دوستو اوهان سان اڄ هڪ دلچسپ شيئرنگ ڪري رهيو آهيان. دنيا جي هن عجيب ايجاد ذريعي اوهان چاهيو ته هوا ۾ اڏري هوائي جهاز جو مزو وٺو يا وري ڪار وانگر ڪنهن هاء وي يا روڊ تي ڊرائيونگ جو مزو وٺو. ٽيرافوگيا ڪمپني پنهنجي ٽيسٽ ٽرانزيشن مڪمل ڪري ورتي آهي. هن ذريعي اوهان هوا ۾ 115 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان 725 ڪلوميٽر جو مفاصلو بغير ڪنهن وقفي جي ڪري سگهو ٿا. اوهان چاهيو ته روڊ يا ڪنهن هاء وي تي 185 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان 724 ڪلوميٽرن جو مفاصلو بغير ڪٿي ساهي پٽڻ جي طعي ڪري مزو ماڻي سگهو ٿا. گئسولين جي مدد سان هلندڙ هن هوائي جهاز نما اڏرندڙ ڪار جي قيمت ٻه لک آمريڪي ڊالر هوندي ۽ اميد آهي ته 2011 ۾ ئي هن جي پهرين شپمينٽ مارڪيٽ ۾ هوندي.
جواب: جهاز جي ذريعي هوا ۾ اڏرو يا وري ڪار جي ذريعي روڊ جو مزو وٺو ادا بهترين ونڊ پر ادا اسان جي خريد ڪرڻ کان مٿي آهي ڪٿي ادا جيالا وري نيت نه مٽائن
جواب: جهاز جي ذريعي هوا ۾ اڏرو يا وري ڪار جي ذريعي روڊ جو مزو وٺو ادا وساڻ ڪيتري نه افسوس جي ڳاله آهي دنيا هر روز قدم وڌائي اڳتي وڃي پئي ۽ اسانجا حاڪمران صرف دهشتگردي جو نالو هٿ آيو اٿن روز دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن اجلاس ۾ چوندا آهن اسان دهشتگردي جي جهنگ وڙهون پيا اسان کي مال ڏيو ۽ هتي جي عوام اٽي بجلي تيل کنڊ جهڙن موزي مرزن ۾ ورتل آهي شايد هي ملڪ ترقي ڪري ايهي صرف اسانجا خواب رهندا
جواب: جهاز جي ذريعي هوا ۾ اڏرو يا وري ڪار جي ذريعي روڊ جو مزو وٺو ادا سليمان يار هي ڪار هڪ ڏينهن جي رينٽ تي وٺو ته دوستن سان ملاقاتون ڪجن علي علي به مئي جي 5 تائين ڀڄي ويو آهي ان کان به ڦيرو ڀري اچجي!!
جواب: جهاز جي ذريعي هوا ۾ اڏرو يا وري ڪار جي ذريعي روڊ جو مزو وٺو هاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڳالهه مونکي به وڻي آهي پر رقم ڏانهن به ڏسو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ ڏينهن جو ڪرايو ڇا هوندو ان تي به سوچيون، پوء ڪجهه سوچي سگهجي ٿو
جواب: جهاز جي ذريعي هوا ۾ اڏرو يا وري ڪار جي ذريعي روڊ جو مزو وٺو واه سائين واه لاجواب ڪار پلس جهاز آ سٺي شئرنگ آ
جواب: جهاز جي ذريعي هوا ۾ اڏرو يا وري ڪار جي ذريعي روڊ جو مزو وٺو ڇا اشين هن کي ڪاپي ڊائونلوڊ ڪري شڱهون ٿا ۔
جواب: جهاز جي ذريعي هوا ۾ اڏرو يا وري ڪار جي ذريعي روڊ جو مزو وٺو بلڪل اوهان کي ان ڳالهه جي اجازت آهي ته اوهان هي تصويرون ڪاپي ڪيو يا ڊائونلوڊ ڪيو