائين سنڌ ۾ سنڌي رڳو مئٽرڪ تائين پڙهي ويندي هئي، ساڳئي سال بي. اي امتحان جي ڪورس ۾ سنڌي آزمائشي طور شروع ڪئي وئي هئي ۽ حيدرآباد واري ڪاليج ۾ بي. اي ڪرائي ويندي هئي. سنڌيءَ ۾ تعليم جو سڄو دارومدار ڪراچيءَ واري ڪاليج ۾ هو. 1924 واري پهرين ٽرم ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو، جيڪو ايم. اي پاس ڪري آيو هو. سو هڪ سئو رپين پگهار تي سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، پر سُتت هو صاحب ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ لاءِ انگلينڊ هليو ويو ۽ ان پوسٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڀيرومل کي آڇ ڪئي وئي. هن جي من جو لاڙو اڳئي علمي ادبي ميدان طرف هو. ليڪچرار واري نئين نوڪريءَ واري پگهار جيتوڻيڪ ان وقت ايڪسائيز کاتي ۾ کيس ملندڙ پگهار کان گهٽ هئي، پوءِ به هن اها آڇ قبول ڪئي. نومبر 1924ع کان ڪراچيءَ جي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. پاڻ لکي ٿو ته ”هڪ سئو رپيا ماهوار پينشن وٺي ايڪسائيز کاتو ڇڏي آيس، جو هيءُ ڪم منهنجي دل وٽان هو. بي. اي جي شاگردن ۾ سنڌيءَ لاءِ چاهه وڌايم ته پوءِ ڪاليج جي سڀني ڪلاسن ۾ سنڌي پيئي ۽ پنهنجي پورهئي کي سجايو سمجهيم“. هن سنڌي ٻوليءَ، سنڌ جي تاريخ، موهن جي دڙي، سنڌي هندن جي تاريخ سان گڏ ناٽڪ، ناول، ٻاراڻو ادب، خاص ڪري ٻاراڻي شاعري وغيره تي پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب لکيائين. پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي چئن ٿنڀن مان هڪ آهي، جن ۾ پرمانند ميوا رام، ڄيٺمل پرسرام ۽ مرزا قليچ بيگ اچي وڃن ٿا. ڀيرومل سنڌي گرامر جي اصولن ۽ قاعدن تي ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ (1925)، پهاڪن ۽ اصلاحن تي ”گلقند“ (1928)، (ٻه ڀاڱا) ڪتاب لکڻ کان سواءِ شاهه لطيف جي ٽن سُرن تي ”غريب اللغات (1907)“ نالي لغت تيار ڪئي. هن 1910 ۾ سماجي ريتن رسمن ۽ هندو مسلم نفرت ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ناول ”آنند سندريڪا“ لکيو (1910)“ ان کان سواءِ ”موهني ٻائي (1917)“ ۽ ”وريل ۽ نعمت (1915)“ سندس مشهور ناول آهن. هن ويدن، مهاڀارت ۽ ٻين ڪتابن کي ڀيٽي تاريخي ڪتاب ”قديم سنڌ“ لکيو، جيڪو 1957ع ۾ ڇپيو. سندس ڪتاب”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ اهم آهي، جيڪو 1931ع ۾ ڇپيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ هن وقت تائين ان جا ڪيترا ڇاپا شايع ڪيا آهن. هن جي ٻين اهم ڪتابن ۾ ”سنڌ جو سيلاني (1923)“، ”لطيفي سير“، ”سنڌ ۽ سنڌيت“، ”سوڍن جي صاحبي“، ”سنڌي هندن جي تاريخ“ (ٻه ڀاڱا)، ”موهن جو دڙو (1933)“ ، ”آزادي جي ڪوڏي“، ”چونڊ نثر ۽ نظم“، ”بهار نثر“، ”دُرو ڀڳت“، ”تير اندازيءَ جي تاريخ“ ۽ ٻيا شامل آهن. ڀيرومل ٻارن جي تعليم ۽ وندر لاءِ ڪيترائي نظم ۽ گيت نه رڳو طبعزاد لکيا، پر انگريزيءَ مان به ترجمو ڪري ڇپايا. اهڙا ڪُل 16 شعر ”نوبهار“ نالي ڪتاب ۾ ڇپيل آهن، جنهن ۾ هن مرزا قليچ ۽ فرمان عليءَ جا ٻه ٻاراڻا گيت به شامل ڪيا آهن. ان کان سواءِ هن ”گولن جا گوندر“ ۽ ”حرص جو شڪار“ شيڪسپيئر جي ٻن ناولن جا سنڌي ترجما ڪري ڇپايا. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”گلزار نظم“ (1909) ۽ ”چونڊ ڪلام“ (1923) پڻ ڇپيل آهن. سنڌ جو هي بي بها عالم ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان لڏي وڃي پوني (ڀارت) ۾ رهيو، جتي 1953ع ۾ وفات ڪيائين.
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي جي باري ۾ ايتري تفصيل پڙهي ڪري دل ڏاڍي خوش ٿئي لاجواب ادا ابو زين توهان جي اهڙي ئي شيئرنگس ته اسان کي موهي وڌو آهي توهان جي اهڙي شيئرنگ جي جيتري به تعريف ڪجي سان گهٽ ٿيندي .
هيڏا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾! ادا فقير صاحب! سلام هجن اوهان کي! ٻيلي هن حقير تي ڪجهه رحم جي نظر ڪريو.! مڃيان ٿو ته واقعي اهو مضمون مون ڪنهن هنڌ تان چوري ڪري اُتاريو آهي، ڇاڪاڻ ته ڀيرومل صاحب جي ان بيان جو حوالو ڏيڻ مون کان غلطيءَ سان وسري ويو آهي. سائين منهنجا! هيءُ مواد مون پنهنجي اداري ۾ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ جيڪو عنقريب ڇپجي مڪمل ٿيندو، اتان ورتو آهي. شايد هاڻي منهنجي غلطيءَ جو ازالو ٿي چڪو هوندو. سائين منهنجا! اهو مواد ”ابو زين“ جو نه پر ”ابو واصف“ جو ڏنل آهي.
ادا ابو واصف واقعي مون کان غلطي ٿئي پر مان به سڄو مضون پڙهيو ان لا۽ ذهن تان ڳالهه لهي وئي هڪ ڳالهه ٻئي ته آهيو ٻئي ابو hall chari ٻيو ته ابو زين فقير کان وسرڻ وارو ئي ناهي shal judy hujeen بهرحال ادا ابو واصف صاحب تمام لاجواب شيئرنگ آهي shal judy hujeen shabashshabashshabashshabash lajwab-sharing sindhsalamatsaathsal