صدين جو سفر پَلَ ۾ (حصو پهريون) شيخ صعدي جو قول آهي ته جا منزل انسان بندگي جي زريعي سئو سالن کان پوءِ حاصل ڪري سگهي ٿو سا منزل انسانيت جي خدمت ڪري هڪ پل ۾ طعي ڪري سگهي ٿو. اها هڪ حقيقت آهي حقوق العباد تي جيتري انساني فطرت مطفق آهي ان جي مثال دنيا ۾ موجود انساني ڀلائي سان جڙيل ڪيتريون تنظيمون توڙي غير سرڪاري آرگنائيزيشن ڪن ٿيون پيون. اقوامتحده کان ويندي ننڍن ڳوٺن تائين انساني همدردي جي لاءِ پنهنجي ٿانَوَ آهر هر هڪ ماڻهون اوهان کي هن ڪم جي ڪرڻ جو داعي هوندو آهي . ان جي پٺيان انساني رهزنيون به گهڻي قدر ملن ٿيون پر هتي اهو اسانجو موضوع ڪونهي . دراصل مون هي موضوع ڇو کنيو آهي ان جو احوال اوهان جي آڏو پيش ٿو ڪريان.هي واقعوهڪ دوست ٻڌايو آءُ ان جو نالو نه ٿو کڻان ان لاءِ جو هن جو عمل ايترو عظيم آهي جنهن ۾ ڪٿي رياڪاري يا عُجب وغيره جهڙيون سوچون يا خوشامد ان جي عمل کي آلوده نه ڪري. هُن ٻڌقيو ته خيرپور ضلعي ۾ هڪ شخص رهندو آهي خدا تعاليٰ هن کي ٻه ڌيئرون ڏنيون پر ٻئي ڄائي ڄم کان بيمار هيون خبر پئي ته ٻنهي نياڻين کي دل ۾ سوراخ آهن ، هن شخص ٻنهي نياڻين جو علاج ڪراچي جي ڪارڊيو سينٽرمان ڪرايو. ابتدائي آپريشن ٿيا ڪجھ سالن کان پوءِ هڪ نياڻي گُذاري وئي.ان نياڻي جي تڏي تي هن اها ڳالھ منهنجي ڪنهن دوست سان ڪئي ته سائين منهنجي هڪ ٻي نياڻيبه آهي ۽ ان جي دل ۾ به سوراخ آهي. هتان جي ڊاڪٽرن اسان کي جواب ڏنو آهي ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته توهان پنهنجي نياڻي کي چين يا انڊيا کڻي وڃو.۽ جيترو جلدي ٿي سگهي اترو جلدي وڃو ۽ هاڻي ان ننڍڙي کي به پيٽ تي سوڄ ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ سائين مون وٽ ته جو ڪجھ هو ايتري تائين جو مون پاڻ کي غروي رکي ڪري هن محل تائين ڪوشش ڪئي آهي پر هاڻي مون ۾ ايتري سگھ ڪانهي ته آءُ انڊيا يا چين هن نياڻي کي کڻي وڃان. دوست ٻڌايو ته جنهن وقت هن شخص اها ڳالھ ڪئي ٿي ته مون هن جي اندر جي ڪيفيت ۾ عجيب قسم جو اضطراب ڏٺو. هُو ڪنهن ٿڪل ٽٽل شخص جيان جنهن جسم جو پورو زور لڳايو هجي پر هو پنهنجي مقصد تي نه پهچي سگهيو هجي ۽ پنهنجي ناڪامي تي ڪنڌ هيٺ ڪري زمين تي ليڪا ڪڍي حسرت و ياس مان الائي ڪنهن دنيا ۾ غائب هجي واري ڪيفيت هئي . آءُ هن جي هن پريشاني کي عام ماڻهون جيان ٻڌي ۽ هن کي عام ماڻهون جيان دلاسو ڏئي تعزيت ڪري گهر هليو آيس . ڪجھ ڏينهن کانپوءِ آءُ پنهنجا ٻار وٺي ڪراچي آيس ته هتي اڳين ڏينهن جڏهن آءُ آفس کان گهر پهتس ته منهنجي ننڍڙي کي ڏاڍو بُخار هو گهر واري چيو ته الائي ڇو هن کي بخار اچي ورتو آهي ڪا سمجھ نه ٿي اچي ته هي ٻه يا چار ڪلاڪ پهريان ته بلڪل ٺيڪ هو اچانڪ هن کي بخار نڪتو آهي. مهيني جا آخري ڏينهن ها مون وٽ ايترا پيسا ڪو نه ها جو آءُ ننڍڙي کي اسپتال کڻي وڃان . آءُ اسٽور تي ويس ۽ وڃي بخار جو سيرپ وٺي آيس. ننڍڙي کي سيرپ پيارڻ کان پوءِ ٿوري دير لاءِ آرام آيو . رات جو ڪو پهر هو ته جڏهن منهنجي اک کُلي مون ننڍڙي کي هٿ لائي ڏٺو ته سندس جسم ٻري ٿو مون گهرواري کي اٿاريو اسان ٻئي اٿياسون گهرواري کان پڇيو پيسا گهڻا آهن هُن ٻڌايو ته پنج سو ۽ ڪُجھ روپيا آهن. گهرواري کي چيو ته هن وقت رات جا ٽي ٿا ٿين پيا ڪو ننڍو ڊاڪٽر به ڪون هوندو ڇا ڪجي ته، اسپتال هلڻ جيترا پيسا به ڪونهن. گهر واري چيو ٻيو ته ڪجھ به ڪونهي هي زيور آهن کڻ ته هلي ٿا في الحال ڪنهن اسپتال ۾ رکون پوءِ سڀاڻي هن کي کپائي ان جا پيسا اسپتال کي ڏينداسين. اسان حضور شرم ماڻهون ڪنهن دوست کي به نه پيو چوان نه ڪنهن پاڙي واري کي چوڻ جو خيال آيو مون زيور کنيو اسان اتان سو روپي ۾ ٽيڪسي ڪري اچي لياقت نيشنل اسپتال پهتاسين. اسپتال جي ان وقت واري انچارج کي چيو سائين ٻيا پيسا ته ڪونهن هي سون آهي جي اوهان في الحال رکو ۽ منهنجي ننڍڙي جو علاج ڪريو صبح جو آءُ پيسن جو بندوبست ڪري توهانکي ڏيندس. ان ايڊمن آفيسر مونکي ڏسي چيو ته نه توهان هي رکو آءُ اوهان جي ضمانت ڪاغذن ۾ ڏيان ٿو توهان صبح جو پيسا جمع ڪرائجو. هاڻي جڏهن اسان ٻئي زال مڙس ننڍڙي سان گڏ ويٺا ها سون ته مون کي ان همراه جنهن جي ڌي هڪ ڌي گزاري وئي ۽ ٻي کي موت جو انتظار هو. مون هن جي حالت تي غور ڪرڻ شروع ڪيو . منهنجو ننڍڙو جنهن کي بخار هو جنهن کي هڪ پل به آءُ هن حالت ۾ ڏسي نه ٿي سگهيس سون هو ته اهو به کڻي ۽ اچي اسپتال ۾ جمع ڪرايم ته هُن شخص تي ڇا گذرندي هوندي جنهن جي نياڻي هن جي سامهون ڪيڏي مشڪل سان جيئي ٿي، هي ان نياڻي لاءِ ڇا نه سوچيندو هوندو هن کي رات جو ننڊ ڪيئن ايندي هوندي ، هن جي ڪَرِوٽ ڪروٽ ڪيڏي نه بي چيني ۽ بي آرامي هوندي . ڇا هو پنهنجي نياڻي جي اکين ۾ اکيون ملائي سگهندو هوندو . توها يقين ڪيو ته منهنجي باقي مانده رات انهن سوچن ۾ ائين گُزري وئي جو مونکي ان وقت خبر پئي ته رات گزري وئي آهي جڏهن مولوي صاحب آذان ڏني ۽ مون پهريون ڀيرو هڪ مقصد کڻي مسجد ۾ پير پاتو جڏهن مون نماز ختم ڪئي ته آءُ الائي ڇو بي اختييار ٿي روئڻ لَڳُسُ ته يا الله مونکي همت ڏي ته آءُ ان همراه جي ڪا مدد ڪري سگهان روئيندي روئندي مون اهو پاڻ سان عهد ڪيو ته مان اها ڪوشش ڪندس ضرور. جڏهن آءُ اهو فيصلو ڪيو ته اهو ڪم مونکي ڪرڻو آهي يقين ڪريو آءُ ايڏو پُرسڪون ٿي ويس جا ڪيفيت آءُ الفاظن ۾ بند نه ٿو ڪري سگهان .جڏهن همراه کي فون ڪيو ته ادا توهان جو خرچ ڪيترو ايندو ته ان چيو سائين باقي سڄو خرچو وارا ڪن ٿا peace hospital اسان کي صرف انڊيا ۾ پنهنجي رهائش جو ۽ هتان جي وڃڻ جو بندوبست ڪرڻو آهي پاسپورٽ وغيره ٺهرائڻا آهن انهن تي ڪُلُ خرچ اسي هزار کن ايندو مون هن کي چيو تون پنهنجا پيپر مون ڏي موڪل آءُ ڪوشش ٿو ڪريان پوءِ الله مالڪ آهي (جاري) (جڏهن ان همراه پيپر موڪليا ته اهي پيسا ڪيئن گڏ ٿيا ان جو احوال ڳين قسط ۾ ڏيداسين انشاءِ الله )
جواب: صدين جو سفر پَلَ ۾ (حصو پهريون) انشاءِ الله سائين جلد اهو ڪم پورو ٿيندو جي حال حيات رهيا سين دعائن ۾ گڏ ۔ وسلام